مھاڳ (پھريون ڇاپو)
شاعر آڪاش انصاري سنڌ جي اھڙي تاريخي دؤر جي پيداور آھي، جڏھن ھتي پا مڃائڻ، نئين ماڻھوءَ لاءِ ڪٺن ڪم چيو وڃي ٿو. ڪٺن ان ڪري ته نئين شاعر کي ڀٽائي، سچل، تنوير، اياز، امداد، استاد بخاري ۽ سوين ھزارين شاعرن جي وچ ۾ پنھنجي جاءِ ٺاھڻي ٿي پوي.
پر دليل ڏيڻ جو اھو طريقو به شايد درست نه ھجي، شيڪسپيئر کان پوءِ انگريزي شاعري بيھي نه ويئي ۽ نه وري ڪاليداس کان پوءِ ھندستاني شاعري ۾ ڪا ڪمي ٿي. رڳو سنڌ ۾ ڀٽائي ۽ اياز ۾ ٻن صدين جو خال، ٻن چئن شاعرن کي ڇڏي. ان ڪري ٿو نظر اچي، جو ان لاءِ تاريخي حالتون ذميوار آھن. شاعري ته ٿيندي رھي پر پٽائيءَ تي سنڌي شاعري ڪلاسڪ ۾ داخل ٿي ھئي، جتان وري ان لوڪ شاعري يا سگھڙن ڏانھن موٽ کاڌي، جو سنڌي سماج ۾ نَينَ پيداوري قوتن جو اوسر وارو ڪم رڪجي ويو ھو.
پنجاب ۾ به ڪلاسيڪي شاعري پوئتي موٽ کاڌي ھئي ۽ وري جڏھن اقبال سيالڪوٽ مان شاعر ٿي اڀريو، تڏھن اتي ٿوري گھڻي صنعتڪاري ٿي چڪي ھئي، پر ان سفر ۾ اتي اردو ۽ فارسي، پنجابي زبان جو جديد ادبي مرتبو کائي چڪيون ھيون. ائين ته سنڌ ۾ به فارسي شاعري ٿيندي رھي ۽ اڄ به عجائب گھر ۾ رکڻ جھڙو ڪونه ڪو فارسي جو سٽيل شاعر ملي ويندو، جنھن جي شعر ۾ ”۽“ ”۽“ ”آھي“ کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جو واس تيل جي کوٽائي ڪرڻ سان به نه ملي سگھندو. ھونئن به تخليق جو سفر ته زندگيءَ جي قافلي سان گڏ آھي، اھو ڪٿي به بيھڻو ڪونھي، دنيا ڀٽائي ۽ اياز تي اچي بيھي ڪونه ٿي، پاڻ اھي سندس واٽ جا نشان آھن، جتان جدوجھد جو قافلو وڌيڪ ثمر کڻي اڳتي وڌي ٿو. فنڪار ۽ جينيئس جي ذھن جا دروازا کليل ھوندا آھن ۽ اتي گھڻو ڪجھه سمائجي سگھندو آھي ته وري تخليق جي سخاوت به کليل دل سان ٿيندي آھي، ڀٽائي، اياز، ۽ آڪاش ان سخاوت جا روپ آھن ھر فنڪار ۽ ليکڪ ان سخاوت جو روپ آھي.
تاريخ، پاڻ ماڻھن کي ڏکن ڏيڻ ۾ حاتم طائي واري سخاوت ڪئي آھي ۽ ان سخاوت اسان کي ھر دور ۾ عظيم فنڪار ۽ تخليقڪار ڏنا آھن.
آڪاش انصاري انھن تخليقڪارن مان آھي، جنھن کي پنھنجي انفراديت، پنھنجي سڃاڻپ، پنھنجي شاعرانه سونھن، پنھنجو ردم ۽ پنھنجا فڪري رويا آھن.
آڪاش جي شاعري ۽ لاڙ جي سياسي جاگرافي ۾ عجيب ھڪجھڙائي آھي، آڪاش جي مٽي بدين جي مٽي آھي. جنھن ۾ روپا ماڙي، وڳھه ڪوٽ، رڻ ڪڇ، سمنڊ، ٿر، يونين ٽيڪساس جو ڳولھي ڪڍيل تيل، وِلھه گاڏڙ ھوائون ۽ لاڙي چانورن جو واس سڀ شامل آھي.
