راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان), ليکڪ : ٺٽوي ڪاتيار

راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)
ليکڪ : ٺٽوي ڪاتيار
ڪيٽيگري : تاريخ، فلسفو ۽ سياست
ڇپيندڙ : ڪاتيار پبليڪيشن، ٺٽو
شايع ٿيڻ جو سال : 2017
شامل ڪيو ويو : 2017-10-22
ڏِٺو ويو : 4819 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 2679 ڀيرا
ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق تي مشتمل هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ٺٽوي ڪاتيار آهي.
ڪتاب جي محقق جي چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري تاريخ، فلسفو ۽ سياست مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