ڪھاڻيون

مان زندھ رهندس

هي ڪتاب نامياري ليکڪ نور گهلوُ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. اسان جي سائين نُور گهلو وٽ ڪهاڻيءَ جو اسلوب ئي پنهنجو ۽ الڳ آهي. پهرين ڳالهه ته هُن تي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار جي ڇاپ ڪانهي، هُو ڇاپن کان آجو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن وٽ ٻولي توڙي پلاٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي اُڻتڪاريءَ جو پنهنجو منفرد ۽ نجو رنگ آهي ۽ ٻيو اُن کان علاوه اعليٰ ڳالهه اها ته هُن جو اسلوب عام فهم ۽ سادو آهي، توڙي جو هُن جي ڪهاڻيءَ ۾ انگريزي لفظن جو استعمال به ملي ٿو پر سي به اهڙا جيڪي اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ عام آهن. انهن ئي ڳالهين جي ڪري نُور سائينءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل ڳالهه يا پيغام کي ڪنسِيوِ ڪرڻ سولو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 2928
  • 908
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نور گهلو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مان زندھ رهندس

ڪڏهن ڪڏهن انتظار ۾

سڄي رات جي لڇ پڇ کان پوءِ صبح جو جيئن ئي ننڊ مان اٿيو ته سندس اکيون ڳاڙهيون هيون، جن مان ڀانئجي پيو ته هن سڄي رات جاڳندي گذاري آهي. هو کٽ تي پير لڙڪائي ويٺو ته کيس هيڪلائپ جو احساس وڪوڙي ويو ۽ هو عجب وحشت ڀريل نظرن سان پنهنجي ڪوارٽر جي ڀتين کي گهورڻ لڳو. ڄڻ صدين کان ويران ٿيل جاءِ ۾ قيد هُجي. هر طرف ماٺ، عذاب ڏيندڙ، لڱ ڪانڊاريندڙ ماٺ، ڪنن ۾ گونجندڙ سنهڙيون سيٽيون ۽ اکين ۾ اداسائيءَ جا پاڇا ترندڙ.
ڪالهوڪو سڄو ڏينهن ۽ رات، بُک، بيچيني ۽ اوسئيڙي ۾ گذاريو هُئائين ڪالهه سوچيو هُئائين ته ”شام تائين سندس پارٽنر موٽي ايندو، ته پوءِ پگهار ملڻ تائين پيٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو.“ پر شام جي مٿان رات به گذري وئي ۽ سندس پارٽنر نه موٽيو.
پارٽنر جي ڳوٺ وڃڻ وقت سندس کيسي ۾ ايترا پئسا هُئا، جو پگهار ملڻ تائين ڏُکيو سکيو پنهنجو ڪم ٽپائي ٿي سگهيو. پگهار ملڻ ۾ اڃا هڪ هفتو کن پيو هو ته ٽيون ڏينهن اوچتو سندس آفيس ۾ سندس پري جو هڪ مائٽ اچي نڪتو، مائٽ کي ڏسي سندس مُنهن جو پنُو ئي لهي ويو. سوچيائين، ”اڳ ئي پويون تاريخون ويتر بي مهلو مهمان!“ دل ۾ خيال ڪيائين، ”جيڪر ڪترائي وڃان.“ پر اها ڳالهه ڏُکي لڳس. سوچيائين، ”جيڪڏهن مائٽ وڃي ڳوٺ ڳالهه ڪئي ته بابو مياري ٿيندو.“ سور پي، نه چاهيندي به مُنهن تي زوري مُرڪ آڻي، مائٽ سان مليو ۽ روايتي انداز ۾ سندس خدمت ڪري، کيس شام واري گاڏيءَ ۾ ڳوٺ روانو ڪري، جڏهن پنهنجي ڪوارٽر ۾ پهتو ته سندس کيسي ۾ ايترا پئسا ڪونه هُئا جو ٽي چار ڏينهن گذارو ڪري سگهي ۽ پگهار ۾ اڃا ڏينهن پيا هُئا. ”هنن مان ڇا ٿيندو؟“ هن دل ۾ سوچيو، ”هڪ ڏينهن به ڪونه گذرندو... خير، پارٽنر اچي ويندو.“
صبح جو گهر ۾ رکيل کاڌي جي سامان مان نيرن ڪري بس تي چڙهي آفيس وڃڻ لڳو. کيس اڄ پارٽنر جي اچڻ جي پڪ هُئي، بس تان لهي هميشه جيان سگريٽ وٺڻ لاءِ بس اسٽاپ جي پاسي واري ڪيبن ڏانهن وڌڻ لڳو. اوچتو ڪو خيال آيس ۽ بيهي رهيو. کيسي مان پئسا ڪڍي ڳڻيائين. دل ئي دل، آڱرين تي حساب لڳائڻ لڳو. پئسن جو اندازو ڪري سوچيائين اڄ فورسيٽر تي آفيس نٿو وڃان... ڪئپسٽن سگريٽ... هونهه ڇا ٿيندو؟... اڌپاڪيٽ به ڪونه ملندو ۽ سڄو ڏينهن فائيلن ۾ مٿو کپائڻو آهي.“ هڪدم فيصلو ڪري، وڌي ٿو ڪيبن ڏانهن. ”انڊيا جون ٻيڙيون“ ٻيڙيون وٺي، اتي ئي هڪ ٻيڙي دُکائي هلڻ ٿو لڳي آفيس ڏانهن، هر ايندڙ ويندڙ رڪشا ۽ بس کي گهوريندو ”من ڪنهن ۾هجي“ سوچي ٿو ۽ هلندي هلندي بيهي ٿو رهي ڪنهن رڪشا، ڪنهن بس کي بيهندو ڏسي، پارٽنر کي نه لهندو ڏسي، مايوس ٿي وري هلڻ لڳي ٿو. ڪن ڪنهن سڏ ٻڌڻ لاءِ آتا.
آفيس ۾ ڪم ڪندي ٻه ڪلاڪ گذري وڃن ٿا ته کيس چانهه جي ٻاڙ لڳي ٿي. ”جمن! چانهه ته پيار!“ سامهون در وٽ اسٽول تي ويٺل اڌڙوٽ پٽيوالي کي دانهن ڪري چئي فائيلن جا پنا اٿلائڻ لڳي ٿو ۽ پٽيوالو جهوليءَ ۾ رکيل ڳاڙهو ڪپڙو ڪلهي تي رکي، کنگهندو اٿي ٿو ۽ وڃڻ ٿو لڳي.
چانهه پيئندي سوچي ٿو، ”پارٽنر اڄ ضرور اچي ويندو... موڪل ته ڪالهه ئي پوري ٿي وئي اٿس... اڄ ضرور ايندو.... نه آيو ته پوءِ، سندس دل ڌڙڪڻ لڳي ٿي ۽ نظرون ڪنڊ ۾ ويٺل اڪائونٽنٽ ڏانهن کڄي وڃنس ٿيون، جيڪو هڪ ٿلهي ڪيش بڪ مٿان جهڪيل هو ۽ سندس پاسي ۾ فولادي ٽجوڙي ٿوري کليل هُئي. ”آهي ته حرامي ٽائيپ.... نه ڏنئين ته پوءِ؟... خير چئي ڏسانس ٿو... اونهه ڌوڙ وڃي پائي... پارٽنر هون ئي اڄ ڪيئن به ڪري اچي ويندو.“ چانهه پي وري ڪم کي لڳي وڃي ٿو.
آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ اٿي، بس اسٽاپ تي اچي بيهي رهي ٿو. سندس پيت ۾ وڪڙ پوڻ لڳن ٿا ۽ سندس بيچين نظرون باز وانگر ڦرنديون رهن ٿيون، ٿوري دير کان پوءِ بس ۾ ويهي، دريءَ کان ٻاهر نهاري دل ۾ چئي ٿو، ”خدا ڪري پارٽنر آيو هُجي ۽.... ۽ ماني به پچائي رکي هجائين.“
بس تان لهي تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳي ٿو ڪوارٽر ڏانهن، ٻه موڙ ڪاٿي پري کان ئي آسائتين اکين سان ڪوارٽر ڏانهن نهاري ٿو. تالو ڏنل آ. ”شايد نه آيو آهي.“ سندس پيٽ ۾ گرڙاٽ ٿئي ٿو. ”ٿي سگهي ٿو آيو هُجي ۽ کاڌي جو سامان نه ڏسي، ڪُجهه وٺڻ ويو هُجي.“ پاڻ کي آٿت ڏئي، جلدي اچي تالو کولي اندر گهڙي ٿو ۽ اتساهه سان نهاري ٿو وهنجڻ جاءِ ۽ بورچيخاني ڏي. ڪابه تبديلي ڪانهي. هر شي جيئن جو تئين رکيل. اندرئين ڪمري جو تالو کولي ڏسي ٿو هيڏي هوڏي. ”بيگ ڪانهي... ڪونه آيو آ... ڇو نه آيو؟ هونهه..شام تائين اچي ويندو.“ ڪپڙا لاهي گوڏ ٻڌي، وڌي ٿو دلي ڏانهن ۽ ڏيڍ گلاس پاڻي پي ليٽي پوي ٿو.
شام جو سج لٿي کان ڪي گهڙيون اڳ ڪنهن زور سان دروازو کڙڪايو ته هو ٽپ ڏئي اٿي پيو. ”اچي ويو.“ سندس مُنهن تي سرهائي اچي وئي ۽ هو جلدي اچي در کولي ٿو. ”ابا ڪالهه کير.“ جيئن ئي در کليو ٻاهر بيٺل کير واري شڪايت ڪئي. ”ڪتي جو پُٽ...“ کير واري کي دل ۾ گار ڏئي سوچي ٿو کيس ساڙهي سميت کڻي پري اڇلائي پر ”اوه! چاچا اوهان آهيو.، ڦڪي کل کلي ٿو ۽ پوئين پير موٽي ننڍي ديڳڙي کڻي اچي ٿو ۽ اڌ ڪلو کير وٺي زور سان در بند ڪري ٿو. ”هن حراميءَ ايڏي دير ڇو ڪئي!؟“ کير واري جي ڪاوڙ پارٽنر تي هاري ٿو. ”ماءُ مري ويس ڇا“... ڪميڻو... ذليل.... وڃي ماءُ وٽ“ کير رکي ڪافي دير تائين پارٽنر کي گاريون ڏيندو رهي ٿو ۽ پوءِ ڪپڙا مٽائي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
سندس قدم پاڻمرادو روڊ واري بس اسٽاپ ڏانهن وڌڻ لڳن ٿا. ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ شام جي چانهه نه ملڻ سبب سندس ذهني ڪيفيت بدليل هُئي. مٿي تي مڻن جي حساب سان بار محسوس ڪري رهيو هو ۽ طيعت چڙ چڙي ٿي پئي هئس. واقفڪارن کي بيرخيءَ سان سلام جو جواب ڏيندو، بس اسٽاپ ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو.
ٻه ڏينهن ماني نه کائڻ هن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هُئي، اڳ به اهڙا موقعا هن ڏٺا هُئا، پر پرائي شهر ۾، سڃائي، هيڪلائي ۽ بيوسيءَ سندس بک جو احساس وڌائي کيس موڳو ڪري وڌو هو. هن پنهنجي ذهن تي ڪرڙيءَ جا چنبا کتل محسوس ڪيا ۽ بدن جون رڳون گهڙيءَ گهڙيءَ ڪشجڻ لڳنس پيون.
