ڪائناتن وڌو جيڪي ڪشڪول ۾ . . .
پنھنجي شاعري ان جي محرڪن تي شاعر پاران لکڻ ھڪ بي سبب ڳالھه آھي. ھونءَ به خود شاعري پاڻ پنھنجي شاعر جي دردن، اُڌمن ۽ خيالن جو موثر اظھار آھي.
ڪنھن شاعر لاءَ ھروڀرو اھو به ضروري ناھي ته ساڳئي وقت دانشور به ھجي. خود شاعري به فلسفي کان جدا شيءِ آھي جنھن جا پنھنجا منطق ۽ دليل آھن.
منھنجي شاعريءَ تي منھنجي ڪابه مالڪي ناھي منھنجي شاعري انھن سڀني جي ۽ انھن سڀني لاءِ آھي، جيڪي مونسان سياسي ۽ نظرياتي طرح مختلف ھوندي به منھنجي شاعريءَ کي پنھنجو ٿا ڀائين ۽ ان ۾ پنھنجو درد ٿا ڳولين. جيئن ھر مٺي آبشار تي ھر پيئندڙ جو حق ٿئي ٿو.
جيئن ھر تخليق ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان پنھنجي دؤر ۽ ان دؤر جي ڪک مان جنم وٺندڙ سماجي، سياسي، معاشرتي ۽ فڪري محرڪن ڏانھن جوابدار رھي ٿي، ساڳي ريت منھنجي شاعريءَ کي آئون جوابدار سمجھان ٿو پنھنجي ديس، ديس جي ماڻھن ۽ پنھنجي دؤر جي عالمي تاريخ ڏانھن، جيڪا تخليق ظلم ۽ ڏاڍائيءَ سان نفرت ڪرڻ جي روش کان وانجھي آھي، اھا ڪڏھين به ھيڻي سان محبت ۽ ڪمزور جو ڀرجھلو ۽ طرفدار نٿي ٿي سگھي.
جيئن ھر شاعر کي اظھار لاءِ ڪا خاص صنف ۽ ٽيڪنڪ وڌيڪ اپيل ڪندي آھي، تيئن مون کي به آزاد نظم وڌيڪ وڻندو آھي. ڇو ته شاعري نالوئي اظھار جي ھڪ مخصوص رويي جو آھي ۽ اظھار جي جيڪا (Relaxation ) آزاد نظم ۾ رھي ٿي اھا شاعريءَ جي ٻي ڪنھن به پاپند وصف ۾ گھُٽيل ۽ بوساٽيل رھجيو ٿي وڃي. بقول سرڳواسي ڪنول لھاڻي
جيڪڏھن خيال ڪو مجروح ٿئي
رديف ته ڇا، ڪافيا به ڀڃي سگھجن ٿا
ساڳئي وقت ٻين نثري صنفن جي ابتڙ شاعري جو تاڃي پيٽو صرف پنھنجي ڌرتي، ڪلچر ۽ ٻولي جي سرچشمن مان جنم ٿو وٺي، سو جيڪو به نظم يا شاعري پنھنجي ٻولي جي مٺاس، ڌرتي ۽ ڪلچر جي رس دار سرچشمن کان پالھي رھي ٿي سو ٻيو ته سڀ ٿي سگھي ٿي پر شاعري نه.
آخر ۾ آئون انھن سڀني دوستن جو دلي طرح ٿورائتو آھيان جن ھن ڪتاب کي توھان جي ھٿن تائين پھچائڻ لاءِ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي. خصوصا ڊاڪٽر سارنگ ميمڻ جنھن ھن سڄي مواد کي سھيڙيو ۽ منھنجي شاعرانه سُستي تي وقت بوقت تنقيد ڪندو رھيو. عبدالحميد جوڻيجو جنھن ڪتاب کي پبلشنگ جي خوبصورتيءَ سان نوازيو، ڀاءَ خالد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر ايوب جروار، جن جي محبت ڀرئي اسرار ڪتاب ڇپرائڻ جي ڪم کي اڳتي کنيو ۽ مفيد مشورن لاءِ جناب نثار حسيني صاحب جو ۽ آخر ۾ دلي طرح ٿورائتو آھيان محترم عبدالغفور ڪريمي صاحب جو جيڪو پنھنجي خلوص ۽ عنايت نه ڪري ھا ته جيڪر ھيءُ ڪتاب وقت سر توھان تائين نه پھچي سگھي ھا.
آڪاش انصاري
جنوري 1990ع
بدين، سنڌ