ان جا جاگرافي تي تاريخي جبر وارا پھلو به لاڳو ٿين ٿا، جن ۾ 1947ع کان پوءِ پيدا ٿيل راڪاسن جون جنگي ۽ سياسي حڪمت عمليون ۽ ان جا جاگرافي جو ٻيو لازمي پاسو ھي آھي ته بدين سنڌ آھي. ھي سڀ ڳالھيون، ھڪ پڙھيل لکيل نوجوان تائين اھڙي نموني پھچن ٿيون جو ھُو، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ، آڪاش انصاري جي نالي سان سنڌ جي افق تي نروار ٿئي ٿو ۽ عجيب نموني نروار ٿئي ٿو. شاعراني، ملنگ مست طبيعت وارو آڪاش جنھن ۾ محبتون ئي محبتون ڀريل آھن، جيڪو تند جي سامھون راءِ ڏيارچ جو ڪو نئون روپ ۽ ڪردار ٿو لڳي سو سياست به ڪري ٿو. مروج سياست جا ماڻھن کي تلخ تجربا آھن، خود ترقي پسند سياست ۾ به ڪيئي سچ انائن جي ٽياس تي آپگھات ڪري چڪا آھن، اتي اسان جو ھي دلبر ھمراھ پنھنجي مڪمل شاعراڻي وجود سان ذري جي به رعايت ڏيڻ کان نابري واري موجود آھي، سندس اِھا موجودگي سياست ۾ سچ جي جاءِ ولارڻ جو ڏس آھي. ھوپنھنجي روين ۾ مڪمل شاعر آھي ۽ سياست ۾ به انھن روين سان موجود آھي، جيڪي بنيادي طرح انسان دوست ورتاءُ آھن.
آئون آڪاش جي شاعراڻي سفر جو شاھد آھيان، جو مون ھلال مئگزين ۾ 1981 82 ع واري عرصي ۾ سندس شاعري ڇاپي، ان وقت ۽ ھاڻي به آڪاش جي شاعري، مونکي ناول سڌارٿ جي اھڙن ٻن ڪردارن جي ڪيل شاعري لڳندي آھي. جن ذھني يڪسوئي جي سکيا، درياھ جي لھرن تي پھرن جا پھر ۽ ڏينھن جا ڏينھن ٽڪ ھڻي مشڪ ڪرڻ ذريعي ورتي ھجي.
سندس نظم معاملن ۽ حالتن جي تيز ۽ تکي وھڪري واري درياءُ جي ھر لھر جو تفصيلي مطالعو آھي، انھن لھرن ۾ ڪٿي دنيا جي امن جو لاش، ڪٿي آمي ۽ ڦاپي جي عصمتن جا پٽيل اُرھ، ڪٿي عقيدن جا ڀرم، ڪٿي پاڻ کي ڳولڻ جي ضرورت کان وڌيڪ سودائن جا جنازا ۽ ڪٿي ماروئن جا گھُٽيل لڙڪ لڙن ٿا.
ھن جي شعرن ۾ درد، فلسفي ۽ جدوجھد جا گڏيل ۽ رچيل رنگ به موجود آھن، ته سياسي جلسن ۾ پنھنجي وطن جي ماڻھن کي گڏ ۽ متحد ڪرڻ واري شاعري به ملي ٿي. ھو ساڳئي وقت مست ملنگ ۽ لا ابالي شاعر آھي ته ھڪ بيباڪ انقلابي ميدان جو شھسوار پڻ. ٻي خاص ڳالھه اھا آھي ته آڪاش پنھنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي فلسفاڻين پاسن کي سمجھڻ ۾ سولو به بڻايو آھي. اھا ڳالھه سندس جذبي جي واضع چٽائي ۽ فھم جو ڏس ڏئي ٿي، ته سندس شاعري جي رومانوي رنگ به اڀاري آڻي ٿي.
آڪاش پشم جي گولن جھڙو نرم ۽ نازڪ ۽ ھيري جھڙو مضبوط شاعر آھي ۽ منجھنس تمام گھڻڳ شاعراڻو وت موجود آھي، جيڪو وقت سان گڏ سامھون ايندو رھندو.
ف.م لاشاري
ڪراچي
پھرين جنوري 1990ع