تاريخ، فلسفو ۽ سياست

راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق تي مشتمل هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ٺٽوي ڪاتيار آهي.
ڪتاب جي محقق جي چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي.
Title Cover of book راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

باب ٻيو:راؤڙ يا اروڙ؟

هاڻي اچون ته ان ڳالهه تي ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي جنگ اروڙ ۾ لڳي يا راؤڙ ۾؟
مون ڪافي دوستن کان ان باري ۾ معلوم ڪيو ته اڪثر دوستن جو جواب اروڙ ئي هو. اگر اسان اروڙ کي درست قرار ڏيو ته ان جو مطلب اهو نڪرندو ته فتحنامه يا ٻيا ڪتاب سڀ غلط آهن. هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته سنڌ جي قديم تاريخ تي فتحنامه سنڌ ئي جامع ڪتاب آهي جيڪو ٻي صدي هجري ۾ لکيو ويو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران جن ٽن ڪتابن کي پاڪستان جي آزادي کان پوءِ ڇپائڻ جو ڪم شروع ٿيو انهن ۾ اهو ڪتاب به آهي. هن ڪتاب ۾ محقق پاران ڏنل واڌارا ۽ اشارا ۾ سنڌ جي برک محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب واضع طور لکيو آهي ته “هن پوئين عرصي ۾ جن سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو آهي تن مان گھڻن راؤڙ ۽ اروڙ کي هڪ سمجهيو آهي جو صحيح نه آهي.” سو سڀ کان پهرين اسان کي اهو معلوم ڪرڻو پوندو ته اها جنگ اروڙ تي لڳي هئي يا راؤڙ تي؟
سو مون به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڳالهه مطابق اروڙ ۽ راؤڙ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ ڪجهه نقطا لکيا آهن، اميد ته انهن کي پڙهڻ کان پوءِ اروڙ ۽ راؤڙ ۾ فرق واضع ٿي ويندو.

(1). اروڙ راءِ ساهيسي جي دور ۾ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو، جڏهن ته راؤڙ جو بنياد چچ وڌو هو.
هاڻي چچ هڪ ٺهيل شهر جو ڪيئن وري بنياد وجهندو.؟ ڪنهن شهر جي مرمت ڪرڻ الڳ جڏهن ته ان جو بنياد رکڻ الڳ ڳالهه آهي.
(2). جڏهن راؤڙ جو قلعو فتح ٿيو ته ڏاهر جو پٽ جيسينه راؤڙ جي قلعي مان نڪري وڃي برهمڻ آباد ۾ ويٺو ۽ اتان اروڙ جي قلعي ۾ ويٺل پنهنجي ڀاءُ گوپي پٽ ڏاهر کي خط لکيائين.
اگر راؤڙ ۽ اروڙ هڪ آهن ته پوءِ راؤڙ جو قلعو محمد بن قاسم فتح ڪري ورتو ۽ جيسينه وڃي برهمڻ آباد ۾ ويٺو ته پوءِ گوپي ڪيئن اروڙ جي قلعي ۾ ويٺو هو جو جيسينه ان کي خط لکيو؟
(3). اروڙ تي جڏهن محمد بن قاسم پهتو ته اتي جي عوام کي پورو ڀروسو هو ته ڏاهر اڃان زنده آهي ۽ اسان جي مدد لاءِ اچي پيو. اتي محمد بن قاسم پنهنجي زال لاڏي (جيڪا پهرين ڏاهر جي زال هئي ۽ بعد ۾ غنيمت جي مال مان خريد ڪري محمد بن قاسم ان سان نڪاح ڪيو) کي قلعي وارن سان ڳالهائڻ لاءِ موڪليو.
اگر جي جنگ لڳي اروڙ تي هئي ته پوءِ ڏاهر جي زال ڪيئن جنگ کان پهرين محمد بن قاسم جي نڪاح ۾ آئي؟
جڏهن ته “جنت السنڌ” ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته “الور جي قلعي وٽ جنگ لڳي هئي اتي ئي راڻي مابين پاڻ کي باهه ڏني هئي ۽ اتان ئي راڻي لاڏي هٿ آئي هئي جنهن سان محمد بن قاسم نڪاح ڪيو هو”.
هاڻي ته ڳالهه سمجهه کان ئي ٻاهر ٿيو وڃي ته الور وٽ جنگ لڳي ته پوءِ محمد بن قاسم وٽ جنگ کان پهريان ئي راڻي لاڏي ڪيئن هٿ آئي جو هن راڻي لاڏي کي قلعي وارن سان ڳالهائڻ لاءِ موڪليو.
