تاريخ، فلسفو ۽ سياست

راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق تي مشتمل هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ٺٽوي ڪاتيار آهي.
ڪتاب جي محقق جي چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي.
Title Cover of book راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

ٻه اکر (محمد عارب موج)

تاريخ ساز ضلعو ٺٽو، جنهن جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رهي آهي. هڪ منفرد ۽ شاندار تاريخ جو مالڪ رهيو آهي پر افسوس جو ٺٽي جي تاريخ جيتري لکڻ ۽ جيتري ان تي تحقيق ڪرڻ گهرجي، اها اڃا تائين ناهي ٿي سگهي. منهنجو والد محترم محمد اسمعاعيل شيدي، جيڪو 1937ع ۾ امتحان پاس ڪري روينيو کاتي ۾ سپروائيزنگ تپيدار ڀرتي ٿيو هو، ان کي تاريخ سان ڪافي دلچسپي هوندي هئي. مون وٽ جيڪو ڪتابن جو خزانو آهي ان ۾ اڪثريت منهنجي والد محترم جا خريد ٿيل آهن. منهنجي والد صاحب جي ليکڪ جي ڏاڏي ۽ ان جي ڀائرن سان ڀائرن جهڙي دوستي هوندي هئي. خاص دوستي ليکڪ جي ڏاڏي جي ڀاءُ محمد عارب ڪاتيار سان هوندي هئي جنهن سان مرحوم جون ڪافي ڪچهريون ٿينديون هيون. سڀ کان اهم ڳالهه ته منهنجو والد محترم، ليکڪ جي ڳوٺ واري پاسي جو تپيدار به رهي چڪو آهي. منهنجي والد محترم سان تاريخ بابت ڪچهريون ڪرڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ڪهي ايندا هئا. ڊاڪٽر نواز علي شوق به بابا سان ڪچهري ڪرڻ آيو هو پر شوق صاحب جنهن ڏينهن بابا سان ملڻ آيو هو ان ڏينهن بابا جو ٽيجهو هو.
مونکي به تاريخ سان ڪافي دلچسپي رهي آهي. مختلف موضوعن تي تحقيق به ڪئي آهي ۽ ڪافي مقاله به لکيا آهن پر ڪنهن مجبوري سبب ڇپائي نه سگهيوس. هزارين ڪتابن جو ذخيرو مون وٽ موجود آهي. 1960ع کان 1988ع تائين ايريگيشن کاتي ۾ ملازم رهيوس.
ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق لاءِ ايترو چوندس ته منهنجو والد محترم به اها ئي ڳالهه ڪندو هو ته عرب ۽ ڏاهر جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ ٻاٻڙن واري پاسي لڳي هئي. فتح جو پڙ، ڇڇ ميرانخور، رياتڙو ۽ جيوڙو جا نالا به بابا ٻڌائيندو هو. ان کان علاوه ليکڪ لکي ٿو ته ڇڇ ميرانخور تي سرن جا دڪا ٺهيل آهن. انهن سرن جي دڪن کي تاريخ ۾ “پاڄ” چئبو آهي جن جي ذريعي طاقتور هاٿي پاڻي ۾ وهنجي واپس ٻاهر نڪرندا آهن.
ٺٽوي ڪاتيار تاريخ ۾ منهنجو شاگرد آهي. منهنجي دوست جو پٽ ۽ منهنجي والد جي دوست جو پوٽو آهي. مونکي فخر آهي ته جيڪو تحقيقي ڪم اسان نه ڪري سگهياسين اهو اسان جي ٻچي ٺٽوي ڪاتيار ڪري ڏيکاريو آهي.
هن ڪتاب لکڻ سان ٺٽوي ڪاتيار به يوسف جي خريدارن ۾ پنهنجو نالو لکائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم صدين تائين ڪاتيار کي ياد ڪندي رهندي. دعا آهي ته ٺٽوي ڪاتيار جي قلم کي مالڪ سائين اڃا به سگهه بخشي ۽ هو سنڌ جي تاريخ تي اڃا به تحقيق جاري رکي.

محمد عارب موج شيدي
ٺٽو
15 مارچ 2017ع