ڪافي دير تائين بس اسٽاپ تي بيهي، پري کان سڌي روڊ تان هر ايندڙ بس کي اميد ڀرين نظرن سان ڏسي ٿو. ”من ان ۾ هجي.“ ڪيتريون ئي بسون آيون ۽ ويون. بس جي اچڻ سان سندس اکين جي چمڪ وڌي ٿي وئي، پر بس مان لهندڙ مسافرن ۾ پارٽنر کي نه ڏسي سندس اکين ۾ انڌيرو ڇانئجي ٿي ويو ۽ پيرن جو ست نڪرندو ٿي ويس. آخري بس گذرڻ کان پوءِ انتظار جي تلخي کڻي، نستن قدمن سان ڪوارٽر ڏي موٽي ٿو.
”هاڻي ڇا ڪجي؟“ ڪپڙ امٽائيندي سوچي ٿو. ”هي حرامي به ڪونه آيو ۽ مائٽ ذليل کي به ڪالهه ئي اچڻو هو.... ماڻهو به وڏا بي غيرت آهن... پوين تاريخن ۾ اچي مهمان ٿيندا، ڄڻ زال جي دلاليءَ جا پئسا اڳاڙڻ ٿا اچن.“ دل ئي دل ۾ مائٽ کي هزارين گاريون ڏيندي، بورچي خاني ۾ اچي جائزو وٺي ٿو. اٽو ختم، چانور ختم، گيهه جي ذري، اڌ آنو کن کنڊ، دٻي ۾ ٿوري پتي بچيل، ڪوئلا ڪُجهه مقدار ۾، گاسليٽ جي شيشي اونڌي، ڊبل روٽين ۽ مانيءَ جا سڪل ٽڪر، ”چانهه ٿي ويندي“ سوچي نهاري ٿو کنڊ ۽ پتيءَ ڏانهن چاڙهيان نه چاڙهيان... صبح جو ڇا ٿيندو... کنڊ ٿوري آ... صبح جو چانهه ضروري آ..؟....ٺيڪ آ.... ٺيڪ آ چانهه صبح جو...“ گلاس ۾ کير لاهي پيئڻ لڳي ٿو ۽ ٿورو کير ديڳڙيءَ ۾ بچائي رکي ٿو ڇڏي صبح لاءِ. وڌي ٿو وڃي ٽنگيل قيميص ڏانهن ”اڙي ٻيڙيون به ختم!“ مايوس ٿي ليٽي پوي ٿو کٽ تي، ٻيڙيءَ جي ٻاڙ وڌندي ٿي وڃيس ۽ اٿي بيهي ٿو رهي ۽ گهورڻ ٿو لڳي فرش تي ڦهليل سگريٽن جي ٽوٽن ڏانهن، نظرن ئي نظرن ۾ تڪي، اٿي ٿو ۽ کڻي ٿو به وڏا ٽوٽا، جلدي جلدي هڪ ٽوٽو دکائي ڪش هڻي ٿو. ٻن ڦوڪن سان ٽوٽو ختم، ٽوٽي مان ٽوٽو دکائي ٿو. ”هي حرامي به ختم....“ کلي ٿو ويهي پنهنجي حالت تي. ڦڪي کل، کلڻ جو آواز پاتال مان ايندڙ ٿو لڳيس ۽ ليٽي ٿو پوي پنهنجي زندگيءَ تي لعنت وجهي.