(4). انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهرين ۾ جتي اروڙ جو ذڪر آهي اتي محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي جنگ جو ڪو به ذڪر نه آهي.
انسائڪلوپيڊيا ڪتاب ڪو هڪ ماڻهو ناهي لکندو. ڪم و بيش 500 ماڻهو (ناليوارا اديب ۽ تاريخدان) گڏجي اهو ڪتاب لکندا آهن. ته انهن ماڻهن ان ڳالهه تي ڇو اعتراض نه ڪيو ته ڏاهر ۽ عرب جي لڙائي اروڙ ۾ نه لڳي هئي.؟
(5). فتحنامه سنڌ جو مصنف لکي ٿو ته ڏاهر گرمي جا چار مهينا راؤڙ ۾ رهندو هو ڇو ته اتي جي هوا موافق هئي.
ڇا سکر جي آبهوا گرمين ۾ موافق هوندي آهي؟ اڄ جي دور ۾ به گرمين جي موسم ۾ به آبهوا جي حوالي سان ٺٽي کي جنت قرار ڏنو ويندو آهي. ”ڪتاب ننگر ٺٽو، جنهن جيئن ڏٺو” ۾ لکيل آهي ته “ٺٽو پنهنجي بهترين آبهوا ۽ ميوات ڪري ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ بهشت منجهان مينهن جيان هيٺ وسي زمين تي لٿو آهي” هڪ ٻي جڳهه تي لکيل آهي ته “ دلچسپ اها ڳالهه به آهي ته مطاهر ٺٽي کي بهشت سان تشبيهه ڏني آهي”.
وڏي ڳالهه ته اڄڪلهه گھڻن ماڻهن جي واتان يا سوشل ميڊيا تي توهان کي اهو معلوم ٿي ويندو ته راجا ڏاهر 2 جولائي تي قتل يا شهيد ٿيو. جڏهن ته اردو انسائڪلوپيڊيا ۾ لکيل آهي ته راجا ڏاهر 20 جون تي قتل ٿيو. ان مان صاف ظاهر آهي ته عرب ۽ ڏاهر جي لڙائي وقت گرمين جا ڏينهن هئا ۽ راجا ڏاهر راؤڙ جي قلعي ۾ هو.
“تحفة الڪرام جي مولف جو بيان آهي ته سنڌ کي سٺيءَ آبهوا سان نوازيو ويو آهي. سندس چوڻ مطابق هن جون سانجهيون ته واقعي خوبصورت ٿينديون آهن. سنڌ جو اتر وارو ڀاڱو گرم ۽ لاڙ وارو ڀاڱو ٿڌو ٿيندو آهي. مان سمجهان ٿو۽ حقيقت به اها آهي ته هن صوبي جي آبهوايڏي سٺي ڪانه آهي. مان اڳي به ذڪر ڪري آيو آهيان ته مارچ، اپريل ۽ مئي جي مهيني ۾ سري (اپر سنڌ) ۾ گرمي تمام گهڻي ٿي ويندي آهي. سري واري علائقي ۾ ايڏي ته ڪوسي اگهاڙ گهلندي آهي جو سفر ڪرڻ به مشڪل ٿيو پوي، ان رُت ۾ سبي ۽ سنڌ جي وچ تي بربٽ مان سفر ڪرڻ بلڪل ناممڪن ٿي ويندو آهي. (ڪتاب سُکاري سنڌ، ڏکارا ماڻهو)
(6). فتحنامه سنڌ ۾ لکيل آهي ته ڏاهر گرميءَ جا چار مهينا راؤڙ ۾ ترسندو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ وڻندڙ جڳهه هئي ۽ سندس هوا موافق ۽ پاڻي خوشگوار هو. سياري جا چار مهينا برهمناباد ۾ گذاريندو هو ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو.
هاڻ جيڪڏهن راؤڙ ۽ اروڙ هڪ آهن ته مٿين ڳالهه کي غلط تصور ڪجي يا اهو چئجي ته مصنف يا محقق جي غلطي آهي. جيڪڏهن اروڙ ۽ راؤڙ هڪ آهن ته پوءِ عبارت هيئن به لکجي سگھجي ٿي ته “ڏاهر گرمي ۽ بهار جا 8 مهينا اروڙ ۾ گذاريندو هو.”
(7). اسان جا ڪجهه تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته راجا ڏاهر جنگ جي وقت هاٿي تي سوار هو ۽ پالڪي ۾ ساڻس گڏ ٻه ڇوڪريون به ويٺل هيون. جن مان هڪ کيس تير ٿي کڻي ڏنا جڏهن ته ٻي کيس پان ٿي کارايو.
پان ته اڄ به ٺٽي وارن جي سڃاڻپ آهي. پان جو فصل شروع کان وٺي ٺٽي ۾ ٿيئي ٿو. جناب عبدالرشيد گبول پنهنجي ڪتاب “ڀنڀور تاريخ جي آئيني” ۾ لکي ٿو ته ڀنڀور جا ماڻهو پان به واپرائيندا هئا.
هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته مٿين عبارت جي حوالي سان مختلف ڪتابن ۾ مختلف ڳالهيون بيان ڪيو ويون آهن، مثال ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته راجا ڏاهر سان گڏ جيڪي ٻه ڇوڪريون پالڪي تي ويٺل هيون انهن مان هڪ کيس پان ٿي ڏنو تي ٻي کيس تير. ڪٿي هيئن لکيل آهي ته هڪ کيس تير ٿي ڏنا ته ٻي کيس سوپاريون، ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته هڪ کيس تير ٿي ڏنا ته ٻي کيس شراب.
هاڻي خبر ناهي ته اصل ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ۽ ان ڳالهه کي ايترو ڇو منجهايو ويو آهي؟ ٿي سگھي ٿو ته انهن ڳالهين ۾ وڌاءُ هجي پر جي اها سچي ڳالهه آهي تڏهن به پان جو ذڪر ٺٽي واري علائقي جي نشاندهي ڪري ٿو.
(8). اروڙ جي قلعي ۾ هڪ جادوگرڻ رهندي هئي، جنهن کي هنديءَ ۾ “جوڳڻي” چوندا آهن. گوپي پٽ ڏاهر ۽ شهر جي مکيه ماڻهن انهيءَ وٽ وڃي عرض ڪيو ته “تنهنجي علم مان اميد آهي ته اسان کي راجا ڏاهر جي خبر ملندي ته ڪٿي آهي؟
جادوگرياڻيءَ چيو ته “مون کي اڄوڪو ڏينهن مهلت ڏيو ته مان جاچ جوچ ڪري پوري خبر وٺي توهان کي واقف ڪريان”. پوءِ گهر ويئي ۽ ٽن پهرن کان پوءِ سرانديپ جي ٻيٽ مان مرچن ۽ جافر جي وڻ جي تازي ۽ سائي شاخ مکڙين، گلن ۽ ڦر سميت هٿ ۾ کڻي موٽي آئي ۽ چيائين “قاف کان قاف تائين ساري دنيا جو سير ڪيم، پر سنڌ ۽ هند ۾ ڪنهن به جاءِ تي سندس نشان به ڏسڻ ڪونه آيم ۽ نه ڪا سندس خبر ٻڌيم، وڃي پنهنجي ڪا تدبير ڪريو. جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته مون کان ڳجهو پاسيرو نه رهي ها. هن خبر جي تصديق لاءِ سرانديپ مان سايون ٽاريون توهان وٽ کڻي آئي آهيان، جيئن توهان کي مون ۾ بدگماني نه ٿئي. مون کي پڪ ٿي ويئي آهي ته توهان جو راجا روءِ زمين تي جيئرو ڪونه آهي
اگر جي راجا ڏاهر اروڙ جي قلعي وٽ ماريو ويو ته پوءِ ڪيئن اروڙ وارن جادوگرياڻي کان پڇيو ته اسان کي ٻڌائي ته ڏاهر ڪٿي آهي؟ ۽ وڏي ڳالهه ته اروڙ وارن کي جادوگرياڻي ڪيئن چيو ته توهان جو راجا زنده ڪونه آهي؟
(9). سنڌ جو ناليوارو محقق، تاريخدان محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ “راؤڙ ” جي حوالي سان فتحنامه سنڌ ۾ هڪ تفصيلي نوٽ لکيو آهي جيڪو هن ريت آهي.
“راؤڙ : هن پوئين عرصي ۾ جن سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو آهي تن مان گھڻن راؤڙ ۽ اروڙ کي هڪ سمجهيو آهي جو صحيح نه آهي. هن جاءِ واري عبارت مان ظاهر آهي ته راؤڙ جي قلعي جو بنياد چَچ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ رکيو مگر ان جي پوري ٿيڻ کان اڳ هو مري ويو ۽ ان بعد سندس پٽ ڏهرسينه ان کي مڪمل ڪرائي، اتي شهر آباد ڪيو جنهن جو نالو “راؤڙ ” رکيائين. ان جي برعڪس، اروڙ هڪ قديم شهر هو ۽ چچ کان اڳ راءِ گھراڻي جي ڏينهن ۾ پڻ سنڌ جو تختگاهه هو.ازانسواءِ اروڙ اترسنڌ ۾ (موجوده روهڙيءَ لڳ) هو، ۽ راؤڙ هيٺ لاڙ ۾ مهراڻ جي دوآبي واري ٻيٽ اندر هڪ مظبوط حفاظتي قلعو هو.
راؤڙ جي قلعي ۽ شهر جي صحيح جڳهه متعين ڪرڻ مشڪل آهي. البت فتحنامي ۾ محمد بن قاسم جي ڏاهر سان لڙائي واري احوال مان هيءُ يقيني نتيجو نڪري ٿو ته راؤڙ هيٺ لاڙ ۽ مهراڻ جي ڇوڙ واري ايراضي ۾ هو. هيٺيان دليل قابل غور آهن:
اول ته محمد بن قاسم اتر طرف سيوستان (سيوهڻ) ۽ ٻڌيه جي علائقن فتح ڪرڻ بعد موٽي نيرون ڪوٽ ۾ آيو جو غالباً حيدرآباد واري جڳهه تي يا ان جي آسپاس هو. اتان هو ڪوچ ڪري اشبهار جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو ۽ وڃي راؤڙ جي حد سامهون، مگر درياءَ جي الهندي ڪناري تي، جهيم ۽ ڪرهل جي پرڳڻن ۾ منزل انداز ٿيو (ص س 132 ۽ 147). بعد جي تاريخي حوالن مان ثابت آهي ته ڪرهل يا گرهڙ، ٺٽي واري ايراضي جو حصو هو. پوءِ اتان به منزل کڻي اڃا به هيٺ جهيم جي پرڳڻي ۾ ساڪري جي ايراضيءَ ۾ وڃي مهراڻ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون ۽ تختا تيار ڪرايائين (ص 218). انهيءَ مان ظاهر آهي ته محمد بن قاسم لاڙ ۾ هيٺ ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري واري ايراضي مان، جا مهراڻ جي ڇوڙ واري دوآبي ۽ ٻيٽ جي سامهون الهندي طرف هئي، درياءَ ٽپيو.
ٻيو ته محمد بن قاسم جي انهيءَ تياري ۽ تجويز وقت، لاڙ واري ايراضي جي جتن ۽ ساڪري جي وڏيرن جو ذڪر اچي ٿو (فتحنامو ص 124). جت به قديم زماني کان شاھبندر ڊويزن واري ايراضي ۾ رهندڙ آهن ۽ سندن انهن قديم بستين سبب ئي ٺٽي ضلعي جي ڏکڻ-اوڀر واري ايراضي تي نالو ئي “جاتي” پئجي ويو آهي.
ٽيو ته محمد بن قاسم جو مهراڻ جي الهندي طرفان ٽپي اوڀر طرف راؤڙ جي قلعي تائين واري بيان ۾ ڪيترن ئي ننڍن دريائن جو ذڪر اچي ٿو، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اها مهراڻ جي هيٺين دوآبي يا ڊيلٽا واري ايراضي هئي. اول ته محمد بن قاسم ٻيڙين جي پل ٺهرائي، مهراڻ جي وڏي شاخ تان اڀرندي طرف ٽپيو. آڏو جيسينه “جوءِ ڪوتڪه” يعني ڪوتڪه نالي درياءَ جي هڪ ننڍي شاخ رستي اچي “ٻيٽ جي قلعي” جي حفاظت ڪئي (ص 210). هن “ٻيٽ جي قلعي” کان ڪجهه پري “جوءِ نيطري” يا درياءَ جي ٻي هڪ ننڍي شاخ “نيطري” نالي هئي، جتي راسل گرفتار ٿيو (ص 239). محمد بن قاسم “ ٻيٽ جي قلعي” کان ڪوچ ڪري اڃا به اڳتي “جوءِ ڌڌاواهه” يعني ڌڌا واهه واري درياءَ جي اڃا به هڪ ٻي شاخ تي وڃي ڪئمپ ڪئي، جنهن کي راجا ڏاهر “هڏباري” جي نالي سان ٿي سڏيو (ص 242). اڃا به محمد بن قاسم جي لشڪر ڏاهر جي فوج جي وچ ۾ هڪ “جوءِ” يا “خليج” هئي (ص 246 ۽ 241) جا ٽپي اسلامي لشڪر جنگ شروع ڪئي (ص 246)، ۽ لڙائي ۾ عرب مجاهد وڙهندا وڙهندا وڃي راؤڙ جي قلعي تائين پهتا (ص 263). آخر محمد بن قاسم جي فتح ٿي ۽ ڏاهر راؤڙ جي قلعي لڳ، “مهراڻ نديءَ جي وچ ۾ (يعني دوآبي ۾) ڌڌاواهه وٽ مارجي ويو” (ص261 ۽ 281).
فتحنامي جي مٿين حوالن مان صاف ظاهر آهي ته محمد بن قاسم، نيرون ڪوٽ کان گھڻو هيٺ لاڙ ۾ جهيم، ڪرهل ۽ ساڪري جي ايراضيءَ ۾ ڪنهن هنڌان درياءَ ٽپيو ۽ سندس لشڪر ۽ ڏاهر جي فوج جي وچ ۾ جنگ واري اراضي، مهراڻ جي دوآبي ۽ ان جي مختلف ڇوڙ وارين شاخن واري اراضي هئي، ۽ راؤڙ جو قلعو خود هڪ اهڙي شاخ “ڌڌاواھ” جي لڳ هو.
فتحنامي جي بيان مان هيءُ پڻ صاف ظاهر آهي ته راؤڙ، برهمڻ آباد کان يقيني طور گھڻو هيٺ لاڙ طرف هو، ڇاڪاڻ ته راؤڙ جي فتح بعد، محمد بن قاسم جڏهن برهمڻ آباد جو رخ ڪيو ته اول ڪوچ ڪندو “بهرور” جي قلعي وٽ پهتو جو ٻن مهينن جي گھيري بعد فتح ڪيائين (ص 287). اتان وري ڪوچ ڪندو “ آخر محمد بن قاسم دهليله ۾ پهتو” ۽ اهو قلعو پڻ ٻن مهينن جي گھيري بعد فتح ڪيائين (ص 287-289). ان بعد اتان برهمڻ آباد پهتو جو دهليله جي قلعي کي ويجهو هو ( ص 291).
مٿين حوالن جي بناءَ تي، ڪزنس ( سنڌ جا آثار قديمه ص 23) جو هيءُ خيال خام آهي ته راؤڙ جو قلعو، اروڙ کان 20 يا 25 ميل اولهه يا اولھ-ڏکڻ طرف ڪنگري جي شهر کان ڪجهه هيٺ واقع هو. ساڳيءَ طرح ميجر راورٽي ( سنڌ جو مهراڻ، ص 272) جو تخمينو ته راؤڙ، برهمڻ آباد کان اولهه طرف (ڪزنس جي اندازي موجب تقريبا 10-ميل کن) هو، غلط آهي.
ڪزنس جي خيال ۾ ( آثار قديمه ص 23، نوٽ 1) محمد بن قاسم جو درياءَ جي دوآبي وارين مختلف شاخن مان گذرڻ ۽ تڪليفن ڏسڻ جو بيان ڪٿي به موجود ڪونهي، ۽ انهيءَ ڪري سندس خيال ۾ راؤڙ جو دوآبي ۾ هئڻ ممڪن نه آهي. مگر هيءُ گمان غلط آهي ڇاڪاڻ ته فتحنامي جي مٿين حوالن ۾ دوآبي خواه درياءَ جي مختلف ننڍين شاخن جو ذڪر موجود آهي. ميجر راورٽي پڻ راؤڙ جو دوآبي ۾ هئڻ ناممڪن سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته سندس خيال ۾ ( سنڌ جو مهراڻ، ص 239 حاشيو) راؤڙ تي محمد بن قاسم جي حملي وقت آبڪلاڻي جي موسم هئي، ۽ ان موسم ۾ دوآبي مان گذرڻ مشڪل آهي. راورٽي جو دليل ايڏو وزندار ناهي ڇاڪاڻ ته فوج جو دوآبي مان گذرڻ کڻي مشڪل هجي مگر ناممڪن ناهي. ٻيو ته فتحنامي مان ظاهر آهي ته محمد بن قاسم جڏهن پهريائين نيرون ڪوٽ ۾ آيو، تڏهن اڃا اتي مهراڻ جو پاڻي ڪونه آيو هو مگر برساتن جي اوائلي موسم هئي ۽ پاڻي اچڻ وارو هو. ان بعد محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ فتح ڪيو ۽ اتان مٿي وڃي سيوستان ۽ ٻڌيه جا علائقا فتح ڪيائين، ۽ اتان موٽي نيرون ڪوٽ ۾ آيو _ پوءِ اتان وڃي اشبهار جو قلعو فتح ڪيائين ۽ ان بعد ڏاهر جي مقابلي لاءِ مهراڻ ٽپڻ جا سانباها ڪيائين. ان جي معنٰي ته نيرون ڪوٽ ۾ سندس پهرين آمد بعد ڪافي عرصو گذري چڪو هو ۽ غالباً مهراڻ ٽپڻ وقت آبڪلاڻي جي موسم تقريباً ختم ٿي چڪي هئي.
ڊاڪٽر دائودپوٽي جو گمان آهي ته “راؤڙ ” موجوده حيدرآباد واري جڳهه تي هو ( فتحنامو، فارسي ايڊيشن، ص 258 تي ڏنل ص 54 جو حاشيه). اهو گمان پڻ درست ناهي ڇاڪاڻ ته حيدرآباد واري جڳهه تي غالباً “نيرون ڪوٽ” هو. ازانسواءِ فتحنامي جي حوالن ۾ صاف ظاهر آهي ته راؤڙ هيٺ لاڙ ۾ جهيم. ڪرهل ( ٺٽي جي اتر اوڀر واري اراضي)، ۽ ساڪري طرف درياءَ جي دوآبي ۾ هو. هوڙي والا (ص 87) جي راءِ ته راؤڙ، نيرون ڪوٽ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ هو – پڻ مبهم آهي. هيگ، جنهن مهراڻ جي دوآبي ۽ ان جي قديم شاخن جي ڪافي تحقيق ڪئي، تنهن جي راءِ ۾ راؤڙ، هيٺ لاڙ ۾ ونگي جي آسپاس، اڀرندي ناري جي ڪپ تي، برهمڻ آباد کان تقريباً 8 ميل ڏکڻ ۽ نيرون ڪوٽ کان اٽڪل 70 ميل ڏکڻ – اوڀر طرف واقع هو ( انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ص 63-64). هيءُ تخمينو فتحنامي جي حوالن جي روشني ۾ البت قرين قياس آهي. اسان جي خيال ۾ راؤڙ جو قلعو غالباً لاڙ ۾ موجوده ٺٽي ضلعي جي شاهبندر سب ڊويزن ۽ حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊي ڊويزن جي حدن ۾ ڪنهن جاءِ تي واقع هو. نالي جي مناسبت سان، شاھبندر ڊويزن ۾ قديم شهر رڙي جا کنڊرات شايد انهيءَ راؤڙ جي قلعي ۽ شهر جا هجن.
بهرحال راؤڙ هيٺ لاڙ ۾ هو جتي غالباً سمنڊ جي ويجهي هئڻ سبب اونهاري ۾ به اتي جي “ هوا موافق” هئي، ۽ انهيءَ ڪري ڏاهر “گرميءَ جا چار مهينا راؤڙ ۾ ترسندو هو” (فتحنامو ص 93).
چئي نٿو سگھجي ته اهو شهر ڪيئن ۽ ڪڏهن ڦٽو. محمد بن قاسم جي فتح وقت به هن شهر کي دريائي رستي تي واقع هئڻ سبب هڪ مرڪزي حيثيت حاصل هئي. چناچه برهمڻ آباد جي فتح بعد جڏهن محمد بن قاسم حڪومت جو نظام درست ڪيو تڏهن “نوبه بن دارس کي راؤڙ جي قلعي تي مقرر ڪيائين، جيئن انهيءَ جاءِ تي ٻيڙيون تيار رکي، جيڪا به ٻيڙي مٿان يا هيٺان اچي خواه وڃي، ۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ جنگي سامان هجي ته جهلي راؤڙ جي قلعي ۾ کڻي وڃي. انهيءَ (راؤڙ ) کان مٿي وارين ٻيڙين جو اختيار ابن زيادالعبدي کي ڏنائين. ڪڇ وارو طرف... هذيل بن سليمان الازدي کي ڏنائين” (فتحنامو ص 318). هن حوالي مان اهو دليل به نڪري ٿو ته راؤڙ واري سرحد پريان ڪڇ جي سرحد سان لاڳو هئي. راؤڙ جو شهر محمد بن قاسم جي فتوحات کان تقريبا پنج سئو ورهيه پوءِ به شايد موجود هو، ڇاڪاڻ ته ياقوت پنهنجي ڪتاب معجم البلدان (راور) ۾، 1224-1228ع ڌاري لکي ٿو ته “راؤڙ، سنڌ ۾ هڪ وڏو شهر آهي جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو”.
ممڪن آهي ته هن ڪتاب جو “راور” اصل ۾ “ارور” جي غلط صورت هجي. پر جيڪڏهن اهو نالو ساڳيو زير بحث “راؤڙ ” جو آهي ته پوءِ چئبو ته 1612ع ڌاري راؤڙ موجود هو. انهيءَ لحاظ سان شايد راؤڙ ساڳيو شاهبندر سب ڊويزن وارو قديم ڦٽل شهر “رڙي” هجي جو مقامي روايتن مطابق ٻه ٽي سئو ورهيه اڳ برباد ٿيو. انهيءَ آخري دور ۾ رڙي جتن جي قوم جو مکيه شهر هو، جو شايد کانئن ڪيهرن جي قوم قرض جي عيوض پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. مثال مشهور آهي ته “رڙي ٽڪن ۾ پڙي، مليو جتن کي جواب”. لاڙ ۾ ڪيهر قوم جو مڪمل زوال تقريباً 17 صدي عيسوي جي آخري ڌاري ٿيو ۽ غالباً انهيءَ عرصي ۾ ئي رڙي جو شهر ڦٽو.”
(10). صرف هڪ معمولي ڳالهه جي بنياد تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته شايد راؤڙ موجوده شاهبندر ۾ هجي. ڇو ته فتحنامه سنڌ ۾ لکيل آهي ته اتي جتن محمد بن قاسم جو ساٿ ڏنو هو ۽ جت ته ٺٽي ضلعي جي جاتي پاسي گھڻائي ۾ آهن.
ڊاڪٽر صاحب جي ٿورو به ذهن تي زور ڏي ها ته ڳالهه کي سمجهي وڃي ها. پهرين ڳالهه ته جت ڪا ذات نه هئي جيڪو به اٺُ پاليندو هو يا اُٺ چاريندو هو تنهن کي “جت” سڏيو ويندو هو، ان جو ثبوت خود سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان “جناب رحيمداد خان مولائي شيدائي” پنهنجي ڪتاب “جنت السنڌ” ۾ ڏنو آهي. مثال اڄڪلهه مڇي مارڻ واري کي مهاڻو سڏيو وڃي ٿو ڇو ته مهاڻو به هڪ ڌنڌو آهي. ٻي ڳالهه ته لازمي ناهي ته اڄ کان ساڍا تيرنهن سئو سال پهرين جت جاتي ۾ ويٺل هوندا. ٽي ڳالهه ته ڪراچي سنڌ جي مارئي جي مهاڳ ۾ محترم امر جليل صاحب لکي ٿو ته ڪراچي ۾ مشهور روڊ بندر روڊ تي اسان وارن همراهن کي بندر ڏسڻ ۾ ڪونه آيا ته ان جو نالو بدلائي ڇڏيائون ۽ ڊاڪٽر صاحب به بلڪل ايئن ڪيو آهي.
مٿين سڀني ڳالهين کي پڙهڻ ۽ ذهن ۾ ويهارڻ کان پوءِ اسان کي چڱي طرح سمجهه ۾ اچي ويو ته اروڙ الڳ جڏهن ته راؤڙ الڳ آهن. وڏي ڳالهه ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ جنگ راؤڙ جي ميدان وٽ لڳي هئي نه ڪي اروڙ وٽ. جنت السنڌ توڙي تاريخ معصومي ۾ لکيل آهي ته پهرين اروڙ وٽ جنگ لڳي جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو بعد ۾ محمد بن قاسم برهمڻ آباد جو قلعو فتح ڪيو جنهن کي اسان جي تاريخدان موجوده ضلع سانگهڙ ۾ ڏيکارين ٿا بعد ۾ وري لکن ٿا ته محمد بن قاسم اروڙ تي ڪاهه ڪئي. هتي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر نڪريو وڃي ته جڏهن اروڙ فتح ٿي ويو ته پوءِ محمد بن قاسم دوباره اروڙ تي ڪاهه ڇو ڪئي؟
اسان وٽ اڪثر تاريخي ڪتاب لفظ راؤڙ تي متفق آهن. جن ۾ سرفهرست جن ڪتابن جا نالا آهن اهي هي آهن
• تحفة الڪرام مير علي شير قانع ٺٽوي
• فتحنامه سنڌ علي بن حامد ڪوفي
• سنڌ، عرب دور ممتاز حسين پٺاڻ
• سنڌ جي تاريخ اعجاز الحق قدوسي
• تاريخ سنڌ سيد سليمان ندوي
• سنڌ جا قديم آثار هينري ڪزنس
• سنڌ جي تاريخ مولانا الحليم شرر
• ڪڇين جا قول محمد سومار شيخ
• لبِ تاريخ سنڌ خان بهادر خداداد خان
• سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ ايڇ ايم ٽي لئمبرڪ
جڏهن ته صرف ٻه ڪتاب مير معصوم جو لکيل ڪتاب “تاريخ معصومي” ۽ مولائي شيدائي جو ڪتاب “جنت السنڌ” اروڙ واري ڳالهه تي متفق آهن.
