سهڻي صلاح
ان ڏينهن جيئن ئي هو ٻئي هوٽل ۾ داخل ٿيا ته لوٽي سندس ويهڻ سان ئي چيو، ”اڄ جي تازه خبر.“ اڪبر ۽ جلال هن ڏي سواليه انداز ۾ ڏسن ٿا. لوٽو سندن سامهون جهڪي ڄڻ زارداريءَ جي انداز ۾ ٻُڌائي ٿو، ”هيءُ هوٽل بند ٿيڻ واري آهي“
”ڇو!؟“ اڪبر ۽ جلال هڪ ئي وقت پڇن ٿا.
”سيٺ جو چوڻ آهي ته هڪ هوٽل ننڍي، ٻيو وري بي روزگارن کانسواءِ اديب شاعر اچي، هڪ چانهه تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪرسيون ٿا ڀڃن.“
ٻئي کلڻ لڳن ٿا. ”پر اها ڪا نئين خبر ته ڪانهي... پراڻي آ.“ اڪبر کلندي چئي ٿو، ”پنجن سالن کان اُها ڳالهه ڪندو ٿو اچي. تون پريشان نه ٿي.“
”سائين سچي ڳالهه ٻڌايانوَ“ لوٽو ٻين گراهڪن کي اٽينڊ ڪري، ويجهو ايندي، ”مان ته هن هوٽل جي نوڪريءَ مان بيزار ٿي پيو آهيان، ٻئي هنڌ ڪا پڪي نوڪري ملي وڃي نه، ته ڏاڍو ڀلو ٿئي.
”شڪر ڪر لوٽا جو هي نوڪري به اٿئي“ جلال سمجهائيندي
”شڪر آهي سائين... پر هي روز روز جا هنگاما، هڙتالون، گڙ ٻڙ اسان جهڙن کي ته ماري ٿي وجهي، ٻه ڏينهن ڪمايون ٿا ته چار ڏينهن بک تي“ لوٽي ڄڻ ڏُک جي انداز ۾ چيو.
”ها يار... چئين ته سچ ٿو“ جلال ڪنڌ لوڏي چيو، ”غريب ماڻهو ڪري ته آخر ڇا ڪري.“
اڪبر هڪدم چيو، ”اُهو سڄي سياسي بدمعاشي جو نتيجو آهي.“
”ها، پر اسان ڇا ڄاڻون سياست مان“ لوٽو سنجيدگيءَ سان چئي ٿو، ”ڪير اچي ٿو... ڪير وڃي ٿو... ڇو ٿو اچي... ڇو ٿو وڃي، وڃي ڌوڙ پائن. اسان ته اهڙا ئي اهڙا، اسانجو واسطو ته روزي روٽيءَ سان آهي نه.“ لوٽو گراهڪ کي اٽينڊ ڪرڻ وڃي ٿو.
جلال، لوٽي ڏانهن نهاريندي، ”چئي ته سچ ٿو، هي سياست به ڄڻ هڪ ڌنڌو ٿي پئي آهي.“
”ٻيو نه ته ڇا“ اڪبر ڪنڌ لوڏيندي، ”هاڻي ته سياست ۽ ميڊيا ڪرمنلز جي ڄڻ ته پناهه گاهون ٿي پيون آهن، ڪرمنلز يا ته اسيمبليءَ جي آڙ ۾ پاڻ کي بچائي ٿا وٺن يا ڪا اخبار، رسالو، ڪو چئنل کولي ويهي ٿا رهن.“
لوٽو گراهڪن کان واندو ٿي هنن جي ڀرسان ايندي، ”هاڻي اوهان لاءِ چانهه آڻيان.“
”اڙي لوٽا تنهنجو خير هُجي، بلڪل هاڻي چانهه جو موڊ ٺهي ٿو.“
”سائين هڪ ڳالهه چوان؟“
”ها... ها... چئه نه.... شرمائين ڇو ٿو.“
”سائين مون کي آئينده لوٽو نه چوندا ڪريو.“ لوٽو گذارشانه انداز ۾ چئي ٿو. ٻئي کلندي لوٽي ڏي ڏسن ٿا، پر لوٽي جي معصوميت ڏسي جلال چوي ٿو، ”تُنهنجي مائٽن تُنهنجو نالو ئي لوٽو رکيو آهي ته پو....“
”نه سائين...“ لوٽو هڪدم چئي ٿو، ”مائٽن ته مُنهنجو نالو شهزادو رکيو هو... پر“
”پر ڇا“ ٻئي هن ڏانهن ڏسن ٿا.
”پر زماني جي گردشن مون کي شهزادي مان لوٽو بنائي ڇڏيو.“ لوٽو ڏُک جي اندروني ڪيفيت مان، ”لوٽو ته ڏاڍو خراب نالو آهي نه.“
”ها بلڪل... لوٽا ته سياستدان ٿيندا آهن، جنهن جي Toilet ۾ مفاد ڏسندا آهن، ان ۾ گهڙي ويندا آهن.“
”آ آ آ غ....“ لوٽو ڄڻ الٽي ڪرڻ جي انداز ۾ چئي ٿو.
لوٽي جي ائڪشن تي ٻئي کلن ٿا، پوءِ اڪبر چئي ٿو، ”ٺيڪ آهي، اڳتي توکي شهزادو سڏينداسين.“
”بلڪل.“ جلال زور ڏئي چيو، ”اسان توکي شهزادو سڏينداسين ته ديکا ديکي ٻيا به توکي تُنهنجي نالي سان سڏيندا.“
”ته پوءِ ان خوشيءَ ۾ اڄ چانهه مُنهنجي طرفان“ لوٽو خوش ٿي ”بلڪل نه.“ اڪبر زور ڏيندي، ”چانهه اسان پنهنجي پئسن سان پيئنداسين“ اڪبر ٿوورو پري ويٺل هڪ جهوني ڏي نهاريندي، ”اڄ چانهه سان گڏ اُها فلمي اخبار به آڻي ڏي ته وه وا.“
”ها يار....“ جلال کلندي، ”اڄ اسان به ڪُجهه موڊ ۾ آهيون. نوڪرين جا اشتهار ڏسي ڏسي بور ٿي پيا آهيون.“ کلندي اک ڀڃي، ”اڄ ته ڪي چڱا چهرا ڏسون. آخر اسان جي سيني ۾ به دل آهي.“
”پر اهو جهونو فلمي اخبار جي پچر ڇڏيندو ته آڻيندس نه“ لوٽو کلندي چوي ٿو، ”ڪڏهن ڪڏهن ته جهونو اخبار ويڙهي کيسي ۾ وجهي هليو ويندو آهي.“
”ته پو اٿ ته هلون“ اڪبر اٿي بيهندي جلال کي، ”.... اڄ هلي ٿا جهوني سان ڪچهري ڪيون.“
جلال کلندي اٿي، ”ها، تجربيڪار ٿو لڳي. من ڪا سهڻي صلاح ڏئي وجهي.“ ٻئي جهوني ڀرسان اچي، ”اسلام عليڪم!“
جهونو، جيڪو بالي ووڊ اداڪاره ملڪه شراوت جي اڌ اگهاڙي تصوير کي اکين ئي اکين ۾ کائي وڃن جي انداز ۾ ڏسي رهيو هو تنهن ڄڻ ڇرڪ ڀري هنن ڏانهن ڏٺو، ”....!؟...!؟... اوهان ڪُجهه چيو!؟“
”اسان هتي ويهي سگهون ٿا“
”ها... ها... ڇو نه“ جهوني خوش دليءَ سان چئي هنن کي ويهڻ جو اشارو ڪندي، اخبار جهوليءَ ۾ رکي ٿو.
”مهرباني چاچا“ جلال ويهندي چيو.
”ڇا!؟... ڇا چيئي...چاچا...“ جهوني ناگواريءَ مان کين گهوريندي، ”مان توکي چاچو ٿو لڳان!؟!“
”هائو نه چاچا سائين“ اڪبر ادب سان، ”اوهانجا ٻچا آهيون“
”وري چاچا...“ جهونو کين گهوري ٿو ۽ پوءِ کلندي، ”مُنهنجي ته اڃان شادي به ڪانه ٿي آ“
”چ...چ....چ“ جلال همدرديءَ مان، ”ڇو ڪو سڱ نه مليو ڇا؟“
”سڱ وري ڪٿان ملندو“ جهوني ڏک مان چيو، ”اڃان ته نوڪري ئي ڪانهي ملي ته پو ڇوڪري ڪٿان ايندي.“
”ڇا...!؟...!؟...“ ٻئي حيرت مان هن ڏي نهارين ٿا.
”ته ڇا اوهان سڄي عُمر نوڪريءَ جي انتظار ۾ گذاري ڇڏي آ!؟!“
”ٻيو نه ته ڇا...“ جهونو هڪ آهه ڀري ٿو ۽ پوءِ اخبار سندن آڏو ڪندي، ”هاڻي ته هنن اداڪارائن جي فوٽن کي ڏسي پنهنجي جوانيءَ پيو ياد ڪيان“
”اوه...“
”اوهان به مون وانگر نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهيو نه.“
”ها نه سائين“ اڪبر ادب سان، ”دعا ڪيو ته ڪٿي اٽڪي پئون.“
”هاڻي دعائن کان ڪم چڙهي ويو آهي“ جهوني سنجيدگي سان چيو، ”هن ملڪ ۾ ان جي اميد نه رکو.“
”ته پو ڇا ڪيون... ڪا صلاح ته ڏيو نه.“
”ها...“ جهوني ٻنهي ڏي ڏسي، ٿورو اڳتي جهڪي ڄڻ زارداريءَ جي انداز ۾ چوي ٿو، ”مان هاڻي هن عمر ۾ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته“
”ڪهڙي نتيجي تي!؟؟“
جهونو هيڏي هوڏي نهاري ساڳئي انداز ۾، ”نوڪري ٻوڪريءَ جي چڪر ۾ اجايو پنهنجو وقت، انرجي ۽ عمر ٿا وڃايو مُنهنجي هٿن مان ته نڪري ويو. پر اوهان وٽ اڃان به وقت آهي.“
”ها... ها... ٻُڌايو نه ڇا ڪرڻو آهي.“ ٻئي ڄڻا اتساهه مان چون ٿا
”مُنهنجي صلاح مڃو.“ جهونو بزرگانه انداز ۾ چوڻ لڳو، ” مُنهنجي صلاح مڃو ته، جيتري محنت اوهان نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ٿا ڪيو. ايتري محنت سان ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي ڌيءُ يا ڪا امير بيواهه ڦاسائي وجهو ته سڀ ٻيڙا پار ٿي ويندا.“
”ڇا!؟!....!!...؟؟“ ٻئي ڄڻا جهوني ڏي نهارين ٿا ۽ جهونو فلمي اخبار ويڙهي، کيسي ۾ وجهي وڃڻ لڳي ٿو.