نواز خان زئور
نواز خان زنئور 30 آگسٽ 1971ع تي ڳوٺ احمد خان زنئور، تعلقي ميرپور بٺوري ۾ جنم ورتو.
پاڻ شروعاتي تعليم ڳوٺ مان، 1987ع ۾ مئٽرڪ ميرپور بٺوري ھاء اسڪول مان، 1990ع ۾ انٽر سجاول ڪاليج مان، 1997ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب ۾) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائون.
نواز خان زئور قومپرست سياست سان واڳيل آھي، جنھنڪري کيس جيل پڻ وڃڻو پيو. نواز خان زنئور شاعريءَ ۾ غزل، نظم ۽ بيت جي صنفن تي بھترين طبع آزمائي ڪئي آھي، سندس نثر بہ سليس ۽ وڻندڙ آھي.
نواز خان زنئور جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
(1) ڪالھ گڏيوسين ڪاپڙي (جي ايم سيد بابت مضمون)
(2) وڄون اتر واءُ (شاعري)
(3) قيدي تخت لاهور جو (جيل ڊائري) ترجمو
(4) خماريل ھوا، گلابي ڳليون (سنڌ يونيورسٽي جون يادگيريون)
(5) ڪتيون ڪيئي قيد ۾ گذريون (جيل ڊائري)
(6) قومي آزادي (سياسي مضمون)
(7) رنگ رتو آڪاس (نثري ٽڪرا)
(8لاڙ لھرون سمنڊ (شاعري)
(9) ڪو ڪيئن نہ ڊوڙي مقتل ڏي (خاڪا)
(10) دل جو غبار (مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”غبار خاطر “ جو سنڌي ترجمو)
(11) ٻارن کي سٺا گڻ ڪيئن سيکارجن (ترجمو)
(12) يارنھن منٽ (پائلو ڪوھلو جي ڪتاب Eleven) (Minutes جو سنڌي ۾ ترجمو)
(13) انسانيت لاءِ تاريخ جو ڇڏيل ورثو ( اوسوالڊ اسپينگلر جي ڪتاب جو ترجمو)
(14) فلسفو: اصول، حدون تاريخ ۽ ارتقا (مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو)
(15) جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا (ناول)
- جنم: 1971-08-30
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل