آڪاش، ھڪ سپني جو سفر
قديم سنڌ جو جديد درد سمجھڻ چاھيو ٿا ته آڪاش انصاري کي پڙھو. جيڪو اڄوڪي دؤر ۾ انھي درد جو امين آھي ۽ اھو ڪردار آھي، جيڪو گذريل ٽن ڏھاڪن جي ڪاڪ محل جي سمورن ڏوھن ثوابن جو اکين ڏٺو گواھ آھي ته انھن ڌوڙ ڌوڙ راھن جي سفر جو مسافر به آھي، جن تي نه ڄاڻ ڪيترا خواب کُڙين جي کيھه ۾ لٽجي ويا. پر زماني جي گرد آلود گردشن کان ھُن ضرور ڪو خواب پنھنجي اکين جي آکيري ۾ بچائي رکيو آھي، جنھن جي آڌار تي ھو اڃا جيئي به پيو ۽ اسان کي به جھومائي پيو. آڪاش جي سموري شاعري مونکي انھي سپني جو سفر لڳندي آھي.
اھو سپنو، جنھن ۾ شايد سنڌ آھي. سنڌ جو اجرو آئيندو آھي. جنھن کي ھن پنھنجي گيتن ذريعي ھر انھيءَ دل ۽ دماغ تائين پھچايو آھي، جيڪي سنڌ جي درد کي سون ورني سڀاڻي جو سونھون سمجھن ٿا. ۽ ھُن اھو ڪم پنھنجي مڪمل عشق ۽ ايمانداري سان ڪيو آھي ۽ اڄ جي اوھين سنڌ جي سياسي ۽ ادبي افق تي ڪي چند ٽڙيل وکريل تارا جھر مر ڪندي ڏسو ٿا ته انھن جي جڳمڳاھٽ ۾ آڪاش جو به ھٿ آھي. جنھن جي شاعري گذريل ٽن ڏھاڪن ۾ ھڪ زبردست انسپائريشن رھي آھي. جنھن جا گيت سياسي اسٽيجن کان وٺي جيل جي سلاخن تائين ساڳي ڌُن ۽ مستي سان ڳائبا رھيا آھن. ھن جي شاعري جيتري اديبن ۾ محبوب آھي اوتري ئي سياسي ڪارڪنن ۾ مقبول آھي. ھُن جا نظم ھڪ پاسي جيئي سنڌ ۽ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن
او امان او امان!
جيڪڏھن رات جي رھزنن جي ھٿان
مان به ماريو وڃان
پنھنجي ساٿين جيان
ڪين دکڙو ڪجان
ڪين دل لاھجان
او امان او امان!
منھنجي ڏاھي امان!
فلڪ شگاف آواز ۾ پڙھندا ھئا ته ساڳي مستيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جا ھزارين ڪارڪن ھڪ ئي آواز ۾
مان تو رونا نھين
دامن ضبط ھاتھون سي کھونا نھين
جي ترنم سان جھونگاريندا ھئا. آڪاش جي انھيءَ مقبوليت واري دؤر جا اوھان مان به ڪيترا گواھ ھوندا، ستر ۽ اسي وارا ڏھاڪا سنڌ جي سياسي ۽ عوامي سگھه جا ڀرڀور دؤر ھئا. جڏھن سنڌ جي سياسي سجاڳي پنھنجي پوري جوڀن تي ھئي. مونکي افسوس آھي ته اڄوڪو نَوي واري ڏھاڪي ۾ ساماڻيل نوجوان نسل انھن نينھن کان نا آشنا آھي. جڏھن سنڌ تيل ڪڙاھي جيئن ڪڙھي رھي ھئي. نھائينءَ جيئن پچي رھي ھئي ۽ موئن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا جئين نچي رھي ھئي. اھو سنڌ جو سياسي جوڀن ھو، جڏھن ون يونٽ واري دؤر جو پوکيل ٻج ايم آر ڊي جي صورت ۾ نروار ٿي آيو ھو. انھي دؤر کان نا آشنا نسل سنڌ جي سياسي سگھه ۽ مستقبل جو صحيح تعين نٿو ڪري سگھي. 90ع وارو ڏھاڪو سنڌ جي حوالي سان سياسي يتيمي وارو دؤر آھي، جنھن ۾ اڳين ڏھاڪن جي سياسي فصل جو انتھائي بي دردي سان ڀيلاڙ ٿيو آھي. جنھنجا اولڙا انتھائي بي درد مان ليڪا پائي رھيا آھن.
آئون سمجھان ٿو ته انسان جي مڙني حسناڪ روپن ۾ بغاوت ۽ مزاحمت انتھائي حسين ۽ دلدار رويا ۽ روپ آھن. دنيا سياسي ۽ دفاعي ماھرن نه پر باغين بدلائي ڇڏي آھي. اڄوڪي ترقي يافته ۽ ايڪوھين صديءَ ۾ ڳاٽ اوچو ڪري داخل ٿيندڙ دنيا جي سموري سرڪشي ۽ دلڪشيءَ ۾ جيڏو ھٿ بغاوت جڳ آھي. ايڏو حڪمت عملين، سفارتڪارين ۽ ڊپلوميسين جو ناھي. بغاوت، تبديلي ۽ ترقيءَ جي نشاني آھي. توھان سمورو ادب کڻي ڏسو، شاعري کڻي ڏسو، جيڪا به سونھن ملندي اھا بغاوت ۾ملندي لطيف کان وٺي لورڪا تائين، سچل کان وٺي سئفو تائين، عمر خيام کان وٺي اياز تائين سڀ پنھنجي پنھنجي دؤر جا باغي روح آھن، انھن پنھنجي دؤر جي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي، لھرن کي للڪار ڏئي، سماج کي سينور مان ٻاھر ڪڍيو آھي. ۽ نئين نسل کي نوان خواب ڏسڻ سيکاريا آھن. اھي پنھنجي دؤر جي مروج ۽ فرسوده روايتن جي وھڪري آڏو بند ٻڌي بيٺا، تڏھن روشن روايتن جنم ورتو. جيڪي تصوف جو سفر نفي کان شروع ٿئي ٿو ته سماج جي ترقي ۽ تبديليءَ جو آغاز اختلاف جي جرئت) Exceptional Dare ) کان ٿئي ٿو.
تون چوين ٿو، ھينئن چئو،
مان چوان ٿو ايئن نه چوندس
يا
لھورو لوڪ وھي، تون اوچو وھ اوڀار.
آڪاش انصاري جي شاعري ھڪ ڀرڀور بغاوت جو مظھر آھي جنھن پنھنجي دؤر جي مڙني انسان دشمن روايتن ۽ ظالمن کي للڪاريو آھي. ھُن پنھنجي ڌرتيءَ تي ڌاڙو ھڻندڙ ھر انھيءَ ڌاڙيل کي ڌوڙ ڪيو آھي. پوءِ چاھي اھو جنرل ضياءَ ھجي يا ڪوئي ”عرب سڳورو لٽيرو“ پر ان سموري مزاحمت ۾ ھُن جو انداز عاشقانه ۽ جمالياتي حسن جي سمورين گھرجن کي ڀاڪر ۾ ڀري بيھندڙ آھي. جنھن ۾ مزاحمت ۽ رومانس جو حسين ميلاپ ملي ٿو. مون ڏٺو آھي ته دنيا جي سموري انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري پنھنجي ھٿ ۾ رومانس جي رومال کي ميرو ٿيڻ نه ڏنو آھي ۽ جتي به ائين ٿيو آھي، جو جمالياتي ۽ رومانس ان شاعريءَ کان پري ٿي آھي. ڏکڻ آفريڪا کان وٺي لاطيني آمريڪا تائين، ويٽنام ۽ فلپائن کان وٺي سوڊان ۽ الجزائر تائين جي سموري انقلابي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جا ورق ورائي ڏسو توھانکي درد ۽ دلڪشيءَ جي فريڪوئنسي ساڳي ملندي. پوءِ چاھي بنجمن مولائيس ۽ محمود درويش ھجي يا آڪاش انصاري اھائي فن جي آفاقيت ( Universalism) ۽ معراج آھي. توھان آڪاش جو نظم ”ھي قاتل“ پڙھي ڏسو، ته آڪاش جو ”قاتل“ چند انسانن جو قاتل ناھي، پر اھو فطرت جو قاتل آھي، رڳو سماج جو قاتل ناھي، پر ڪائنات جي سمورين رعنائين ۽ حسناڪين جو قاتل آھي. اھائي يونيورسلائيزيشن آھي. ھو چوي ٿو.
