احمد سولنگي

مشھور شاعر احمد حسين ولد رسول بخش سولنگي، 5 جنوري 1971ع تي موري شھر، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. هن شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1993ع ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. سنڌي نظم جي حوالي سان، جديد شاعريءَ ۾ طويل مزاحمتي ۽ رومانوي نظم لکڻ سندس اهم سڃاڻپ آهي. غزل ۽ وايون بہ سٺيون لکيون اٿس. احمد سولنگي 1994ع ۾ وزير اعليٰ هائوس ۾ پروٽوڪول آفيسر طور نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. 2008ع کانپوءِ ڪجهہ وقت پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ وڏي وزير جو معاون، ڪجهہ وقت صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ جو پروٽوڪول آفيسر رهيو. ڪجهہ وقت ڊائريڪٽر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، لاڙڪاڻو پڻ رهيو. احمد سولنگي سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو ٻہ ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهيو آهي. سندس شاعري جو مجموعو ”خواب آوارہ پکي “ شايع ٿيل آهي. ان کانسواءِ سندس شخصيت تي ”شاعريءَ ۾ جيئندڙ شخص“ نالي ڪتاب رکيل مورائي ترتيب ڏنو آهي.

  • جنم: 1971-01-05
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image