سنڌ جي تاريخ جا 90 فيصد ڪتاب توڙي تاريخدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته عربن ۽ برهمڻن جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو هو اها جنگ “راؤڙ ” جي ماڳ تي لڳي هئي. هاڻي هڪڙو سوال پيدا ٿو ٿيئي ته جڏهن راؤڙ ايترو قديم ۽ سنڌ جي اهم تاريخ آهي ته پوءِ اڄ ڏينهن تائين ان تاريخ کي ڇو منجهايو ويو آهي.
سلسليوار تاريخ سنڌ_جلد ٽيون سنڌ عرب دور ۾ محترم ممتاز حسين پٺاڻ راؤڙ متعلق لکي ٿو ته“عرب ليکڪن سنڌ ۾ ڪيترن ئي شهرن جا نالا ڏنا آهن جي سندن حملي وقت سنڌ ۾ موجود هئا. ديبل، راؤڙ، برهمڻ آباد، سيوستان، اروڙ، نيرون، السڪه، ملتان وغيره ان وقت آباد ۽ خوشحال هئا. برهمڻ آباد ۽ راؤڙ کان سواءِ ٻيا شهر عربن جي سڄي دور ۾ جنهن جو عرصو ٽي سو سال تائين رهيو. ساڳئي حال ۾ وسندڙ ۽ موجود هئا.راؤڙ جو شهر سنڌ جي راجائن جي ڇانوڻي هئي ۽ جيئن ته ان جي آبهوا معتدل هئي، ان ڪري ان کي ڇانوڻي طور ڪم آندو ويندو هو ۽ ان ۾ فوج جا ماڻهوءَ ئي رهندا هئا. راؤڙ جي مشهور ۽ فيصله ڪن جنگ کانپوءِ راجا ڏاهر جي باقي رهيل فوج انهيءَ ۾ پناهه ورتي هئي. پر عربن جي لشڪر انهن جا بنياد ڀڃي ڇڏيا ۽ هندو فوج جو قتلام ڪيو. عالم آشڪار آهي ته جيڪي به جنگ ڪندڙ ماڻهو اتي موجود هئا، انهن کي قتل ڪيو ويو ۽ انهن جي خاندان جي ماڻهن کي غلاميءَ ۾ سلهاڙيو ويو.ان کانپوءِ شهر کي بنياد کان ڪيرائي ميدان بنايو ويو، ڇانوڻي جي شهر جي ايتري تباهي کانپوءِ جنهن ۾ ان جي سڄي آبادي کي تلوار جو کاڄ بنايو ويو هجي، وري سڌرڻ يا اوج وٺڻ ناممڪن هو. ان ڪري “راؤڙ ” جو نالو تاريخ تان ڄڻ گم ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه آيو.
هن بيان مان اها ڳالهه واضع آهي ته راؤڙ جي قلعي کي عربن جي دور ۾ ئي تباهه ڪيو ويو بعد ۾ صرف ان جو نالو ڪتابن ۾ زنده رهيو.
رڙي کي برباد ٿيندي ڪو گهڻو وقت ناهي ٿيو. ميرن جي دور ۾ جڏهن انگريز ڊاڪٽر برنس، ميرن جو علاج ڪرڻ آيو هو ته هڪ رات رڙي ۾ ترسيو هو. (سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري) ان جو مطلب ته ميرن جي دور تائين به رڙي جو وجود هو.
انهن ڳالهين مان اهو ثابت ٿي ويو آهي ته جنگ راؤڙ جي ماڳ تي لڳي هئي ۽ هاڻي اهو منجهيل مسئلو حل ٿيڻ کپي. ڇو ته سڀ کان پهرين اسان کي اهو تعين ڪرڻو هو ته جنگ ڪهڙي ماڳ تي لڳي هئي ۽ ان کان پوءِ ئي ان ماڳ کي ڳولي سگهجي ٿو.
هاڻي سوال ته اهو تاريخي ماڳ سنڌ ۾ ڪهڙي جاءِ تي واقع هو؟ ان سوال جو جواب توهان منهنجي هن ڪتاب جي باب چوٿين ۾ پڙهي سگھندا.