مهاڳ (محمد مارو خشڪ)
ان ڳالهه کي اسان جا وڏا وڏا اديب به سلجهائي نه سگهيا آهن. بهرحال ان تحقيق جي ڪري اسان کي تاريخ جي ٻين گمنام ماڳن مڪانن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي جيڪي ڏاهر – عرب جنگ سان واسطو رکن ٿا. ليکڪ کي اهي ماڳ ان ڪري ڳولڻ ۾ ڪا ايتري دشواري نه ٿي هوندي ڇو ته هن جي والد محترم جو ننڍپڻ ان علائقي جي ڀٽن ۽ دڙن سان درد ونڍيندي گذريو آهي.
محمد بن قاسم جي جنگ جو ذڪر “راؤڙ” نالي هڪ علائقي جي پس منظر ۾ نظر اچي ٿو. جيستائين اهو علائقو ظاهر نه ٿيو آهي تيستائين چٽي طرح چئي نه سگهبو ته اها جنگ ڪٿي لڳي. ها البت ڊاڪٽر بلوچ شڪ ڏيکاريندي چيو ته اها جنگ غالباً جاتي واري علائقي “رڙي” ۾ لڳي هجي ڇو ته راؤڙ سان ملندڙ جلندڙ لفظ “رڙي” موجود آهي. هن ڪتاب جو محقق ان ڳالهه سان سهمت نه آهي. سندس چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن جتي محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر وچ ۾ گهمسان جي جنگ ڇڙي هئي. جاين جڳهن يا ماڳ مڪانن جي معلومات لاءِ هڪ ثبوت ئي ڪافي آهي جڏهن ته هن هڪ کان وڌيڪ ثبوت ڏنا آهن جيڪي مقالي جو معيار بالا ڪن ٿا. جيئن ته ان جنگ جو پيرائتو احوال لکڻ لاءِ هن فتح نامه يا چچنامه مان مدد ورتي آهي جيڪو عرب-ڏاهر جنگ بابت آڳاٽو دستاويز آهي. مٿين ٻن حوالن کان علاوه ان سان ملندڙ هڪ ماڳ “فتح جو پڙ” پڻ موجود آهي. جيڪو محمد بن قاسم جي ڪاميابيءَ ڏانهن اشارو ٿي سگهي ٿو. شايد ڪتاب تي به ان ڪري نالو رکيو ويو ٿو ڏسجي. جڏهن ته فتحنامه ۾ لفظ “ددها واه” اچي ٿو، جيڪو ليکڪ جي مطابق اڄ به اتي ڪنهن واه جا آثار آهن جن کي مقامي ماڻهو “گدا واه” چون ٿا. عربي ۾ گ ڪونهي ٿي سگهي ٿو ته انهن گدا جي متبادل ددها واه لفظ استعمال ڪيو هجي.
انهن ماڳن مڪانن تي اعتبار ڪرڻ کان اڳ ۾ هڪ سوال ٿو پيدا ٿيئي ته ڇا واقعي اها جنگ ضلعي ٺٽي يا ساڪري جي حدن ۾ لڳي هئي؟ جڏهن ان ڳالهه جي چٽائي ٿئي تڏهن ئي انهن ماڳن کي صحيح سمجهبو. ٺٽوي ڪاتيار ان سلسلي ۾ هيٺيان دليل ڏنا آهن جيڪي واضع ڪن ٿا ته جنگ ضلعي ٺٽي ۾ ئي لڳي هئي.
1. ان جنگ ۾ جتن ۽ ساڪري جي وڏيرن پڻ حصو ورتو هو. جنهن مان سمجهجي ٿو ته هي جنگ لاڙ پٽ، ضلعي ٺٽي جي تعلقي ساڪري ۾ لڳي هئي.
2. راجا ڏاهر جنگ وقت پان جو استعمال پئي ڪيو جيڪو پڻ ٺٽي ۾ ٿئي ٿو.
3. گرمي جي موسم ۾ راجا ڏاهر ان علائقي ۾ ترسندو هو جتي جي هوا موزون هئي. اهو راؤڙ هوندو پر اروڙ نٿو ٿي سگهي ڇو ته اروڙ يعني سکر جي هوا گرم هوندي آهي.
مٿيون ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته اها جنگ اروڙ بجاءِ محقق جي ڄاڻايل علائقي ۾ ئي لڳي هوندي. چچ نامو ۾ جن ٻن جڳهن جو ذڪر آهي انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته جنگ ان علائقي ۾ نظر اچي ٿي. چچنامو هڪ جڳهه جيور لکي ٿو. ان سان ملندڙ لفظ جيوڙو اڃا به موجود آهي جيڪو ان علائقي جو نالو آهي. عربي ۾ جيوڙو کي جيورُ ئي لکي سگهجي ٿو ڇو ته ان ۾ ڙ نه آهي ۽ وا جي جڳهه تي پيش اچي ٿو. تنهن ڪري عربي ۾ ان کي جيورُ ئي لکيو ويو هوندو. جيڪو لفظ هن ڪتاب ۾ موجود آهي.
ساڳي طرح راؤڙ/راور هاڻوڪو “رياتڙو” آهي ان جي به ڇنڊ ڪندي لکي ٿو ته اهو لفظ “راءُ تڙ” ئي هوندو، جنهن کي عربي ٻولي ۾ “راؤ تر” ئي لکي سگهجي ٿو. شايد فارسي ٻولي ۾ ترجمي وقت ت حذف ٿي ويو هوندو. اها ڳالهه وڌيڪ چٽي ان وقت ٿئي ٿي جڏهن تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيور ۽ راؤڙ جي وچ ۾ درياهه وهندو هو جنهن جو مفاصلو چار ميل هو. ان حوالي جو جائزو وٺبو ته واقعي انهن ٻنهي مڪانن ۾ ايترو ئي مفاصلو آهي ۽ وچ ۾ دريا جا آثار پڻ موجود آهن. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته راؤڙ اهوئي رياتڙو آهي جيڪا ڳالهه ليکڪ هن ڪتاب ۾ چٽي نموني سمجهائي آهي. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي. ليکڪ هن ڪتاب کي چار حصن ۾ ورهائي ڳالهه کي تمام سولو بنايو آهي. پهريون باب تاريخي مونجهارن بابت آهي. جيڪي ليکڪ مختلف ڪتابن جي مطالعي ڪندي لکيا آهن، جنهن تي ليکڪ واقعي جس لهي. ٻي باب ۾ اروڙ ۽ راؤڙ ۾ فرق ڪيو آهي. جنهن سان اها ڳالهه واضع ٿي وئي ته اها جنگ راؤڙ واري ماڳ تي ئي لڳي آهي. اروڙ جو ان سان ڪو تعلق ئي ناهي. ٽي باب ۾ برهمڻ گهراڻي جي دور حڪومت کي مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيندي سلجهايو آهي. چوٿين باب ۾ راؤڙ واري ماڳ جي نشاندهي ٿيل آهي. مڃون ٿا ته ليکڪ مطالعي ۽ مشاهدي جي ميدان ۾ عمر جي لحاظ کان ننڍو آهي پر هن جيڪا راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي ويڙهه وارن ماڳن ۽ مڪانن تي تحقيق ڪئي آهي اها ڪنهن به صورت ۾ ساراهڻ کان گھٽ نه آهي.
ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ
مڪلي، 10 مارچ 2017ع