جُڳن جُڳن کان . . .
جُڳن جُڳن کان جشن عام ڪري،
پنھنجي ڌرتي،
پنھنجي ھستي،
پنھنجي وجودگي کي نيلام ڪري،
پنھنجي تاريخ جو ڪفن ڦاڙي،
ڪوڙ جي ڪچرا گھرن ۾ ويھي،
وري موئن جي دڙن ۾ ويھي،
انا جي ڍونڍ کي ڦولھيون ويٺا.
اڃا به پاڻ کي ڳوليون ويٺا.
شھر ۾ سُڃ جو آ، مينھن اٺو،
نگر نگر ۾ ماٺ جو طوفان،
۽ اھڙي ماٺ!
جو چٻرا به ٿين پيا حيران
ڪو پڙاڏو، نڪو آواز، نڪا دانھن ٻُري،
موت جي رنڊي پيئي رقص ڪري،
۽ اسان!
ننڊ جو ٺرو ڏوڪي
ڏيون صبوح کي لوليون ويٺا.
اڃان به پاڻ کي ڳوليون ويٺا.
اسان جي قبر جون رکوال،
خونخوار ڳجھون،
سدا بکايلون ۽ ڪار گُجيون،
پنھنجي چنبن سان،
پنھنجي چھنبن سان،
اسان جو آئيندو کيڪارن ٿيون،
اسان جي ٻارڙن جي ٽولين ڏي،
ڪيڏي لالچ، ڪيڏي وحشت منجھان نھارن ٿيون،
۽ اسان؟
پنھنجي ابھمن کي اڃان،
ٻڌايون ڳيري جون ٻوليون ويٺا.
اڃان به پاڻ کي ڳوليون ويٺا.
۽ ڪڏھانڪر ڪراڙ جي ڪپ تي
پنھنجي مرشد جي صنم خاني ۾
ڏات جي اپسرا ڏُسڪي پيئي،
چؤطرف ٿرٿلو برپا آھي،
چؤطرف زلزلي جي آمد آ
جو ڀٽ ڌڻيءَ جي قدمن ھيٺان
زمين سنڌ جي کسڪي پيئي،
۽ اسان سڀ.
مزار تي مُرڪي
چڙھايون ريشمي چوليون ويٺا.
اڃا به پاڻ کي ڳوليون ويٺا.