واپسي
پر هو دوستن جي ڳالهين کي مسڪرائي ٽاري ڇڏيندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن هن کي به شڪ پوندو هو ته، ”ڪٿي هو فرشتو ته ناهي“ پر وري پنهنجي سوچ تي پاڻ ئي کلي ويهندو هو. جو کيس خبر هُئي ته فرشتن ۽ انسانن ۾ وڏو فرق آهي. انسانن ۾ فرشتن جهڙيون خصلتون ته ٿي سگهن ٿيون، پر فرشتن ۾ انسانن جهڙيون خصلتون ڪونه هونديون آهن. جو انسان، فرشتن ۽ شيطان جي وچ ۾ Sandwich وانگر هوندو آهي. ڪنهن مهل به بدلجي سگهي ٿو. هُن ٻُڌو هو ۽ ڪٿي پڙهيو به هو ته، انسان جيستائين سٺا عمل ڪندو رهندو تيستائين سندس چهري تي تازگي رهي ٿي، پر جڏهن هُو ڪي بُرا عمل ڪري ٿو ته سندس چهري جي تازگي مرجهائجڻ لڳندي آهي ۽ هن جي چهري جي خوبصورتي، بدصورتيءَ ڏانهن مائل ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. تنهن ڪري هن جي هميشه اُها ڪوشش هوندي هُئي ته هو هميشه ٽڙيل گل وانگر رهي، پاڻ کي ۽ ٻين کي ان جي خوشبوءَ سان همڪنار ڪندو رهي. اُهو ئي سبب هو جو هو روزانو گهر کان نڪرڻ ۽ وري گهر واپس اچڻ تي آئيني جي سامهون بيهي پنهنجو پاڻ کي ڏسندو هو ته ڪٿي غلطيءَ سان يا لاشعوري طرح هن کان ڪو اهڙو عمل ته نه ٿيو آهي جيڪو هن جي چهري جي تازگيءَ کي متاثر ڪري.
ان ڏينهن هن سان هڪ عجيب حادثو ٿيو. ان ڏينهن روز جيان آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي، آئيني جي سامهون بيهي، هر Angle کان پاڻ کي چيڪ ڪري وڃڻ لڳو ته سندس پورن ڏينهن تي پهتل ڳورهاري زال صائمه چيو ته، ”ڪيڪ ٻاهران نه آڻجو. اڄ مان، توهان لاءِ پنهنجي هٿن سان ڪيڪ ٺاهينديس.“ هن مسڪرائي پيار مان صائمه ڏانهن نهاري ڪنڌ لوڏيو، ”O.K.... جيئن تُنهنجي مرضي.“ ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويو ۽ صائمه گهر جي ڪم ڪارن کان فارغ ٿي هن لاءِ ڪيڪ ٺاهڻ جي تياري ڪرڻ لڳي جو اڄ هن جي سالگرهه هُئي.
شام جو آفيس کان موٽندي صامئه لاءِ سوٽ ۽ ٻارن لاءِ ٽافيون وغيره وٺي، گهر ۾ داخل ٿيو. هٿ ۾ جهليل شاپنگ بئگ ٽيبل تي رکي، هيڏي هوڏي نهاريو ۽ سامهون رکيل صائمه جي ڏاج ۾ مليل ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني ۾ نهاريو، ”اڙي!.... هي ڇا!؟“ آئيني ۾ پنهنجو عڪس نه ڏسي هن جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون. هن هڪدم ٻنهي هٿن سان اکين کي صاف ڪري وري آئيني ۾ نهاريو، پر وري به هن کي پنهنجو عڪس نظر نه آيو، پريشان ٿي هن آئيني کي صاف ڪري ڏٺو پر پوءِ به پنهنجو عڪس نه ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو، ”مُنهنجو عڪس ڪاڏي ويو.... مان.... مان آهيان به يا ناهيان“ سوچي، پنهنجي پوري جسم تي هٿ ڦيري، پنهنجي ڪرائي تي هڪ زوردار چهنڊڙي ڀري ٿو ته سندس وات مان هلڪي سور جي دانهن نڪري وڃي ٿي.“ مان ته ٺيڪ آهيان... پر مُنهنجو عڪس!!؟؟؟“ هو واري واري سان گهر ۾ لڳل سڀني آئينن ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پو به کيس پنهنجو عڪس نظر نه ٿو اچي ته پريشان ٿي ڪچن ڏانهن وڌي ٿو، جتي صائمه هن جي سالگرهه لاءِ ڪيڪ جي تياريءَ سان گڏ، ڪباب، سموسا وغيره تيار ڪري رهي هُئي.
صائمه پنهنجي ڪم ۾ مصروف هُئي ۽ هو خاموشيءَ سان اچي ڪچن جي در تي بيهي ٿو. صائمه اوون ۾ رکيل ڪيڪ کي چيڪ ڪري جيئن ئي پٺي ورائي ته هن کي در تي بيٺل ڏسي مسڪرائي ٿي، ”اوهان اچي ويئو.“
صائمه جي مسڪرائڻ ۽ ڳالهائڻ مان هن کي اطمينان ٿيو ته ”مان آهيان، پر مُنهنجو عڪس!؟“ اهو ئي سوچي پيو ته صائمه چيس، ”اوهان هلي فريش ٿيو. مان چانهه ٺاهي ٿي وٺان.“ هو واپس ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳي ٿو ته سندس ٻار، سني ۽ ٻيلي پاڙي واري مسجد مان مولوي صاحب کان قرآن پاڪ جو درس وٺي اچن ٿا ۽ هن کي سلام ڪري پنهنجون ٻانهون سندس ڳلي ۾ وجهي کيس جنم ڏينهن جي Wish ڪن ٿا ته هو به ٻارن کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري خوشي ۽ گرم جوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو، پر سندس ذهن ۾ اهو ئي سوال ته ”هي سڀ مون کي ڏسن ٿا، مون سان ڳالهائين ٿا ته پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي ڇو نه ٿو ڏسي سگهان!؟ مُنهنجو عڪس ڇو نه ٿو اچي!!؟؟“ پريشانيءَ مان بيڊ روم ۾ اچي ويهي ٿو. ٻار پنهنجي ڪمري ۾ هليا وڃن ٿا. ٿوري دير کان پوءِ صائمه هن لاءِ چانهه کڻي اچي ٿي. چانهه وٺندي هو صائمه ڏانهن Thanks جي انداز ۾ نهاري ٿو. صائمه سندس چهري جا ڀاؤ ڏسي ٿي، جتي کيس هلڪي اڻ تُڻ جا آثار نظر اچن ٿا ته هُوءَ پڇي ويهي ٿي، ”ڇا ڳالهه آ.... ڪهڙي سوچ ۾ آهيو، سڀ ٺيڪ آ نه...“
”هونهه!...“ هو صائمه جي آواز تي چونڪي هڪدم پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائيندي، مسڪرائي، ”سڀ ٺيڪ آ جانو.... ڪُجهه ٿڪاوٽ آهي.“
”ته پوءِ ٺيڪ آ....“ صائمه ويندي چوي ٿي، ”اوهان ڪُجهه دير آرام ڪري وٺو ته پوءِ ڪيڪ ڪاٽينداسين.“ صائمه هلي وڃي ٿي. چانهه پيئندي هن جي ذهن ۾ اهو ئي سوال اڀري رهيو هو ته، ”مُنهنجو عڪس ڪٿي آ.“ هو من ئي من ۾ سوچي ٿو، ”آئينا ته ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا.... ته پو مُنهنجو عڪس ڇو نه ٿو ڏيکاري؟؟“ ايتري ۾ سني ۽ ببلي ڪمري ۾ اچن ٿا ۽ سندس سامهون ويهي رانديڪن سان کيڏڻ لڳن ٿا ۽ هو سندن عڪس آئيني ۾ ڏسي ٿو پر پنهنجو عڪس نظر نه ٿو اچيس، ”اف الله.... هي مون سان ڇا ٿي رهيو آهي“ هو پنهنجي ذهن تي وڏو بوجهه محسوس ڪري ٿو ۽ ائين ئي ڪنڌ صوفه جي ٽيڪ تي لاڙي اکيون بند ڪري ٿو ڇڏي. ٿوري دير کان پوءِ صائمه اچي کين ڊرائينگ روم ڏانهن هلڻ لاءِ چوي ٿي. ٻار هڪدم ”هي.... هي“ ڪندا ڊرائينگ روم ڏانهن ڀڄن ٿا ۽ هو به صائمه سان گڏ ڊرائينگ روم ۾ اچي ٿو جتي ٻار اڳ ۾ ئي ڪيڪ ڪٽجڻ جو انتظار ڪري رهيا هُئا.
Happy Birth Day جي گونج ۾ هن ڪيڪ ڪاٽيو ۽ هڪ ٽڪرو کڻي واري سان سني ۽ ببليءَ جي وات ۾ وجهي ٿو، ان وچ ۾ صائمه موبائل تي تصويرون ڪڍندي رهي ٿي، ٻارن کي ڪيڪ کارائڻ کانپوءِ ڪيڪ جو هڪ ننڍڙو ٽڪر کڻي صائمه جي وات ۾ وجهي ٿو ۽ صائمه ٿورو چڪ هڻي باقي بچيل ڪيڪ هن جي وات ۾ وجهي ٿي.
”ڪيڪ ڪئين ٺهيو آ.“ صائمه اتساهه مان پڇي ٿي جو هن اهو ڪيڪ پهريون ڀيرو ٺاهيو هو.
”Wow.... زبردست“ ٻار ۽ هو هڪ آواز ٿي تعريف ڪن ٿا ۽ صائمه خوش ٿي، آ داب عرض جي انداز ۾ هٿ لوڏي ”ٿئنڪ يو... ٿئنڪ يو“ چئي ٿي ۽ پوءِ ٽيبل تي رکيل ٻين کاڌي جي شين ڏانهن هٿ وڌائين ٿا. فارغ ٿي، ٻار موبائل تي ورتل تصويرون ڏسڻ لڳن ٿا. هو به موبائيل تي نظر وجهي ٿو، ”اڙي هي ڇا“ کيس اسڪرين تي ٻين جا فوٽو ته نظر اچن ٿا پر پنهنجو فوٽو نه ڏسي وڌيڪ پريشان ٿي وڃي ٿو. ”.... ڇو؟....؟؟؟....ڇو؟؟“ هو آرام ڪرڻ جو بهانو ڪري بيڊ روم ڏانهن هليو وڃي ٿو. آئيني جي سامهون ويندي کيس ڄڻ ڊپ لڳي ٿو. تنهن ڪري ڪمري جي لائيٽ آف ڪري ڇڏي ٿو. کيس طرح طرح جا وهم ۽ وسوسا وڪوڙي وڃن ٿا. اوچتو هن کي خيال اچي ٿو ته ”ڪٿي ذهن جي ڪا Nerve ته Damage نه ٿي آ.“ اهو خيال ايندي ئي هو اُمالڪ ٽپ ڏئي اٿي ويهي ٿو، ”ڊاڪٽر.... ها.... مون کي ڪنهن نيورو ”فزيشن سان ملڻ گهرجي.“ اهو فيصلو ڪري هُو چپ چاپ گهر کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
ٻاهر زندگي نارمل انداز ۾ هلي رهي هُئي. گهٽين ۽ شهر ۾ هلندي کيس محسوس ٿئي ٿو ته ماڻهو هن کان ڄڻ لاتعلق هُجن، رستي ۾ هڪ ٻه واقفڪار ڏسي هو انهن ڏانهن وڌي Hello ڪري ٿو پر ڪوبه رسپانس نه ٿو مليس، کيس ائين لڳو ڄڻ هنن، هن کي ڏٺو ئي ڪونهي. هر ڪو پنهنجي موج مستيءَ ۾ مگن ۽ هو حيرت مان اکيون ڦاڙي سڀني ايندڙ ويندڙن ڏانهن نهاريندو رهي ٿو. پوءِ اچانڪ هن جي ذهن تي هڪ خيال وڄ جيان ڪري ٿو، ”ڪٿي... ڪٿي مان روح ته ناهيان!!؟؟ پر روح ته مري ويل ماڻهن جا هوندا آهن... مان ته... مان ته جيئرو جاڳندو انسان آهيان.“ هو پاڻ کي چهندڙي پائي ٿو، ”آهه“ سور سبب سندس وات مان هلڪي دانهن نڪري ٿي وڃي. ”هي سڀ ماڻهو پاڳل آهن....“ سوچي پنهنجي گهر ڏانهن ڀڄڻ لڳي ٿو، ”نه.... نه .... مان روح ناهيان... مان... مان انسان آهيان... جيئرو جاڳندو... دل ئي دل ۾ سوچيندي، سهڪندي سهڪندي پنهنجي گهر ٻاهران پهچي ٿو ته هن جي پيرن کي ڄڻ بريڪ لڳي ٿا وڃن. هن ڏٺو سندس گهر ٻاهران شاميانو لڳل آهي ۽ ماڻهو مغفرت لاءِ دُعائون گهري رهيا آهن ۽ گهر اندران روڄ راڙي جا آواز اچي رهيا آهن. تڏهن هن جي ذهن مان ڄڻ ٺڪاءَ نڪري ويا ۽ هن کي ياد اچي ويو ته شام جو آفيس کان موٽندي، صائمه لاءِ سوٽ ۽ ٻارن لاءِ ٽافيون وغيره وٺي گهر اچي رهيو هو ته اوچتو رانگ سائيڊ کان ايندڙ گاڏي هن کي ٽڪر هڻي وئي هُئي ۽ پوءِ هن کي هوش نه رهيو هو. هو حيرت مان اکيون ڦاڙي اهو لقاءُ ڏسندو رهيو پر ڪير به هن ڏانهن متوجه نه ٿيو. ايتري ۾ اوچتو ”مبارڪ... مبارڪ“ جي آوازن سان گڏ گهر اندران هڪ نئين ڄاول ٻار جي زور سان روئڻ جا آواز اچڻ لڳن ٿا. هن جي چهري تي ڄڻ خوشيءَ جي لهر اچي وڃي ٿي ۽ هُو اتي ئي سجدي ۾ ڪري پئي ٿو، ”شڪر آهي مان جيئرو آهيان.“