ٺٽوي ڪاتيار

شاعر، اديب ۽ محقق ذوالفقار علي عرف ٺٽوي ڪاتيار جو جنم غريب ۽ محنت ڪش مزدور محمد بخش ڪاتيار جي گهر ميرپور ساڪرو ۾ 21 فيبروري 1989ع تي ٿيو. انتھائي ذهين ۽ قابل شخص، ٺٽوي ڪاتيار، خداداد صلاحيتن جو مالڪ آهي پر ان ۾ نکار سندس والد صاحب جي رهبري ۽ رهنمائي ۾ آيو آهي.
ذوالفقار علي عرف ٺٽوي ڪاتيار سنڌ جي تاريخ خاص ڪري ٺٽي جي اڻلڀ تاريخ تي تحقيق ڪندڙ نوجوان ليکڪ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جو سرگرم ڪارڪن آھي. سندس ٻہ ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)“ ۽ ”برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ“ ڇپيل آھن.  

  • جنم: 1989-02-21
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب