ڪھاڻيون

مان زندھ رهندس

هي ڪتاب نامياري ليکڪ نور گهلوُ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. اسان جي سائين نُور گهلو وٽ ڪهاڻيءَ جو اسلوب ئي پنهنجو ۽ الڳ آهي. پهرين ڳالهه ته هُن تي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار جي ڇاپ ڪانهي، هُو ڇاپن کان آجو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن وٽ ٻولي توڙي پلاٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي اُڻتڪاريءَ جو پنهنجو منفرد ۽ نجو رنگ آهي ۽ ٻيو اُن کان علاوه اعليٰ ڳالهه اها ته هُن جو اسلوب عام فهم ۽ سادو آهي، توڙي جو هُن جي ڪهاڻيءَ ۾ انگريزي لفظن جو استعمال به ملي ٿو پر سي به اهڙا جيڪي اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ عام آهن. انهن ئي ڳالهين جي ڪري نُور سائينءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل ڳالهه يا پيغام کي ڪنسِيوِ ڪرڻ سولو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 2928
  • 908
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نور گهلو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مان زندھ رهندس

چانڊوڪي ۽ اَڪَ جا پَنَ

روشن کي اڄ علي جو خط مليو هو. علي جيڪو هن جو دوست هو، گهٽ ۾ گهٽ هو عليءَ کي پنهنجو دوست ئي سمجهندو رهيو هو. اهڙي سمي جتي هر ڪو ٻئي جي نڙيءَ تي لت ڏئي پنهنجي وجود جو احساس ڏياري ٿو. پر اڄ هو ڪُجهه پريشان هو. سندس پريشانيءَ جو ڪارڻ علي جو اهو خط هو جيڪو کيس اڄ صبح مليو هو. هي اهو خط هو جنهن جو کيس شديد انتظار هو. هونءَ به هو عليءَ جي خطن جو گهڻو انتظار ڪندو هو ۽ علي به خط جي موٽ ڏيڻ ۾ دير ڪونه ڪندو هو. پر هن خط جو کيس ڪُجهه وڌيڪ انتظار هو. جڏهن پاڻ عليءَ ڏي خط لکندو هو ته گهڻو ڪري دير سان لکندو هو پر علي ڪڏهن به ميار نه ڏيندو هُئس. نه رڳو اهو پر علي ڪنهن به ڳالهه جي شڪايت ئي ڪونه ڪندو هو. عليءَ جي ان عادت تي کيس حيرت به ٿيندي هُئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ به اچي ويندي هُئس. ”ٺيڪ آ!... بس ٺيڪ آ!.... ڇا ٺيڪ آ؟!“ تڏهن عليءَ کي چيڙائڻ لاءِ خط جو جواب دير سان ڏيندو هُئس يا وري خط ۾ اهڙيون ڳالهيون لکندو هو ته جيئن علي چڙيءَ پوي پر علي پوءِ به ڪونه چڙندو هو. الٽو سندس ڳالهين تي مُرڪي خط ۾ ليڪچر جهاڙي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
هن ڀيري به جڏهن ڏهن ڏينهن جي وڇوٽيءَ کان پوءِ هُن علي ڏي خط لکيو هو تڏهن پوسٽ جي دٻي ۾ خط وجهندي ٻه منٽ بيهي آڱرين تي ڏينهن ڳڻي اندازو لڳايو هُئائين ته هي خط عليءَ کي ٻئي ڏينهن ملندو. ”ٻئي ڏينهن ڇاهي؟.... ڇنڇر. اف! ڇنڇر!.... آچر موڪل؟؟!... جيڪڏهن علي ڇنڇر تي ئي جواب ڏئي ۽ جيئن کيس خبر هُئي ته علي پڪ ئي پڪ اوڏي مهل ئي جواب ڏيندو ته پوءِ آچر تي ٽپال بند!... لعنت آهي آچر بدران جمع موڪل هُجي ها ته ڪهڙو آسمان ڪري پوي ها... عجيب چڪر آهي!“ بيوسيءَ مان هيڏي هوڏي نهاريو هُئائين. تڏهن اوچتو سندس ڪنن ۾ عليءَ جا ٽهڪ گونجڻ لڳا هُئا. هو وائڙو ٿي هيڏي هوڏي اکيون ڦاڙي نهارڻ لڳو، کيس لڳو ڄڻ علي ڪٿان لڪي سندس حالت تي کلي رهيو هُجي. کيس ياد آيو ته هن جڏهن به عليءَ ڏي خط لکي دٻي ۾ وڌو آهي ۽ بيهي ڪُجهه سوچيو آهي تڏهن کيس اهو احساس ضرور ٿيو آهي ته علي ڪٿي آس پاس لڪو بيٺو آهي ۽ سندس حالت تي کلي رهيو آهي. تڏهن کيس عليءَ تي وڌيڪ ڪاوڙ اچي ويندي هُئي.
”وڃي ڌوڙ پائي“ ۽ پوءِ هو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي وڃڻ لڳندو هو.
اڄ هُن وٽ عليءَ جو خط پهتو هو. سندس گذريل خط جي موٽ ۾. هو اهو خط پڙهي ڪُجهه ڪُجهه پريشان ٿي ويو هو. ۽ پوءِ ڪيترائي ڀيرا خط کي پڙهيو هُئائين، خط پڙهي کيس پهريائين حيرت جو جهٽڪو لڳو هو، پوءِ ڪاوڙ اچي وئي هُئس ۽ پوءِ پريشان ٿي ويو هو. کيس لڳو ڄڻ علي سندس دوست نه پر دشمن هو.
”اف! دغاباز....فريبي...“ ڪاوڙ مان سندس مٺيون ڀڪوڙجي ويون ۽ زور سان ڀڻڪي پريشانيءَ ۾ هيڏي هوڏي هلڻ لڳي ٿو. کيس سڀ ڪُجهه اڳيان ڦري آيو. تڏهن محسوس ٿيس ته جڏهن علي نه هوندو هو ۽ هو اڪيلو هوندو هو تڏهن هو ڏاڍو خوش هوندو هو، سندس اڳيان حسين دُنيا هوندي هُئي. خوبصورت چهرا، خوبصورت رنگ، رنگن سان ڀريل دُنيا، گل ٻوٽا... سپنا.... خوشبو... چانڊوڪيون.... چاهتن جو ڊگهو سفر... ڪائنات جو سڄو حسن سميٽجي سندس نيڻن ۾ اوتجي ويندو هو ۽ هو الاءِ ڪٿي ڪٿي گم ٿي ويندو هو. هڪ اهڙي دُنيا ۾ جتي اکيون آرسيون ٿي سندر ساعتن جي خوبصورت منظرن جا عڪس جهٽيندي ڪونه ڍاپنديون هيون.... تڏهن علي الاءِ ڪٿان اچي ويندو هو ۽ پنهنجي هٿ ۾ جهليل هٿوڙي سان سندس حسين دُنيا کي شيشي جان چڪناچور ڪري ڇڏيندو هو ۽ پنهنجي ڪروڌ جي ڏاٽي سان سندس خيالن جون پاڙون ڪپي اڇلي ڇڏيندو هو. تڏهن هو بيوسيءَ مان عليءَ ڏي نهاريندو هو. ڪيڏي نه ڪاوڙ ايندي هُئس عليءَ جي ان حرڪت تي. ڪيترائي ڀيرا سوچيو هُئائين. ”اهو هٿوڙو ڦري عليءَ جي مٿي کي ٻه ٽي ٽڪر ڪري ڇڏي.“ جيڪو سندس سندرتا جي تاج محل کي ائين ئي بي دردي سان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو هو. پر هو ائين ڪري نه سگهندو هو. ڇاڪاڻ ته هو ٻئي دوست هُئا. ٻنهي جيون جا ڪيترائي املهه پل گڏجي گهاريا هُئا. ڏينهن جي تپندڙ صحرائن کان رات جي نرمل ۽ شفاف چانڊوڪين تائين. ڪارن ڪارن ننگن پهاڙن کان حسين وادين تائين. اميبيا کان انسان ٿيڻ تائين ڪيڏو نه ويجهو رهيا هُئا هڪ ٻئي جي! پر ڪُجهه ڏينهن. نه، ڏينهن کان نه. سالن کان عليءَ کي الاءِ ڇا ٿي ويو هو. هو بدلجي ويو هو. ڄڻ خواهشن جي ڏور کي ڪٽي ڇڏيو هُئائين. سندس زندگيءَ مان دُک ۽ سُک جو عنصر نڪري ويو هو. سندس جيون مان ڄڻ سونهن ۽ سليقو ئي ختم ٿي ويا هُئا. نه کائڻ جو هوش، نه پهرڻ جي خواهش، نه اٿڻ جي چنتا، نه ويهڻ جي آرزو، بس رڳو چپ چپ ۽ ڪڏهن چپن تي ڪساري مرڪ ۽ مُرڪ پويان لڪل هزارين کارا سمونڊ. هو سندس اها حالت ڏسي ڏڪي ويندو هو ۽ سوچيندو هو: ”ڪٿي... ڪٿي علي پاڳل نه ٿي پوي... پاڳل ٿي پيو ته؟؟....؟؟؟...“ پوءِ جو سوچي خوف مان سندس وار ڪانڊارجي ويندا هُئا؟ لڳندو هُئس گلن سان جهول ڀريندي سندس وجود ڄڻ ڪنڊن سان اٽڪي پيو هُجي.
”هيڏي هوڏي هلندي“ کيس سڀ ڪُجهه ياد اچڻ لڳو، علي ۽ هن ۾ ڪيڏو نه فرق هو. ڄڻ ٻه انسان هڪ ٻئي کي پٺي ڏئي مختلف دشائن ۾ هلندا هُجن. پوءِ به هو گڏ هُئا. جنمن کان. ڪيترا ڀيرا هن کي لڳو هو ته علي سان نيباهه مشڪل آهي، پر ان جو اظهار ڪري نه سگهندو هو، کيس ياد ٿو اچي ته ڪيئن نه هڪ ڏينهن خواب لڌو هُئائين ۽ جڏهن پنهنجو خواب عليءَ کي ٻُڌايو هُئائين تڏهن عليءَ ڪوبه رسپانس ڪونه ڏنو هئس. سندس خواب ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري، لاپرواهي سان ڪنڌ لوڏي هن ڏي همدرديءَ مان نهاريو هو. تڏهن کيس عليءَ تي ڪاوڙ اچي وئي هُئي ۽ ڪروڌ مان پڇيو هُئائين ”ڇا ٿو ڏسين؟“ ۽ عليءَ چيو هُئس، ”جيڪي انسان خوابن ۾ جيئندا آهن، اهي حقيقت ۾ بزدل هوندا آهن... تون خواب نه ڏسندو ڪر.“
”ڇو نه ڏسان؟.... ايڏي حسين دُنيا....“
تڏهن عليءَ هٿ کڻي چيو هُئس، ”خوابن جي ڪابه حقيقت ڪانهي. اهي رڳو تحت الشعور ۾ اٽڪيل ڳالهين ۽ خواهشن جو ڪوڙو عڪس آهن. اهي اڻ پوريون خواهشون ۽ بس. ڪابه نئين ڳالهه ڪانهي.“ تڏهن هو ماٺ ٿي ويو هو ۽ هڪ ڀيري جڏهن هو فلم جي آخري شو تان موٽي رهيا هُئا تڏهن آسمان تي پورو چنڊ چمڪي رهيو هو ۽ کليل رستن تي ڦهليل کير جهڙي چانڊوڪي ڪيترو نه وڻي هُئس. تڏهن هن چور نظرن سان عليءَ ڏي نهاريو هو. جيڪو چنڊ ڏي نهارڻ بدران زمين تي نظرون کپائي چپ چاپ هلي رهيو هو. ”ڪيڏو نه بيحس انسان آهي.“ تڏهن الاءِ ڇو کيس عليءَ تي رحم اچي ويو هو ۽ کيس ائين ئي چيو هُئائين، ”ڏس! چنڊ ڪيڏو نه حسين ٿو لڳي. هي شفاف ڪرڻا...“ تڏهن عليءَ سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو هو. ”ان ۾ خوش ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“ عليءَ جي ڳالهه ٻُڌي هو ڪاوڙجي پيو هو ۽ ڪاوڙ مان چيو هُئائين. ”ڇو... ڇو نه خوش ٿيان.... تون ته پٿر آهين.... بي حس.“ تڏهن عليءَ مُرڪي ڏنو هو. ”چنڊ به ته پٿر آهي. بي حس. اُها جيڪا روشني آهي نه... چانڊوڪي! اُها به چنڊ جي پنهنجي ته ڪانهي. سج جي روشني آ. ٻيو ته ڪُجهه ڪونهي، ”Irregular Reflection of sun light“ تڏهن عليءَ جي ڳالهه ٻُڌي سندس سڄو موڊ تباهه ٿي ويو هو ۽ ڪاوڙ ۾ چپ کي ڏندن ۾ ڀڪوڙي سوچيو هُئائين. ”عليءَ کي کڻي ڪنهن ايندڙ ٽرڪ جي اڳيان ڦٽي ڪري.“ پر پوءِ زهر جا ڍُڪ ڀري چپ ٿي ويو هو ۽ سڄي واٽ ڪنڌ جهڪائي آيو هو. من ئي من ۾ عليءَ جي دوستيءَ تي جلندو پچندو. کيس ياد آيو ته هڪ ڀيري رستي هلندي گلن کي ڏسي سندس دل موهجي پئي هُئي ۽ ڄڻ بي خوديءَ ۾ عليءَ جو هٿ پڪڙي گلن ڏي وڌندي چيو هُئائين، ”ڪيڏا نه خوبصورت آهن. خوشبو ڪيڏي نه پياري آهي.“ تڏهن سندس ڳالهه کي نظر انداز ڪندي عليءَ کيس پري ڇڪيندي چيو هو. ”ڪُجهه به پيارو ڪونهي... اهو هڪ ڪيميائي موڪب آهي.
”۽... ۽ هو رنگ.... گلاب جو رنگ ڪيڏو نه وڻندڙ آهي.“ هن عليءَ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي هڪدم چيو هو.
”ڪو خاص ڪونهي، گلاب روشنيءَ جو رڳو هڪ رنگ ٿو جذب ڪري باقي رفليڪٽ ڪري ٿو ڇڏي. ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ جيڪڏهن سندس پتي ۾ ڪو ٻيو ڪيميائي مادو هُجي ها ته هو ٻيو رنگ به جذب ڪري سگهيو ٿي. هروڀرو ڳاڙهو ڇو؟ ڪٿي ڪارا گلاب به ٿيندا آهن! پوءِ؟“ تڏهن هن ڪاوڙجي چيو هو، ”توکي ته ڪُجهه به ڪونه ٿو وڻي.“ ۽ عليءَ مُرڪي چيو هو. ”وڻندي اها شئي آهي جيڪا هٿن ۽ عقل جي پهچ کان پري هوندي آهي يا جنهن شئي کي سمجهي نه سگهبو آهي.“ تڏهن کيس ڪو جواب سجهي ڪونه آيو هو ۽ هو ماٺ ٿي ويو هو. ان ڀيري سندس نازڪ جذبن کي سخت چوٽ رسي هُئي ۽ علي، کيس اهڙين ڳالهين سان هر وقت ڏُکائيندو رهندو هو. هڪ ڀيري پن ڇڻ جي موسم ۾ ڪريل پيلا پن ڏسي حيرت ظاهر ڪئي هُئائين ته عليءَ چيو هُئس، ”اُها ڪا پريشانيءَ جي ڳالهه ڪانهي. پنن جو ڪلورو فل ختم ٿي ويو ته ساواڻ به ختم. جيستائين انهن ۾ ڪلورو فل....“
”ته....ته تنهنجي ليکي سڀ بڪواس آهي. پيار. محبت. خوشي. غم. نفرت. رشتا. ناتا.“ عليءَ جي ڳالهه ٻُڌي ڄڻ هو ڦاٽي پيو هو ۽ علي ٺهه پهه چيو هُئس: اهو سڀ ايڊرينرجڪ ايڪٽيوٽي سببان آهي.“
”لعنت آهي توتي ۽ تُنهنجي زندگي تي.... هيءَ زندگي به....“
”ها، هيءَ زندگي به جيستائين جيوَ گهرڙا زنده آهن تيستائين زندگي آهي. زندگيءَ جي ٻي ڪابه حقيقت ڪانهي. سمجهئي!
”اف!“ هو پريشاني مان هلندي ڪرسيءَ تي ڪري پوي ٿو.
”ڪيڏو نه ڪٺور آهي اهو علي!!“ ڪنڌ ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي لاڙي ڇڏي ٿو. ”بي رحم!... ذليل. ڪميڻو، ڪتو، گهڙي سوا به خوش ٿيڻ جو موقعو نه ٿو ڏئي. اوهه!“ بيچين ٿي اُٿي ويهي ٿو ۽ هٿ تريءَ تي مُڪ هڻي ڀڻڪي ٿو. ”هر ڳالهه ۾ منطق، هر ڳالهه جو سائنٽيفڪ ريزن“ کيس ياد آيو ته هڪ ڀيري اُها ئي ڳالهه عليءَ کي چئي هُئائين تڏهن هن چيو هُئس، ”Exactly اسان Age of reason ۾ ٿا رهون، تنهن ڪري اکين تي پٽيون رکي نٿا هلي سگهون...“ تڏهن سندس ڪاوڙ انتها تي پهچي وئي هُئي ۽ عليءَ جي خط جي موٽ ۾ لکيو هُئائين:
”مون فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن مون کي پنهنجي حسين دُنيا کي بچائڻو آهي ته يا ته تو کان بلڪل ڌار ٿي وڃان يا توکي قتل ڪري ڇڏيان. ٻي ڪا راهه ڪانهي.“ کيس پڪ هُئي ته سندس اهو خط پڙهي علي پريشان ٿي ويندو ۽ کيس منٿ ڪري چوندو. ”ڏس!.... مون ته چرچو ٿي ڪيو... توکان سواءِ ڀلا مان ڪيئن ٿو جيئرو رهي سگهان.“ تڏهن ان جو تصور ڪري هو خوش ٿي ويو هو ۽ عليءَ جي خط جو انتظار ڪرڻ لڳو هو.
۽ اڄ، عليءَ جو خط مليو هُئس، جنهن کي پڙهي پهريائين حيرت ۾ پئجي ويو هو ۽ پوءِ پريشان ٿي ويو هو.
عليءَ لکيو هو:
”اهو فيصلو توکي گهڻو وقت اڳ ڪرڻ گهربو هو. جڏهن تو دُنيا ۾ اچي پهرين چيخ ڪئي هُئي. هاڻي ڪُجهه به ٿي نه سگهندو. ياد رک مون کانسواءِ رهي ڪيئن سگهندين؟ انڌن، ٻوڙن گونگن وانگر!؟.... هون!.... مون کي مارڻ کان اڳ پهريائين توکي پاڻ کي مارڻو پوندو... مان امر آهيان. مان مري نٿو سگهان.“ عليءَ جو خط پڙهي سندس مُنهن ڳاڙهو ٿي ويو هو. اکيون ڦاٽي ويون هُئس. ”لعنت آهي توتي به.“ ٽيبل تي زور سان مُڪ هڻي ٿو ۽ پوءِ ليٽر پيڊ اڳيان رکي هٿ ۾ پين کڻي لکڻ لڳي ٿو. ”ها، مان تُنهنجي ان ڪوجهي دُنيا ۾ رهي نٿو سگهان.“
پوءِ خط ويڙهي لفافي ۾ وجهي لفافي کي پڪ سان آلو ڪري بند ڪري ٿو ۽ لفافي تي ائڊريس وجهي ٿو.
To
ROSHAN ALI
BURNING HOUSE
WEEPING LAND
۽ پوءِ لفافي کي وهاڻي هيٺان رکي سمهي پوي ٿو. صبح جو پوسٽ ڪرڻ لاءِ....