ھي تھذيب اخلاق، رشتن جا قاتل
ھي چُوڙيلي چوڙيلي ٻانھن جا قتل
ھي گھنگھور گدلين گھٽائن جا قاتل
ھي پوپٽ جي پرڙن ۽ ڀؤنرن جا قاتل
ھي برکا ۾ ڀڄندڙ ڀنڀورين جا قاتل
ھي موتئي گلابن جي پن پن جا قاتل
ھي ميران ۽ تلسي جي دوھن جا قاتل
ھي بُلي، ھي باھُو، فريدن جا قاتل
ھي ميندين جا قاتل ھي موڙن جا قاتل
نکيئي جي وڻندڙ وڇوڙن جا قاتل
توھان سندس ”ڪيئن رھان جلاوطن“ جا سمورا انقلابي رومانوي نظم پڙھي ڏسو، ھو توھان کي فقط سنڌ ڌرتيءَ جي ڏکن ۽ سورن جو سرجڻھار نه پر سموري عالم انسانيت جو امين لڳندو،ڇو ته سندس شاعريءَ ۾ ذاتي درد کان وڌيڪ عوامي درد آھي.
آڪاش جي شاعريءَ جو ھڪ ٻيو مضبوط پاسو طبقاتي تضاد ڏانھن سندس (Positive approach ) به آھي. ھو طبقاتي اڻ برابري کي پنھنجي اثرائتي انداز ۾ نندي ٿو. ان سلسلي ۾ ھن جو شاھڪار نظم ”خانداني وڏيري ڏانھن“ آھي. جنھن جھڙو طبقاتي تضاد تي اٽيڪ ڪندڙ ۽ ان کي وڌيڪ عيان ڪندڙ شعر مون نه پڙھيو آھي
ھل ھلي ٿا سنڌ کان شجرو پڇون،
خانداني تون يا مان!
فيض چيو ھو ”شاعر جو ڪم رڳو مشاھدو ئي نه پر ان سان گڏ مجاھدو به مٿس فرض آھي. انساني زندگيءَ جي اجتماعي جدوجھد جو ادارڪ ۽ ان جاکوڙ ۾ حسبِ توفيق شرڪت، زندگيءَ سان گڏ فن جي به تقاضا آھي.“ توھان ڏسو ته اڄ اھوئي فن جيئرو آھي، جيڪو حيات انساني جي لکين سالن تي پکڙيل جدوجھد جاکوڙ، بيچيني، درد ۽ دلربائي جي سمنڊ کي قطري ۾ قيد ڪري ٿو ۽ اھوئي فن لازوال، آفاقي ۽ ڪلاسيڪي آھي. باقي ٻيو سمورو قلمي پورھيو تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ دفن ٿي ويو. بقول غالب
قطري مين دجله دکھائي نه دي اور جزو مين کل
کھيل لڙکون کا ھوا ديده بينا نه ھوا
۽ توھان پنھنجي ھن آڪاش کي ڏسو ته ھو پنھنجي فڪر جي فريڪوئنسي سان انھن ڪوين جي قطار ۾ وڃي بيھي ٿو، جن دنيا کي بدلائڻ ۽ حسين کان حسين تر ڏسڻ جا خواب پنھنجي اکين ۾ ڪجل جي ڪاني جيئن پاتا آھن ۽ انھن سپنن کي پنھنجي پنبڻين تي پالڻ لاءِ ھنن جيترو سوچيو لوچيو ۽ ڀوڳيو آھي، اھو به سندن تخليق مان جھلڪي رھيو آھي ھو چوي ٿو؛
خوابن جا ڏيئي موتي، تعبير خريديون ھا!
نيڻن جي نصيبن ۾ پر ننڊ لکيل ناھي.
يا
ھڪ سپنو جنھنجي ساڀيان خاطر
پنھنجي نيڻن جي صليبن تي ٽنگيل
سوين سپنن کي گھُٽا ڏئي اسان ماريو آ
پاڻ تي ظلم ڪري پاڻ کي جيئاريو آ
مون چيو آڪاش جي سموري شاعري ڪنھن سپني جو سوز آھي. اھو سپنو، ھن دنيا کي حسين کان حسين تر بنائڻ جي تمنا آھي. اھا دنيا جيڪا اڄ ڪنھن ننڍڙي ٻار جيان اُتاوليون وکون کڻندي وڃي. نيو ورلڊ آرڊر ۽ گلوبلائيزيشن جي گرھڻ ۾ ڦاٿي آھي سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي نالي ۾ بي پرواھ بگھڙ، اڄوڪي دنيا جو چھرو ڪيئن رانڀوٽن سان رھڙي رھيا آھن اسان سڀ ڏسي رھيا آھيون اتي وري به دنيا جو درد پنھنجي ھانءُ جي ھندوري ۾ رکندڙ آڪاش ئي دانھن ڪري چوي ٿو؛
دنيا ته دلربا ھئي پر،
وحشي ٽولن جي ور چڙھي وئي.
