ڪيئن  رھان  جلاوطن, ليکڪ : ڊاڪٽر آڪاش انصاري

ڪيئن رھان جلاوطن

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ڪيئن رھان جلاوطن
ليکڪ : ڊاڪٽر آڪاش انصاري
ڪيٽيگري : شاعري
ڇپيندڙ : گلشن پبليڪشن حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 2008
شامل ڪيو ويو : 2017-05-20
ڏِٺو ويو : 11875 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 2501 ڀيرا
نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“حاضر آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي. جامي چانڊيو لکي ٿو:
”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شاعري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