شاعري

ڪيئن رھان جلاوطن

نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“حاضر آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي. جامي چانڊيو لکي ٿو:
”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“
Title Cover of book ڪيئن  رھان  جلاوطن

اڌورا ۽ اڻپورا گيت

اڌورا ۽ اڻپورا گيت

جيسين منھنجي ڌرتيءَ تي ٿو رقص ڪري راڪاس،
جيسين انسانن جي اڱ تي ماسو ناھي ماس،
جيسين دھشت ۽ وحشت جو وستيءَ ۾ آ واس،
جيسين جڳ ۾ جاري آھي رت وھائڻ ريت،
تيسين اڌورا ۽ اڻپورا، رھندا منھنجا گيت.

جيسين ھينئڙي ھول به اھي، جيسين پاڙو ٻول،
جيسين ڪاچ ۽ ڪنڪر وڪبا، موتي ھيرن مول.
جيسين ھر ڪنھن پير ۾ ٻيڙي، جيسين ھٿ ڪڙول،
جيسين جذبن ۽ رشتن جي جڳ ۾ ناھي جيت،
تيسين اڌورا ۽ اڻپورا، رھندا منھنجا گيت،

جيسين سچ تي سئو سئو ڦٽڪا، پيار آ جيسين پاپ،
جيسين ڪنھن سجني جو ساجن سان نه ٿيو ميلاپ،
جيسين پنھنجي راڄ مٿان ٿي راڄ ڪري چُپ چاپ،
جيسين ماٺ ۾ رھندا، منھنجا مارو، منھنجا ميت،
تيسين اڌورا ۽ اڻپورا، رھندا منھنجا گيت.