جيئري رهڻ جي جستجو
دادو ضلع ۽ شهر جي تاريخي، علمي، سياسي، ثقافتي، صحافتي، مذهبي ۽ ادبي حوالي سان وڏي اهميت رهي آهي، جنهن اعليٰ پايي جا عالم، اديب، دانشور پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي سرت سان دادؤ جي جاگرافيائي حدن مان نڪري ڏيهان ڏيهه مشهوري ماڻي، مڃتا حاصل ڪئي آهي.
ادب، شاعري، ڪهاڻي ۽ تحقيق جي ڪم ۾ دادؤ سان لاڳاپيل شخصيتن پنهنجي فڪري انداز جو اظهار ڪيو آهي انهن ۾ ڪيترائي قابلِ قدر شخص اچي وڃن ٿا. جن جو تعداد ته لا محدود آهي، پر هتي ڪُجهه شخصيتن جو ذڪر، کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ خاطر ضروري آهي.
علامه آءِ آءِ قاضي، جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو، شمس الدين ”بُلبل“، جمال ابڙو، امام الدين ”ضامن“، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، احمد خان ”آصف“، احمد شاهه ”استاد بخاري“، مولانا غلام محمد گرامي، حاجي علي اڪبر شاهه (جامعه عربيه جو پايو وجهندڙ)، ڪريم بخش چنا، فتح محمد سيوهاڻي، قاضي قادن، پروانو ڀٽي، تاج محمد صحرائي، علي احمد قريشي، آپا شمس عباسي، مقبول احمد صديقي، غلام مصطفيٰ دادوي، پير علي محمد ”اظهر“، رئيس ضياءُ الدين ”ضيا“، ”غالب سنڌ“ احمد مجتبيٰ ملڪاڻي، ماستر جمع خان غريب، دادن فقير، مولوي عبدالغفور سيتائي، اسحاق راهي، جبار ’تاثير‘ سومرو، نياز علي ”محسن“ ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، نشتر ناٿن شاهي، معزون ميهڙائي، وقار ناٿن شاهي، محمد اشرف ”منصور“ دائود پوٽو، محمد علي ”عيان“ دائودپوٽو، عبدالله خان چنا، بيگم زينت عبدالله خان چنا، محبوب علي چنا، شفيع محمد سولنگي، عبدالرحيم مگسي، چاچو ابوبڪر مگسي، عبدالله خان مگسي، مولوي دين محمد ”اديب“، غلام الرسول سومره سودائي، حافظ محمد احسن چنا، رمضان ”ثاقب“، عبدالڪريم بلوچ، علي بابا، احمد خان مدهوش، ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل، ڊاڪٽر محمود مغل، تنوير جوڻيجو، فتاح هاليپوٽو/شرجيل، فاروق سولنگي، احمد خان ملڪاڻي ۽ ٻيا ڪيترا داناءَ شخص، دادؤ جو نالو تاريخ جي پنن تي روشن ڪندا رهيا آهن، انهن شخصيتن جي ڪنٽينيوٽي ۾ هڪ نالو نور گهلو به آهي جنهن پنهنجي حصي جو ڏيئو ٻاريو آهي.
سندن جنم پهرين جنوري 1949ع تي دادو شهر جي جڳت آباد پاڙي ۾ محمد عالم گهلؤ جي گهر ۾ ٿيو، پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد، سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پرمانند هرداس پائلٽ اسڪول، گريجوئيشن گورنمينٽ استاد بخاري ڪاليج دادو ۽ پوسٽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي. 1971ع ۾ پاڻ پنهنجي خواهش تي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جوائن ڪئي ۽ پاڻ سائنس ٽيچر طور اپائنٽ ٿيا. سندن چواڻي اُها هنن جي خوش قسمتي هُئي جو سندن پهرين پوسٽنگ ان ئي پرمانند هرداس پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ ٿي جتان هُنن پنهنجي بهترين استادن، سائين ڪريم بخش چنا، سائين بقا محمد قريشي، سائين قمرالحسن نقوي، ڏاڏو عبدالرحمان ميمڻ، سائين عبدالخالق منگي، سائين قمرالدين سولنگي، سائين حبيب الله بلوچ، سائين عبيدالله آخوند، سائين محمد وريل سومرو، سائين غلام محمد بلوچ، سائين ڪوڏومل، سائين غلام عمر ميمڻ، سائين عبدالسميع ميمڻ، سائين امداد علي ميمڻ، سائين عنايت الله راهوجو، سائين عزيز الله گوزائي، سائين عبدالرشيد ميمڻ، سائين حاجي پير محمد ابڙو، سائين غلام مصطفيٰ دادوي، سائين فيض محمد قريشي ۽ ٻين کان سکيا ورتي هُئي ۽ پوسٽنگ کان پوءِ به انهن مان موجود گهڻن استادن جي نگرانيءَ ۾ پڙهائڻ جا طور طريقا سکي، پنهنجو پاڻ کي سٺو استاد ثابت ڪيائين، جنهن سان سندن شاگردن، والدين ۽ سندن استادن کين عزت سان ڏسڻ لڳا. 1980ع تائين اتي رهڻ کانپوءِ پنهنجي خواهش تي حيدرآباد بدلي ڪرائي آيا. ڪُجهه عرصو حيدرآباد کان ٻاهر، چمبڙ، مبارڪ جروار ۽ هالا ۽ مٽياريءَ ۾ فرائض انجام ڏنا پر گهڻو عرصو حيدرآباد جي لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي اسڪولن ۾ رهيا ۽ 31 ڊسمبر 2008ع تي رٽائر ڪيائون. سندن شادي 1988ع ۾ ٿي ۽ کين هڪ پُٽ (مان) ۽ هڪ نياڻي قرت العين جو اولاد آهي.
سندن ادبي شروعات ناميارن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن، محترم ”استاد“ بخاري، حافظ محمد ”احسن“ چنا، سائين تاج محمد صحرائي، چاچو ابوبڪر مگسي، ”غالب سنڌ“ احمد مجتبيٰ ميمڻ، سائين احمد خان مدهوش، سائين الله نواز رڪڻائي، عبدالله خان مگسي، سومره سودائي، فتاح هاليپوٽو، فاروق سولنگي، سليم سولنگي، احمد خان ملڪاڻي، محمد بخش سميجو، ڊاڪٽر شمس سومرو، اطهر منگي، گلاب ”شادان“ سومرو ۽ جبار ”تاثير“ سومرو جي صحبت ۾ رهڻ ۽ انسپائريشن سان ٿي. سندن پهريون نظم لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ رسالي ڪلاڪار ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ ٻين رسالن ۾ به ڇپجڻ جو سلسلو جاري رهيو. جيئن ته سندن رجحان نثر نويسيءَ طرف هو، تنهنڪري شاعريءَ کي ٽائيم پاس جي حد تائين رکي، ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪئي. سندن پهرين ڪهاڻي، موري مان پروفيسر قاضي نظير احمد جي ادارت ۾ نڪرندڙ ڪتاب ”باک“ ۾ شايع ٿي.
ان دؤر ۾ ئي 1973-74ع ۾ محترم محمد بخش سميجو جي اتساهڻ ۽ گائيڊنيس ۾ PTV لاءِ ڊرامه لکڻ شروع ڪيا. سندن پهريون PTV ڊرامو ”روشني“ محمد بخش سميجو پروڊيوس ڪيو جنهن کي ان دور ۾ روايتن سان بغاوت جو الزام به لڳو، پر اهو سلسلو هلندو رهيو. محمد بخش سميجو کانسواءِ سائين بيدل مسرور به سندن ڪيترن ئي ڊرامن کي پروڊيوس ڪيو. ان دور کي سنڌي ڊرامن جي بهترين دور طور ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ شائستگي، ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو ڀرپور عڪس ملي ٿو. ان ئي دور ۾ سندن همعصر ليکڪ، رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، اياز عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو، ملڪ آگاڻي، آغا رفيق، نور الهديٰ شاهه ۽ ٻيا به ڪيترائي بهترين ڊراما لکندا هُئا.
سندن ڊرامن ۾ ڪيترن ئي ناليوارن آرٽسٽن پرفارم ڪيو، جن ۾ اقبال ترين، شفيع محمد شاهه، محمود صديقي، نور محمد لاشاري، اي آر بلوچ، فريد نواز بلوچ، عبدالحق ابڙو، محمد يوسف، گلاب چانڊيو، عابد نويد کانسواءِ فيميل آرٽسٽ بينا مسرور، ساجده قريشي، سڪينه سمون، شهزادي، روشن عطا، ممتاز ڪنول، قيصر نقوي جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
ان دوران هنن محمد انور هڪڙو جي چوڻ تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ صبح جي هلندڙ پروگرام ”گلدستو“ لاءِ مذاحيه خاڪن سان گڏ ڊراما به لکڻ شروع ڪيا جن کي محمد انور هڪڙو کانسواءِ علي نواز خاصخيلي ۽ نصير مرزا پروڊيوس ڪيا. TV لاءِ ڊرامه لکڻ جو اهو سلسلو 1990ع تائين جاري رهيو ۽ ان کانپوءِ اهو سلسلو آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو.
ڪافي عرصو خاموش رهڻ کان پوءِ هنن پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ 1999ع ۾ سنڌيءَ ۾ پهريون شوبز مئگزين ”اسٽار يار“ جي نالي سان شايع ڪيو، جنهن کي ريڊيو، TV ۽ اسٽيج جي آرٽسٽن طرفان وڏي پذيرائي ملي، پر اڪيلي هجڻ سبب ست، اٺ شمارن کانپوءِ اهو سلسلو جاري رکي نه سگهيا. جنهن کان پوءِ پنهنجي اشاعتي اداري ”ميڊيا لائين پلس“ طرفان 2003ع ۾ سنڌي ۾ اسپورٽس تي پهريون ڪتاب ”والي بال کان شوٽنگ بال تائين“ شايع ڪيو جيڪو بهترين استاد ۽ والي بال جي سينيئر رانديگر شير محمد سومري جو لکيل هو، ان کانپوءِ 2011ع ۾ ليجنڊ آرٽسٽ سائين فتاح هاليپوٽو/شرجيل ڏانهن، دوستن، اديبن، عزيزن ۽ شاگردن جي لکيل خطن تي مشتمل ڪتاب ”پيارا فتاح“ جي نالي سان شايع ڪيو ۽ 2013ع ۾ اديب، ڊرامه نويس، اداڪار ۽ صداڪار قاسم فانيءَ جو شوبز جي حوالي سان يادگيرين ۽ واقعن تي مشتمل ڪتاب ”پرينءَ جا پاڙا“ شايع ڪيو.
سندن ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”ٽُٽل شيشا ۽ آڱريون“ 1981ع ۾ ساهت سال جي حوالي سان منصور پبليڪيشن طرفان محترم محمد دائود بلوچ شايع ڪيو، ان دور ۾ ئي 1984ع ۾ روسي ليکڪ چينگيز اعتماتوف جي مشهور ناول ”جميله“ جو ترجمو، نظام عباسيءَ رابيل پبليڪيشن طرفان شايع ڪيو ۽ هاڻي سندس ڪهاڻين جو نئون ڪتاب ”مان زنده رهندس“ امرتا پبليڪيشن طرفان ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي.
سعد اعظم گهلُو