الف ب جو قسم
”اوهان جي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ خطرا وڌندا ٿا وڃن ۽ اوهان کي ڊپ آهي ته ڪٿي سنڌي ٻولي ختم نه ٿي وڃي.“ هن مرڪي، نوجوانن ڏانهن نهاريو، ”ڪوشش ته اُها ڪئي پئي وڃي پر...“ هن اونهو ساههُ کنيو ۽ سامهون ديوار تي ٽنگيل سنڌ جي نقشي ڏانهن نهاري گنڀيرتا سان چوڻ لڳي ٿو، ”جيستائين ڪنهن به ٻوليءَ ۾ سهرا، لاڏا، ڳيچ، ڏور، پروليون، لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون، لوريون ۽ ڪلاسيڪل گاريون زنده آهن، تيستائين قوم ۽ ٻولي به زنده آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن قوم کان سندس ٻولي کسي وڃي ته ڄڻ ان قوم جو وجود ئي ختم ٿي وڃي ٿو.“ ساهي پٽي نوجوانن ڏانهن ڏسندي، ”سنڌي ٻولي توراريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي لحاظ کان مالا مال آهي ۽ پنهنجي وسعت سان هزارين سالن کان موجود آهي.“ سامهون ٽيبل تي رکيل پاڻيءَ جي جڳ ۽ گلاس ڏانهن هٿ وڌائي ٿو ته هڪ نوجوان اٿي، پاڻيءَ جو گلاس ڀري، ادب مان هن ڏانهن وڌائي ٿو. ”مهرباني“ ڪامريڊ گلاس وٺي ٻه ٽي ڍُڪ ڀري گلاس رکندي، ”تاريخ گواهه آهي ته سنڌ تي ڪيترائي حمله ٿيا، ڪيتريون ئي استحصالي قوتون آيون، ڪتب خانه ۽ تعليمي درسگاهون، ساڙيا ويا پر ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهن جي خمير ۾ ٻوليءَ سان اٿاهه پيار ۽ ٻوليءَ لاءِ مرڻ جيئڻ جو جذبو هميشه موجود رهيو آهي. تنهنڪري سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي اڄ به زنده سلامت آهي ۽ پنهنجي بقا جي جنگ، هر قدم تي وڙهي، پنهنجو وجود برقرار رکي سگهي آهي... ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۾ کُتل آهن ۽ سنڌي ماڻهن جي شعور ۽ لاشعور ۾ ان جي حفاظت ڪرڻ جو نه رڳو جذبو، پر جوش ۽ جنون موجود آهي.“
”اوهان جي خيال ۾ قومي ٻولي لاءِ ڪهڙآ ماڻ هجڻ گهرجن؟“ هڪ نوجوان ادب مان پڇيو، ”ڇا سنڌي ٻولي انهن ماڻن تي نه ٿي لهي جو ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ٿو وڃي!؟“ سندس سوال ٻُڌي ڪامريڊ ڪنڌ لوڏي ٿو“ ٻولي ڪنهن به قوم جي ريتن، رسمن، رواجن، ثقافت، نفسيات، تاريخي ۽ جاگرافيڪل حالتن جي حوالي سان، ان قوم جي سڃاڻپ هُجي ٿي، جيڪا ئي ان قوم جي قومي ٻولي هُجي ٿي... قومي ٻوليءَ جي حيثيت اهڙي ٻوليءَ کي ڏئي سگهجي ٿي، جيڪا سڄي قوم جي ٻولي هُجي، جنهن کي پنهنجي ڌرتي، تهذيبي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثو هُجي. اُهي ئي قومي ٻوليءَ جا ماڻ آهن.“ ڪامريڊ گلاس ڏانهن هٿ وڌائي کڻي ٿو ۽ خشڪ ٿيل زبان کي آلو ڪرڻ لاءِ ٻه ڍُڪ پاڻي پي گلاس رکندي، ”بدقسمتيءَ سان پاڪستان، هڪ قومي نه، پر گهڻ قومي وفاق آهي، جتي هونءَ ته کوڙ ساريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون پر وفاق ۾ شامل يونٽن يا رياستن ۾ جيڪي ٻوليون ڪثرت سان ڳالهايون وڃن ٿيون، اُهي سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتون ۽ سرائڪي آهن جن وٽ پنهنجي ڌرتي، تاريخ، تمدن، تهذيبي ۽ ثقافتي قدر موجود آهن. ان کانسواءِ ڳالهائجندڙ ٻيون ٻوليون به قابل احترام آهن جن جي حيثيت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.“
”ته پوءِ ٻولين جي مسئلي تي ڪن لاٽار ڇو ٿي ڪئي وڃي؟“ ٻئي نوجوان سوال ڪيو، ”اهو ته انهن قومن جو حق آهي“، ”ها بلڪل.“ ڪامريڊ ڪنڌ لوڏي نوجوانن ڏانهن نهاريندي، ”پاڪستان نالي واري ملڪ صوبن يا رياستن کي ڪنهن جنگ ذريعي فتح نه ڪيو آهي، پر رياستون رضاڪارانه طور پاڪستان ۾ شامل ٿيون هيون ته جيئن نئين ٺهندڙ آزاد ملڪ ۾ پنهنجي حقن سميت آزاديءَ سان رهي سگهن..... اُهي رياستون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به هزارين سالن کان پنهنجي ورثي ۽ شاهوڪار ٻولين سان وجود رکندڙ هيون... ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته پاڪستان ٺهڻ سان ئي انهن صوبن/رياستن جي ورثي جي حفاظت ڪندي، انهن جي ٻولين کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏني وڃي ها.... پر افسوس...“ ڪامريڊ جي چهري تي هلڪي ڪاوڙ ۽ ڏُک جي ڪيفيت ظاهر ٿيڻ لڳي ٿي، ”.... ائين نه ڪيو ويو ۽ وفاقيت جي نالي ۾ رياستن جي ٻوليءَ کي نظر انداز ڪري، هڪ اهڙي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جي نالي ۾ رياستن مٿان مڙهيو ويو جنهن کي نه رڳو پنهنجي ڌرتي ڪانه هُئي پر ان جي ڳالهائيندڙن جو تعداد به اٽي ۾ لوڻ برابر هو.“ ڪامريڊ ٿڌو ساهه کڻي ٿو ۽ وري چشمو لاهي قميص جي دامن سان صاف ڪري، ساڳئي دامن سان ڀنل اکيون صاف ڪري ٿو. نوجوان هن ڏي ڏُک مان نهاريندا رهن ٿا. ڪامريڊ چشمو پائي جذباتي انداز ۾ چئي ٿو، ”اُها مقامي قومن ۽ ٻولين خلاف هڪ وڏي سازش هُئي، خاص ڪري سنڌ جي حوالي سان ڳالهائجي ته اُها سنڌ ۽ سنڌين خلاف گهنائوني سازش، سوچيل سمجهي منصوبي تحت 1947ع کان، اڃان به ان کان ڪُجهه اڳ شروع ڪئي وئي هُئي، جنهن کي اسانجا سنڌي ليڊر سمجهي نه سگهيا.... ڳالهه ڪنهن کي نه به وڻي، پر اها حقيقت آهي ته سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ جي شروعات تحريڪ پاڪستان کان ئي شروع ڪئي وئي هُئي جنهن جو مثال پاڪستان ٺهڻ سان ئي مهاجرن جي لوڌ کي سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪرڻ کان سواءِ ٻين صوبن مان ايندڙ پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪري، سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري، ٻولي ۽ ثقافت کي ختم ڪرڻ جا شعوري جتن ڪيا ويا ۽ ان عمل ۾ اساجي باغ جا مالهي به ذميوار، اڃان به ائين چئجي ته گنهگار آهن، جيڪي بنان ڪنهن هوم ورڪ جي، انقلابن جي تاريخ کان جاهليت جي حد تائين بي خبر ليڊر مذهب جي نالي تي يا پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اقتدار حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ مسلمين ڀائرن کي سيني سان لڳائڻ سان گڏ سنڌي هندن کي زوري لڏائڻ ۽ کين ڌرتيءَ ماءُ کان جُدا ڪرڻ ۾ به ڪثر ڪانه ڇڏي ۽ اهو هندن کي لڏائڻ جو عمل اڄ تائين جاري آهي.“
”اوه“ نوجوان هڪ ٻئي ڏانهن ڏُک ۽ حيرت مان ڏسڻ لڳن ٿا. ”اهو ته قوم سان مذهب جي نالي تي وڏو بلنڊر (Blinder) ڪيو ويو آهي.“ هڪ نوجوان، ڪامريڊ ڏانهن نهاري چوي ٿو. ”جڏهن ٻين ملڪن ويندي هندستان تائين گهڻين ٻولين، ويندي سنڌي ٻوليءَ تائين قومي ٻولين جو درجو حاصل آهي ته پوءِ هتي ڇو نه؟“
”انقلابِ روس کان پوءِ ڪُجهه مشيرن لينن کي اُها صلاح ڏني هُئي ته ملڪ ۾ صرف روسي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي، جنهن جي جواب ۾ لينن چيو هو ته ”اهو ممڪن ڪونهي ته روس تي رڳو روسين جي بالادستي هُجي، هي گهڻ قومي ملڪ آهي جنهن ۾ گهڻيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انقلاب ۾ سڀني جو حصو آهي، تنهن ڪري هتي سڀني جا هڪ جهڙا حق آهن.“ ڪامريڊ ساهي پٽي،”لينن مطابق اهڙو ڪوبه متحسبانه فيصلو روس ۾ انتشار جو سبب ٿيندو... پر هتي،“ ڪامريڊ جي چهري تي ڪاوڙ ظاهر ٿئي ٿي ۽ هو جذباتي انداز ۾ چئي ٿو، ”.... هتي وري وفاق جي سطحي منطق آهي ته هڪ قوم جون گهڻيون ٻوليون قومي ٻولي ٿي نه ٿيون سگهن، صوبن جي ٻولين کي قومي ٻوليءَ قرار ڏيڻ سان عليحدگي پسندن جي سوچ کي هٿي ملندي.“
”اُها ته عجيب منطق آهي.“ هڪ نوجوان ڪاوڙ مان چيو، ”ان جو ڪو مثال؟“
”ها....“ ڪامريڊ ساڳئي انداز ۾ چئي ٿو، ”ان منطق جي وضاحت ۾ مشرقي پاڪستان، بنگال جو مثال ڏيندي چيو وڃي ٿو ته 1956ع جي آئين ۾ بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي طور شامل ڪرڻ جي نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان، بنگله ديش جي صورت ۾ الڳ ٿي ويو.“
”نان سينس“ هڪ نوجوان جذٻاتي ٿي، ”ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي، بنگله ديش جي ٺهڻ جو سبب بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ نه پر مغربي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب جي مقتدر هستين طرفان، بنگال جي وسيلن جي ڦرلٽ سان گڏ بنگالين کي ڪمتر حيثيت جو سمجهي، سندن انساني حقن جي لتاڙ ڪندي، هر طرف ظلم ۽ بربريت جو بازار گرم ڪيو ويو. هنن جي عورتن جون عصمت دريون ڪيون ويون، ٻارن کي نيزي پاند ڪيو ويو هو.“
”بلڪل“ هڪ ٻئي نوجوان به جذباتي ۽ ڪاوڙيل لهجي ۾ چيو، ”اهو ئي سبب هو جو بنگالي تڙڦي اٿيا ۽ پنهنجي ڌرتي ٻولي ۽ وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ۽ مغربي پاڪستان جي استحصالي قوتن مان جند آزاد ڪرائڻ لاءِ آزاديءَ جو نعرو هڻي، سر سان ڪفن ٻڌي، آزادي جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ جڏهن اهڙي ڪنهن جذبي سان تحريڪ هلي ٿي ته ان جو نتيجو بنگله ديش جهڙي ملڪن جي آزاديءَ جو سبب بنجي ٿو.“
نوجوانن جو جذباتي انداز ڏسي، ڪامريڊ جي چهري تي خوشيءَ ۽ تحسين جا روشن پاڇا نچڻ لڳن ٿا. ”بلڪل صحي ٿا چئو“ ڪامريڊ کين شابس ڏيندي چيو، ”محسن سنڌ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب چواڻيءَ اسان پاڻ به اهو فرض پورو ڪري نه سگهيا آهيون، جيڪو هڪ قوم طور پنهنجي وجود جي بقا ۽ ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ بنگالين ادا ڪيو هو.“
”اسان جي شڪايت ۽ ڏوراپو ته ان پارٽي سان به آهي، جيڪا شهيدن جي نانءُ تي ووٽ وٺي بار بار حڪومت ڪندي رهي آهي پر سنڌ جي معاملن تي اکيون پوري ويٺي آهي.“ هڪ نوجوان ڏُک مان چئي ٻين ڏانهن نهاري ٿو.
”صحي ٿو چئين.“ ٻئي نوجوان هٿ کڻي چيو، ”انهن ثابت ڪيو آهي ته هنن وٽ نه رڳو ووٽ جو تقدس ڪونهي. پر شهيدن سان محبت ڪندڙ سنڌ واسين جي جذبن جو به قدر ڪونهي.“
”بلڪل“ ٽئين نوجوان جذباتي ٿي چيو، ”هنن ته سنڌ کي ايترو ڀيليو آهي، جيترو ڌارين حمله آورن به نه ڀيليو هوندو.“
”ٻيو نه ته ڇا“ هڪ ٻئي نوجوان به زبان کولي، ”هنن رڳو پنهنجي ۽ پنهنجن واٺن جي مفاد ۾ ئي ڪم ڪيو آهي، باقي عوام وڃي ڌوڙ پائي.“
ڪامريڊ سندن ڳالهين ۽ چهرن جي ڀاون ۽ جذبي جي سچائيءَ کي محسوس ڪيو ته سندس اکين ۾ اميد جي چمڪ ۽ چهري تي رونق اچي وئي. هو بي اختيار اٿي نوجوانن کي خوشيءَ مان ڀاڪر ۾ ڀريندي چئي ٿو، ”اوهان نوجوانن جو جوش ۽ جذبو ڏسي، مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسان پنهنجا حق ضرور وٺي رهنداسين، بس ضرورت آهي ته سڀ گڏجي هڪ آواز ۽ هڪ قوت بنجي جدوجهد جاري رکون.“ ڪامريڊ سچل پنهنجو هٿ اڳتي وڌائي ٿو ته نوجوان سندس هٿ تي پنهنجا هٿ رکي کيس آٿت ۽ وچن ڏيندي چون ٿا، ”ڪامريڊ سائين، اسان تُنهنجي هٿ تي هٿ رکي پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ جي مقدس ٻولي جي الف ب جو قسم ٿا کڻون ته اسان پنهنجا اختلاف وساري، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ تائين پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهنداسين.“ تڏهن ڪامريڊ جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها تري اچن ٿا جيڪي نوجوانن جي هٿ تي ڪري چوندا هُجن ته ”سنڌ امان توهان جي حوالي نوجوانو! مُنهنجا هي ڳوڙها اوهان وٽ امانت آهن.“