ڪيٽس چيو ھو ته ”سونھن سچ آھي ۽ سچ سونھن“ ۽ اھا به حقيقت آھي ته سچ ۽ سونھن لازوال فن جا سڀ کان وڏا محرڪ آھن. اھو به سچ آھي ته انھن جو اثرائتو اظھار درد کان سواءِ ممڪن ڪونھي. ڇو ته درد، عشق جو دادلو دوست آھي. ۽ آڪاش جي شاعري جا منھنجي نظر ۾ سچ، سونھن عشق ۽ درد سڀ کان وڏا محرڪ آھن، جن تي فراق ۽ جدائي جي ڪيفيت ڇانيل آھي. پوءِ چاھي اھو فراق، انقلاب جي حسين آس ۽ انتظار ۾ ظاھرٿئي يا پنھنجي محبوب جي وصال جي آرزو ۾ اکين جو آگم ٿي اچي. فراق ئي فراق آھي. انتظار ئي انتظار آھي. ڪجھه شعر ٻڌو:
اي اسانجا اڻ ڏٺل، صدين کان رٺل.
خواب جھڙا ”آئيندا“
تنھنجو ڌنڌلوڪو تصور رڳو محسوس ڪري،
متان تون سمجھين توکي ماڻڻ لاءِ،
اسان مقتل ۾ ڪري ماٺ رھيا ھونداسين،
۽ تنھنجي چاھ جي خواھش ۾ توکي ڳولڻ لاءِ
پنھنجي ٿوھر ڀريل راھن تان ٿڙيا ھونداسين
يا
ٻڌاءِ! تون اڃا ڪڏھين ايندين؟
ھزار وار، ٻاٽ جون چُنريون
رات جي ڇاتي تان سرڪيون آھن،
اسان جي راھ مسافر ۽ بيقرار دليون،
پوھ جي رات کي پرھ سمجھي
ڪُوڙي آٿٿ مٿي ڇرڪيون آھن،
ٻڌاءِ! تون اڃا ڪڏھين ايندين؟
يا
ھاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾،
آسماني ڏيئا پڻ اجھامي ويا
سمھي پيا ستارا، ٿي جھيڻا جھڪا،
ڪڏھانڪر ڪَتين ڪَر موڙي ڇڏيا،
مگر انتظارن سندا قافلا،
ٿيا ڪن ٿڪجي ڪڏھن چُور چُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.
يا
وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو، پيو ٿئي گھر گھلو، يار جلدي ملو . . . . .
مون ڏٺو آھي ته دنيا جي لازوال ۽ حسين شاعري جن معيار تي پرکي وڃي ٿي. اھي آھن داخليت ( Subjectivity) خارجيت (Objectivity )، فطرت سان ويجھڙائي ۽ تاريخي ۽ سماجي شعور ۽ آڪاش جي شاعري ۾ انھن معيارن جو گھڻي حد تائين توازن برقرار آھي. آڪاش جو تاريخي ادارڪ ( Historical Wisdom ) ھن کي روايتپڻي کان ٻاھر ڪڍي گھڻو مٿي کڻي بيھاري ٿو. جنھنجي اڳيان اڄوڪي دؤر جي گھڻي ڀاڱي يار جي چڳن ۽ چمن جي چُنگل ۽ بلبل ۽ گلشن جي ڪاروبار ۾ ڦاٿل سنڌي شاعري گھڻي پوئتي رھجي وڃي ٿي.
اڄ جي گھڻي قدر سنڌي شاعريءَ جو سڀ کان وڏو الميو اھو آھي ته اھا پنھنجي دؤر جي ڪڙي حقيقتن، تاريخ جي شعور ۽ ھمعصر عالمي ادب کان ناآشنا ھجڻ ڪري، ھڪ مخصوص روايتي دائري ۾ چاڪي جي ڏاند وانگر ڦيرا پائي رھي آھي. پر اتي آڪاش انھن سڀني (Stereo types ) کان ٻاھر بيٺل آھي. حقيقت ۾ اسان جا اڃا فن ۽ ڪلا کي پرکڻ جا معيار به روايتپڻي کان ٻاھر ناھن نڪتا. مخصوص نظرين جا نيئر وجھي تخليقڪار کي سوگھو ڪرڻ، ساڻس سڀ کان وڏي زيادتي آھي. جڏھن ته شاعر ڪائنات ۽ فطرت جي احساس جو اسير ھوندو آھي. ھُن جي فڪر ۽ جذباتي تبديلين ۾ جيترو ھٿ ھن جي داخلي رولاڪين جو ھوندو آھي، اوترو ئي ھٿ فطرت جي فنڪارين ۽ سماجي حالتن جو به ھجي ٿو. جيڪو مسلسل ڪيفيتن جي تبديلي مان گذري ٿو ۽ ظاھر آھي ته تخيل ۽ فڪر به مٽجندو رھي ٿو.آڪاش جي شاعريءَ جو پھريون دؤر سندس جذباتي دؤر آھي ۽ ٻيو دؤر نوي وارو ڏھاڪو ۽ ھاڻوڪو دؤر آھي. جنھن ۾ زندگي جي موجوده حقيقتن ۽ سماجي ڪيفيتن جو ڏيک آھي. آڪاش جي ھاڻوڪي شاعري سندس دل جي دنيا جو سچو عڪس ۽ اعتراف آھي. چوندا آھن ته؛
Confession is a death of follies
(اعتراف غلطين جو موت آھي.)
۽ اھو اعتراف جو دؤر ھر تخليقڪار تي اچي ٿو. جنھن ۾ ھُن جي ڇنڊڇاڻ ۽ (Filtration ) ٿئي ٿي، پوءِ چاھي ھُو ان جو اظھار پنھنجي تخليق جي صورت ۾ ڪري يا نه ڪري، نه ته پاڻ ته ڏسون پيا ته اڄ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي آکاڙي ۾ ڪيترو اندران کاڌل، مئل روح ۽ (Dead man walking ) جھڙا ڪردار گھمي ڦري رھيا آھن، جن جي زندگيءَ ۾ زندگيءَ کان سواءِ سڀ ڪجھه پر اتي آڪاش ھڪ ضمير جي قيد ڪلاڪار وانگر انھن سڀني روايتن کي ٽوڙي بيھي ٿو ۽ چوي ٿو؛
اسين بس رھياسين اڌورا اڌورا
اھا ڪيفيت فيض تي به آئي ھئي. جڏھن ھُن پنھنجو نظم ”کچھه عشق کيا، کچھه کام کيا“ لکيو ھو، ۽ ڪازان زاڪس ته پنھنجي پڇاڙي حياتيءَ ۾ (Report to Greeko ) لکي، انھيءَ عمل مان گذريو ھو. اھو اعتراف رڳو آڪاش جو ئي نه پر ھن دؤر جو اعتراف آھي. گذريل ٽن ڏھاڪن جي سنڌ جو اعتراف آھي، انھن سڀني آڪاش جي ھمسفر ساٿين جو اعتراف آھي، جيڪي اڄ وقت جي واڇوڙي ۾ ڪک پن جيان الائي ڪيڏانھن اڏامي ويا، انھن سڀني جو اعتراف آھي، پوءِ چاھي اھي انا جو ڪوٽ لاھين يا نه، سچ دلين جا دروازا اورانگھي ٿو اچي.
ھُو ته اھو به اعتراف ڪري ٿو ته ھن ھن مذھبي جنونيت مُلن جي معاشري ۾ به سچل جي انھيءَ سٽ مذھبن ملڪن ۾ اچي ماڻھو مُنجھايا جو آڱر پڪڙي ھلڻ چاھي ٿو. شايد ھو آرين کان اڳ واري سنڌ جو ڪو ويراڳ ورتل دراوڙي روح آھي. جيڪو پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي پنھنجي قبر جو ڪتبو ڏيئي ٿو وڃي.
دوستو! ڪتبو ڏسو ٿا ته آئون ڪير آھيان؟
مان پنھنجي سنڌ جي مٽيءَ جو ننڍڙو ڊير آھيان،
مان دين ڌرم جي دوکن کان دور دور رھيس،
مان ماڻھپي جي منزلن ڏي کنيل پير آھيان.
سيد سردار شاھ
12 نومبر 2005ع
حيدرآباد