عزيز ڪنگراڻي

Author Name

عزيز ڪنگراڻي جو اصل نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. ھي سنڌ جو ناميارو ليکڪ ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، شاعر، محقق ۽ مؤرخ آھي. ھن سوين سنڌي اردو ڊراما لکيا آهن جيڪي پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي سينٽر ۽ نجي سنڌي چينلن تي ٽيلي ڪاسٽ ٿيا. هن قلمڪار جي شاعري، ڪهاڻين، تاريخ ۽ تحقيق بابت سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن. شروعاتي زندگي ۽ تعليم ع. ڪنگراڻي 4 جنوري 1958ع تي سنڌ جي جوهيءَ تعلقي، ضلعي دادوءَ ، جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڀرواري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائيمري اسڪول مان 1971ع ۾ حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان 1977ع ۾ مڪمل ڪيائين. گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان انٽر ميڊيئيٽ 1979ع ۾ ۽ بي ايس سي جي ڊگري 1982ع ۾ حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايڊ 1989ع ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر 1985ع ۾ ٻئي ڊگريون فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جڏهن ته سنڌي ادب ڏانهن لاڙي سبب 1987ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيائين جنهن تي کيس سنڌ يونيورسٽي پاران ميڊل ڏنو ويو. پيشو هن نوڪري جي شروعات سول اسپتال دادو ۾ ويڪسينيٽر طور اپريل 1981ع ۾ ڪئي. مئي 1981ع کان پرائيمري استاد مقرر ٿيو. آڪٽوبر 1984ع ۾ جي ايس ٽي استاد طور مڊل اسڪول مانجهند ۾ مقرر ٿيو ۽ 1985ع ۾ مڊل اسڪول حاجي خان ۾ بدلي ٿي آيو ۽ 1986ع کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾سائنس ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) طور مقرر ٿيو. 1993ع ۾ ليڪچراريءَ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين. اسلامڪ ڪلچر ۽ سنڌيءَ جي ٻنهي مضمونن ۾ چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪيائين پر سنڌي جي مضمون جي چونڊ ڪري 1993ع ۾ ڊگري ڪاليج جوهيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر طور ڊسمبر 2012ع تائين مقرر رهيو. 3جنوري 2013ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌي، جوهي تعلقي، دادو ضلعي ۾ پرنسپال طور مقرر ٿيو. مئي 2017ع ۾ اسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو ۽ 3 جنوري 2018ع ۾ پرنسپال طور رٽائر ٿيو. 

سندس سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ 16 ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هڪ سهڪاري مرتب طور شايع ٿيل آهي. جن مان ڪجه ھي آھن.

1. سنڌ پري ( ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) نئون جنم پبليڪيشن حيدرآباد) 1999ع 
2. روڳ ڪهاڻيون روشني پبليڪيشن حيدرآباد، 2005ع تڙ تڙ تي طوفان شاعري نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي 2005ع 
3. ڪاڇو هڪ اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي حيدر آباد 2009ع 
4. اکر اکر آرسي، استاد بخاري جي شاعري جي لغت، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد 2009ع 
5. سنڌ ٽوئرازم- اين آرڪيالوجيڪل جرني، سنڌ ڊولپمينٽ ڪارپوريشن، سياحت کاتو سنڌ 2012ع 
6. گورک مٿي چنڊ شاعري نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي آڪٽوبر 2016ع 
7. تاريخ جا تِروِرا، تحقيقي مضمون، نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي، ڊسمبر 2016ع 
8. پيار گِرهڻ، ڪهاڻيون، سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد، فيبروري 2017ع 
9. نئيگ شريف؛ تحقيق، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي 2017ع
10. محبتن جو الميو، ڊراما، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2018ع 
11. عشق عقل استاد، جوت پبليڪيشن ڪراچي، 2018ع 
12. اي گلمپس ان ٽه هسٽري آف سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، 2019ع 
13. انڊس اسڪرپٽ ان اسٽونز، پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي، ڊسمبر 2019ع
14. دي امپلس ٽه اڊارن دي آرٽ آف پينٽيڊ ميورلس ان ويسٽرن سنڌ” انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ڪراچي، آڪٽوبر 2020ع

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عزيز ڪنگراڻي جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


عزيز ڪنگراڻي جا ڪتاب

گورک مٿي چنڊ، ليکڪ : عزيز ڪنگراڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
گورک مٿي چنڊ
ليکڪ : عزيز ڪنگراڻي
روڳ، مصنف : عزيز ڪنگراڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
روڳ
مصنف : عزيز ڪنگراڻي
تڙ تڙ تي طوفان، مصنف : عزيز ڪنگراڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تڙ تڙ تي طوفان
مصنف : عزيز ڪنگراڻي
تاريخ جا ترورا، مصنف : عزيز ڪنگراڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تاريخ جا ترورا
مصنف : عزيز ڪنگراڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