پيٽ ۾ ٻرندڙ آڙاهه، مٿي تي بار، لڱ ساڻا ساڻا... وات خشڪ، چپ چپن سان چنبڙيل، ننڊ نٿي اچيس. لڇ پڇ، ذهن جي چور دروازن کان داخل ٿيندڙ خيال، بي کوندي موت جو تصور.... ”مري وڃان ته پوءِ...“ تارن ۾ جوءِ، وجود خلا ۾ اڏندڙ.... ۽ پوءِ ڏسي ٿو پاڻ کي هيڪلو ئي هيڪلو تتل واريءَ جي ميدان م ڊوڙندو... پگهر ۾ شل، نڙيءَ ۾ ڪنڊا چنبندڙ، مُنهن تي ڊپ، لڱ ساڻا، پيٽ ۾ چنبا کُتل، ميدان جي آخري ڇيڙي تي ساون وڻن جون قطارون، سڏ پنڌ ٿي... اٿي ٿو هٿن تي زور ڏئي، ٽنگن مان ساهه نڪتل، ٻه وکون هلي وري ڪري ٿو پوي. موت اکين آڏو... ٺونٺين ڀر رڙهي ٿو پنهنجو پاڻ کي اڳتي اڳتي وڻن جي قطارن ڏانهن... ۽ پوءِ ڏسي ٿو پاڻ کي سائي ميويدار وڻن جي هيٺان ليٽيل، سهڪندي سهڪندي نهاري ٿو. ٽارين ۾ لٽڪندڙ، جهولندڙ ميون ڏي. اکين ۾ بي پناهه خوشيءَ جي چمڪ ظاهر ٿئي ٿي. پڪل ميوي کي ڏسي، وات پاڻيءَ سان ڀرجي وڃيس ٿو، ڳاڙهن صوفن کي ڏسي، اٿي ٿو ٽپ ڏئي ۽ ٽپو ڏئي صوف ڇنڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ”مٿي آ... ڪيئن لاهجي؟“ نهاري ٿو هيڏي هوڏي. اف! سڀ پهچ کان مٿي.“ سندس بک وڌي ٿي وڃي. حسرت مان نهاري ٿو ميون ڏي ۽ چڙهڻ ٿو لڳي صوفن جي وڻن تي ۽ هڪ وڏي صوف جي ٽاريءَ ۾ هٿ وجهي زور سان سٽ ڏئي ٿو ته ٽاري سڪل ڪاٺي جيان ڀڄي پوي ٿي ۽ هو دانهن ڪري اٿي ويهي ٿو اکيون ڦاڙي نهاري ٿو هيڏي هوڏي. ساڳي جاءِ، ساڳي کٽ. ”اف! اهڙو ڀيانڪ خواب!“ سندس بدن مان سيڙاٽ نڪري ٿا وڃن ۽ اٿي، پاڻيءَ جا ٻه گلاس پي وري سمهي ٿو پوي.
سڄي رات بي آراميءَ سان گذاري صبح جو سوير ئي اٿي ويهي ٿو رهي. چپن تي ڪڙيون ٻڌل، زبان سڪل ڪاٺي، وات ڪڙو، پيٽ ۾ چڪ، سڄو بدن هيڻو، ڀانئين ٿو پاڻ کي ورهين جو بيمار. زور لڳائي اٿي ٿو بيهي، اکين اڳيان انڌڪار اچي وڃي ٿو. ٿڙندو، ٿاٻڙندو وڌي ٿو وهنجڻ جاءِ ڏي. مُنهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي، بورچيخاني ۾ اچي، چلهه ۾ ڪوئلا ۽ ڪاغذ وجهي باهه ٻاري، کير واري ديڳڙيءَ ۾ پتي، کنڊ ۽ پاڻي وجهي رکي ٿو چلهه تي.
جيستائين چانهه ڪڙهي، تيستائين سڪل ڊبل روٽين جا ٽڪڙ ميڙي رکي ٿو اڳيان. چانهه تيار ڪري، ڪوپ ڀري، سڪل ڊبل روٽيءَ جو ٽڪر، چانهه ۾ ٻوڙڻ لاءِ جيئن ئي ڪوپ جي ڀرسان آڻي ٿو ته اوچتو در کڙڪي ٿو. کڙڪي تي ڇرڪ ڀري اٿي پوي ٿو ۽ ڊبل روٽيءَ جو ٽڪر هٿ مان ڇڏائجي وڃيس ٿو. حيرت ۽ ڪاوڙ مان نهاري ٿو ٻاهرين در ڏانهن، هنيئر ڪير هوندو؟! ڊبل روٽيءَ جا ٽڪر جاري ۾ رکيل ڇٻيءَ ۾ اڇلائي در کولي ٿو. ”اوهه! صديقي صاحب!“ پاڙيسريءَ کي ڏسي جڪ ٿا اچنس، ڦڪي مُرڪ چپن تي آڻي، کيس اندر اچڻ جي صلاح ڪري ٿو.
اندر اچي ٻئي ڪوپ ۾، بچيل چانهه صديقيءَ کي ڏئي، پنهنجو ڪوپ چپن تائين آڻي ٿو ۽ نهاري ٿو حسرت مان جاري تي رکيل ڇٻيءَ ڏانهن.
”اوهان جو ٻيو ساٿي نظر ڪونه ٿو اچي؟“ صديقي صاحب چانهه جي سپ پري پڇيس ٿو.
”جي.... هو... ها... هو ڳوٺ ويل آ.“ سندس چپن تي مئل مُرڪ اچي ٿي ”اڄ ته اچي ويندو.... اوهان جو وقت ڪيئن پيو گذڙي؟“
”جيئن گذرندو آ.... گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر، ٻارن جي رنجهه ڪنجهه، بيماري مصيبت آ.“ صديقي صاحب چانهه جو وڏو ڍُڪ ڀريو ”گهڻن ڏينهن کان اوهان سان ملڻ ڪونه ٿيو هو سوچيم مُنهن ڏسي وڃان.“
”مهرباني“ زبان سان آهستي چيائين ۽ دل ۾ گار پٽي ڏنائينس ”توکي به هن وقت ئي نازل ٿيڻو هو. زليل ڪميڻو...“ جاري ۾ رکيل ڇٻيءَ ڏانهن نهاري ٿو جنهن ۾ ڊبل روٽيءَ جا ٽڪر رکيل هُئا، ٻنهي چانهه ختم ڪئي ته صديقي صاحب اٿيو. ”ڀاڄي وٺڻي آهي تنهن ڪري هلان پيو.“ صديقي صاحب ٻاهر نڪري چيو، ”مُنهنجي لائق ڪا خدمت... ڏسو پاڙي جا آهيون... ڪو تڪلف نه ڪجو. ”.... جي... جي...“ کيس اوچتو صديقي صاحب ڀلو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو. سوچيائين، ”چئي ڏيانس، مون کي پئسن جي ضرورت آهي... نه.... نه اهو ٺيڪ ناهي، ڇا سوچيندو.... ڇاهي پو، ضرورت ۾ ته.... نه....نه.... نه ڀلي بُک ڀرم جي....“ سندس ذهن ۾ جنگ ڇڙي پئي. ”نه سائين تڪلف ڪهڙو اوهان جي مهرباني.“ چپن تي مرجهايل مُرڪ اچيس ٿي ۽ صديقي صاحب ڪُلها لوڏي هلڻ لڳي ٿو. ٻاهرين در کان نڪري صديقي صاحب هن سان هٿ ملائي هڪ پاسي وڃڻ لڳي ٿو ۽ هو گهورڻ ٿو لڳي سندس پٺيءَ کي. دل ۾ آيس، ”چئي ڏئيس.... ڪهڙو فرق پوندو.... فرق ته ڪو گهڻو....“ صديقي صاحب موڙ ڪاٽي نظرن کان غائب ٿي ويو ته هو ٿڌو ساهه کڻي، در بند ڪري اچي کٽ تي ڪري پوي ٿو. ڪي گهڙيون، ڪُجهه سوچيندو رهي ٿو ۽ پوءِ اٿي، اندر ڪمري ۾ اچي ٿو ۽ دريءَ ۾ رکيل آرسي، ٽوٿ پيسٽ، ڦڻي، سرمو، تيل ۽ ٻيون شيون هيٺ پٽ تي رکي، دريءَ ۾ رکيل اخبار کڻي ڇنڊي ٿو. اخبار جي هيٺان ڪُجهه ريزڪاري وکريل ڏسي ٿو ۽ هٿوراڙي ڏئي ميڙي ٿو ۽ ڳڻي ٿو دل ئي دل ۾. ”18 رپيا“حساب لڳائي ٿو، ”پنج رپيا ڀاڙو پنجن روپين جون ٻيڙيون... ٺيڪ آ.... آفيس ته پهچان... ڪونه ڪو بلو ڪري وٺندس... هتي ته ڪنهن سان گهرائپ ئي ڪانهي.“
