شاعري

ڪيئن رھان جلاوطن

نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“حاضر آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي. جامي چانڊيو لکي ٿو:
”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“
Title Cover of book ڪيئن  رھان  جلاوطن

مان ھليو ڇو ويس؟

مان ھليو ڇو ويس؟
تون پڇين ٿو پرين!
مان ھليو ڇو ويس؟

جڏھين شام جو جام،
خالي نه ھو،
رات رم جھم ھُئي،
تنھنجي ساھن جي،
جھيڻن سُرن سان سُتل،
منھنجي بستر تي،
مُنڪر نڪير موسم ھئي.

تنھنجي ڪجلين اکين جي،
ڪنارن مٿي،
منھنجي چپڙن جي ٻيڙي،
لڳي ئي لڳي،
ھا! انھيءَ کان اڳي،
مان ھليو ڇو ويس؟

سچ پڇين او پرين!
دل به چاھيو گھڻو،
ڪا گھڙي تنھنجي،
وارن جي ڪارين گھٽائن منجھان،
واس وٺندو رھان!
ٻن گھڙين لئه سھي،
تنھنجي آغوش جي سانوري شام ۾،
ڪنھن روپوش پياسي مسافر جيان،
مان پناھون وٺان،
کن پل ئي سھي،
ٿڪ ٿورو ڀڃان.

دل ته چاھيو گھڻو،
تنھنجي نيڻن جون،
نرمل ھي چانڊوڪيون،
سدا مست نيندون نياپا کڻي،
روح جي رڻ مٿان،
ايئن رقصان رھن.

دل ته چاھيو گھڻو،
تنھنجي ٻانھن جون ڪچڙيون،
۽ ڪومل وليون،
سونھن سرھاڻ جا،
سؤ سنديسا کڻي،
منھنجي تن تي سدا،
ايئن وکريل رھن.

ھا مگر ڇا ڪريون
تنھنجي ڪاڪل جي قيدي،
ٿيڻ کان اڳي،
قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش ھئي پرين!
جيڪا ويئي ڇڪي.

دل ته ماڻڻ گھُريون،
تنھنجون سڀ دلبريون،
ھا مگر ڇا ڪريون،
دار جي درد کي،
پنھنجي لذت ھئي،
جيڪا ويئي ڇڪي،
تون پڇين ٿو پرين!
مان ھليو ڇو ويس.

(نارا جيل 1982ع)


ڪاڪل: زلف