نواز خان زئور قومپرست سياستدان ھجڻ ڪري تاريخ جو ڄاڻو آھي. ھن جي نثر ۾ ڪمال جي رواني ۽ چس آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ويجهي ماضي ۾ ٿيل ھاڃن تي قلم کنيو اٿس. ڪتاب ٽن حصن ۾ ورھايل آھي، پھرين حصي ۾ پاڻي، سنڌو درياء ۽ ان ۾ آيل 2010ع جي ٻوڏ جا داستان سمايل آھن. ٻئي حصي ۾ ٿر جي ڪوئلي جي ٻرندڙ مسئلي تي قلم کنيو اٿائين ۽ ترقيءَ جي نعري پٺيان سنڌ جي مالي وسائل تي قبضي ۽ ڪوئلي جي کوٽائيءَ سبب ٿيندڙ نقصانن، انديشن ۽ خدشن بابت تجزيا ۽ تنقيدي جائزا لکيا اٿائين. ٽئين حصي ۾ ڊيمن، ڌارين جي يلغار سميت ٻين مسئلن کي نروار ڪيو اٿائين.
تاريخ، فلسفو ۽ سياست
سنڌ، ھاڃا ۽ ھيڻا ماڻھو
- 0/5.0
- 6
- 1
- هڪ ڏينهن اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران قومپرست سياستدان، شاعر، نثرنگار، مترجم ۽ ڪالم نگار نواز خان زئور جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو ”سنڌ، ھاڃا ۽ ھيڻا ماڻھو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
نواز خان زئور قومپرست سياستدان ھجڻ ڪري تاريخ جو ڄاڻو آھي. ھن جي نثر ۾ ڪمال جي رواني ۽ چس آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ويجهي ماضي ۾ ٿيل ھاڃن تي قلم کنيو اٿس. ڪتاب ٽن حصن ۾ ورھايل آھي، پھرين حصي ۾ پاڻي، سنڌو درياء ۽ ان ۾ آيل 2010ع جي ٻوڏ جا داستان سمايل آھن. ٻئي حصي ۾ ٿر جي ڪوئلي جي ٻرندڙ مسئلي تي قلم کنيو اٿائين ۽ ترقيءَ جي نعري پٺيان سنڌ جي مالي وسائل تي قبضي ۽ ڪوئلي جي کوٽائيءَ سبب ٿيندڙ نقصانن، انديشن ۽ خدشن بابت تجزيا ۽ تنقيدي جائزا لکيا اٿائين. ٽئين حصي ۾ ڊيمن، ڌارين جي يلغار سميت ٻين مسئلن کي نروار ڪيو اٿائين.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف نواز خان زئور
- ڇپيو ويو 2018
- ڇپائيندڙ پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 0
- آن لائين ٿيو 20/Jan/2025
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا