ڊاڪٽر آڪاش انصاري

Author Name

نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو اصل نالو الله بخش انصاري آهي. هن 1956ع ۾ بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ لاڙ جي مقامي شاعر الھڏني بدينوي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والدہ جنت خاتون پڻ هڪ لوڪ سگهڙ ۽ لطيف جي حافظہ هئي. ڊاڪٽر آڪاش پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ بدين ۾ ڪرڻ کان پوءِ ميڊيڪل سائنس ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان 1984ع ۾ حاصل ڪري، ڪجهہ وقت بدين ۾ ڊاڪٽر طور پريڪٽس ڪئي.
هو ڪاليج واري زماني کان ئي قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشھور ٿي چُڪو هو. انهيءَ دور ۾ هو کاٻي ڌُر جي سياست ڪندي، عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور ڪم ڪيو. ضياءَ جي مارشل لا ۾ قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ کيس جيل بہ ڀوڳڻو پيو. اُن کانپوءِ جڏهن چئن پارٽين گڏجي ”عوامي نيشنل پارٽي“ (A.N.P) جو بنياد وڌو، (جنھن ۾ عوامي تحريڪ بہ شامل هئي)، جنھن جو مرڪزي صدر خان عبدالولي خان ٿيو، جڏهن تہ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر آڪاش کي مقرر ڪيو ويو. هو 1992ع ۾ رسول بخش پليجي سان اختلاف ٿيڻ ڪري عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيو ۽ 1995ع کان صحافت ۾ قدم رکيو، روزاني ’سوال‘  اخبار جاري ڪري پاڻ ان جو چيف ايڊيٽر ۽ حسن درس ايڊيٽر بڻيا، اھا اخبار جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سن 2000ع ۾ بندش هيٺ آئي. 2002ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمنٽ ۾ ايم. اي ڪئي. 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما ڪري، بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ هڪ سماجي تنظيم ”بدين رورل ڊيولپمنٽ“ ٺاهي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن جي ٺاهيل جديد اسڪولن مان هن وقت ٻن اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جو درجو ملي چُڪو آهي.
سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب ”ڪيئن رهان جلاوطن“ (اٺ ايڊيشن)، ”اڌورا اڌورا“ (چار ايڊيشن) ڇپجي چُڪا آهن، جن مان چونڊ نظمن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو: An Elegy for the brave hearts of tomorrow (2021)  جي عنوان سان ڊاڪٽر سحر گل ڪيو آهي

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر آڪاش انصاري جا ڪتاب

ڪيئن  رھان  جلاوطن، ليکڪ : ڊاڪٽر آڪاش انصاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪيئن رھان جلاوطن
ليکڪ : ڊاڪٽر آڪاش انصاري
An Elegy for the Brave Hearts of Tomorrow، مصنف : ڊاڪٽر آڪاش انصاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
An Elegy for the Brave Hearts of Tomorrow
مصنف : ڊاڪٽر آڪاش انصاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