جلدي جلدي وهنجي، ڪپڙا پائي، بس ۾ چڙهي شهر اچي ٿو ۽ بس اسٽاپ تي لهي، ساڳي ڪيئن تان پنجن روپين جون ٻيڙيون وٺي ٿو. ڪيئن وارو روزاني سگريٽ وٺندڙ کي ٻن ڏينهن کان ٻيڙيون وٺندي حيرت مان ڏسي ٿو، ڪئبن واري جون نظرون پنهنجي مُنهن تي کُتل ڏسي، سندس مُنهن تي شڪائپ جون ريکائون ظاهر ٿين ٿيون. ڦڪي کل کلي، ٻيڙي دُکائي هلڻ ٿو لڳي. ”ڇا سوچيندو هوندو ڪئبن وارو.... ڏوڪڙ کٽي پيا اٿس!“ ڪنڌ ورائي نهاري ٿو ڪئبن ڏانهن، ڪئبن واري کي پاڻ ڏانهن نهاريندو ڏسي، سندس قدم نيز ٿي وڃن ٿا. ڪاوڙ ٿي اچيس ڪئبن واري تي. هلندي هلندي اوچتو سندس نظرون پنهنجي سامهون ويندڙ ماڻهوءَ جي پينٽ جي پوئين کيسي تي کپي وڃن ٿيون. جنهن مان سندس ٻٽون ٻاهر نڪتل نظر آيس. ”الله ڪري اهو ٻٽون ڪري پوي....“ دل ۾ دُعا گهري، کلي ٿو ويهي پنهنجي ان خواهش تي. ”ڇو ٻٽون ناهن ڪرندا ڇا....؟“ پنهنجو پاڻ کان پُڇي ٿو ۽ نهاري ٿو سامهون ويندڙ ماڻهوءَ ڏي ٻٽون غائب. ”اڙي ڪري پيو ڇا“ نهاري ٿو تڪڙ ۾ آس پاس ۽ وري ڏسي ٿو ماڻهوءَ ڏي. جيڪو هٿ ۾ ٻٽون جهلي، هڪ دڪان تي بيهي رهي ٿو. هڪ گهڙيءَ لاءِ ڪاوڙ مان ان ماڻهوءَ کي تڪي ٿو ۽ وڌي وڃي ٿو اڳتي.
هلندي هلندي سندس قدم رڪجي ٿا وڃن. هڪ خيال کنوڻ جيان ذهن م چمڪاٽ ڪريس ٿو ۽ ماڻهن جو ميڙ ڏسي، وڌي اچي ميڙ ۾ بيهي ٿو. وڪامندڙ شين تي واڪ ڏيندڙن ڏي نهاري ٿو ۽ ٽيڏي اکين سان پاسي ۾ بيٺل ماڻهوءَ جي پاسي واري کيسي کي ڏسي ٿو، جنهن مان نوٽ جهاتيون پائي رهيا هُئا. سندس اکين جي چمڪ وڌي وڃي ٿي پر مُنهن تي ڇڪتاڻ جون ليڪون. دل جي ڌڙڪڻ تيز.... آهستي آهستي هٿ جون ٻه آڱريون وڌائي ٿو کيسي ڏانهن.... ڌڙ....ڌڙ....ڌڙ پيشانيءَ تي پگهر اچي وڃيس ٿو. خوف مان هڪدم پنهنجو هٿ هٽائي پگهر اگهي ٿو. ”پڪڙجي پيس ته پوءِ“ سوچي ٿو من ئي من ۾. ڏسي ٿو تصور ۾ پاڻ کي پٽ تي ڪريل، ماڻهن جو ميڙ مٿان، لتون، مُڪون، بجا، ٿڪون، گاريون.... ”اف! ايڏي ذلت....نه....نه.... ميڙ کان ٻاهر نڪري، ڪنڌ هيٺ ڪري تڪڙو تڪڙو هلڻ ٿو لڳي. دل ئي دل ۾ پارٽنر، مهمان ٿي آيل مائٽ ۽ صديقي صاحب کي گاريون ڏيندي.