تاريخ، فلسفو ۽ سياست

راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق تي مشتمل هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ٺٽوي ڪاتيار آهي.
ڪتاب جي محقق جي چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي.
Title Cover of book راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

باب چوٿون:راؤڙ جو ماڳ

ٺٽو ضلعو تاريخ جي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ رهيو آهي. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته جيتري قديم ۽ شاندار تاريخ ٺٽي جي آهي ايتري شايد ئي سنڌ جي ڪنهن ٻي علائقي جي هجي (سواءِ موهن جي دڙي جي). ٺٽي جو هي عظيم علائقو، جنهن کي هاڻي پاڻ موجوده ٺٽو ضلعو چئو، پنهنجي تاريخ سان گڏوگڏ تهذيب و تمدن، تجارت، سياست، ثقافت، هنر، ڪاريگري، علم ادب، بندرگاهن، گذرگاهن، درويشن ۽ ولين جي مقبرن ۽ قبرستانن جي ڪري پنهنجي سڃاڻپ ئي ڌار رکي ٿو. هن علائقي جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ليکڪن ۽ محققن وسان ڪين گھٽايو آهي. تاريخي ڪتابَ جهڙوڪ فتحنامه سنڌ، تحفة الڪرام، مڪلي نامون، ڳالهين ڳوٺ وڻن جون ۽ ٻيا انيڪ ڪتاب جن ۾ ٺٽي جي تاريخ بيان ٿيل آهي، جڏهن ته دور حاضر ۾ به گھڻن دوستن کوجنا به ڪئي آهي ۽ ڪتاب به لکيا آهن.
پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٺٽي جي علائقن تي جيڪا تحقيق ٿيڻ گھرجي ها، اها اڃان تائين نه ٿي سگھي آهي. باقي رڳو سيمينار ڪرايا وڃن ٿا ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو پتو ناهي پئجي سگھيو آهي ته ديبل ڪٿي هو؟ عرب ۽ ڏاهر جي لڙائي ڪٿي لڳي هئي؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهن.
يا کڻي ايئن چئجي بقول جناب گل حسن ڪلمتي واري ڳالهه ته ڪراچي جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هتان جي تاريخ هتان جي ماڻهن جي مزاج وانگر خاموش آهي. ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي ۾ بيشمار پراڻا ماڳ آهن. انهن تي تحقيق نه هئڻ ڪري اسان انهن مان ڪو لاڀ حاصل نه ڪري سگھيا آهيون ۽ گھڻن آثارن کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. يا ايئن کڻي چئجي ته ساڳي حالت ٺٽي سان به آهي ۽ ٺٽي جي تاريخ سنڌ جي ڪنهن ٻئي علائقي کي ڏيئي ڳالهه کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي.
سڀ کان وڏي ڳالهه ته ٺٽي کان به قديم تاريخ ضلع ٺٽي ۾ موجود ميرپور ساڪري جي آهي جنهن کي تاريخ ۾ ساڪري جي نالي سان لکيو ويو آهي. ٺٽو ته سمن جي آخري خود مختيار حاڪم ڄام نظام الدين المعروف ڄام نندو سنه 900هه جي آخري ۾ تعمير ڪرايو هو پر ساڪرو ته تمام قديم آهي عربن جي اچڻ وقت به ساڪري جا حوالا ملن ٿا پر خبر ناهي ته ڪهڙي بنياد تي ساڪري کي تاريخ مان ميساريو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ راؤڙ سان گڏ توهان کي ساڪري جي قديم تاريخ به ملندي.
هر ڪنهن ماڻهو جو پنهنجو ذهن هوندو آهي، ڪجهه ماڻهن کي اگر ڳالهه سمجهه ۾ ناهي ايندي ته ان موضوع کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهن کي وري ڳالهه سمجهه ۾ ناهي ايندي ته ان ڳالهه جي تهه تائين وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ڪوشش ته ڪاميابي جي ڪنجي آهي. مون جڏهن عرب ۽ ڏاهر جي لڙائي جي حوالي سان ادب سان لاڳاپيل دوستن کان سوال ڪيا ته “جيترا وات، اوتريون ڳالهيون” مليون. جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي ته سوچيو ته تحقيق ڪرڻ گھرجي.
فتحنامه سنڌ ۾ اشارا ۽ واڌار ۾ سنڌ جو نامور محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته “هن پوئين عرصي ۾ جن سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو آهي تن مان گھڻن راؤڙ ۽ اروڙ کي هڪ سمجهيو آهي جو صحيح نه آهي.” ٻنهي علائقن کي هڪ ڪري لکڻ سان اسان جي تاريخ ۾ ڪافي مونجهارا پيدا ٿيا آهن. مون سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڪافي ڪتاب پڙهيا آهن جن ۾ راؤڙ جو ذڪر ته ملي ٿو پر اهو به مختصر ۽ خبر ناهي ڇو ان ڳالهه کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي.
اسان وٽ وڏي واڪي اعلان ڪيو ويندو آهي ته نادر شاھ، ارغونن ۽ ترخانن اسان جي تاريخ ٽوڙي يا اسان جي ڪتب خانن کي باهه ڏيئي اسان کان اسان جي تاريخ کسي ويئي. يا ايئن به چوندا ته وقت جي هر بادشاهه پنهنجي تعريف ۾ تاريخ لکائي ۽ پوئين تاريخن کي باهه جي نظر ڪري ڇڏيائون پر جيڪا تاريخ جي تباهي اسان پاڻ ڪئي آهي ان کي ڪهڙو نانءُ ڏيون. اهو هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي شايد اسان مان ڪنهن وٽ به جواب نه هوندو.
هن ڪتاب جي باب ٻئي کي پڙهڻ کان پوءِ اهو مسئلو ته حل ٿي ويو آهي ته اها جنگ راؤڙ جي ماڳ تي لڳي هئي. پر هاڻي مسئلو ته راؤڙ ڪٿي هو؟ ان جي ڳولا تي وڏي کوجنا ڪئي وئي آهي پر ڪو خاطر خواه نتيجو ناهي نڪتو. انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ وقت ۽ هيئن لکيل هو ته “اها جنگ راؤڙ (موجوده نوابشاھ) وٽ لڳي هئي، جڏهن ٻئي هڪ جڳهه تي لکيل هو ته راجا ڏاهر جيور جي جنگ ۾ قتل ٿيو.” ڪجهه ڪتابن ۾ اها جنگ حيدرآباد وٽ ڏيکاريل آهي ته ڪجهه ڪتابن بدين ۾ اها جنگ ڏيکارين ٿا انهن جو چوڻ آهي ته بدين ۾ جيڪو “جوڻ” جو علائقو آهي اهو دراصل “جيور” جو متبادل آهي. ڪجهه ڪتابن ۾ اروڙ جو ذڪر آهي هاڻي اروڙ وارو قصو ئي ختم ٿيڻ گھرجي.
اسان جي تاريخ تمام گھڻي مونجهاري جو شڪار آهي جنهن کي سلجهائڻ ناممڪن ته ناهي البته ڏکيو ضرور آهي. ٻي ڳالهه ته ان وقت جي ڪي آثار به ظاهر ناهن جيڪي اسان کي تاريخ سلجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. ڪجهه ماڳ بي ڌياني سبب ختم ٿي ويا ته ڪجهه ماڳ پنهنجي مفادن کي عزيز رکندي هٿ وٺي تباهه ڪيا ويا.
عرب ۽ ڏاهر جي لڙائي جي شروعات بقول اسان جي تاريخي ڪتابن جي ته ارمن ٻيلي (لسٻيله) کان ٿي آهي. پر جيئن ته هن ڪتاب جو عنوان “راؤڙ ” آهي، ان ڪري هي ڪتاب شروع ئي اتان ٿا ڪريون.
محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ ضلع ٺٽي جي موجوده ميرپور ساڪري (قديم ماڳ ساڪرو پرڳڻو) جي آسپاس ۾ لڳي هئي. هي سڀ ڳالهيون ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن. جيڪي فتحنامه ۾ واضع لکيل آهن.
1. اول سنڌ ۾ محمد بن قاسم ديبل بندر فتح ڪيو جڏهن ته ان کان پوءِ نيرون (جنهن کي اسان جا تاريخدان اڄ وارو حيدرآباد چون ٿا). بعد ۾ محمد بن قاسم سيوستان ۽ سيسم جا قلعا فتح ڪيا. جڏهن سيسم جو قلعو فتح ٿيو ته حجاج بن يوسف جو لکيو محمد بن قاسم کي پهتو تڏهن فرمان جي حڪم موجب هڪدم اتان منزل پٽي جهم جي علائقي ۾ ساڪري جي زمين ۾ پهتو ۽ دريا اڪرڻ لاءِ ٻيڙيون ۽ تختا تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. هن جڳهه تي عربن کي تقريباً پنجاهه ڏينهن ترسڻو پيو، جنهن ڪري اناج ۽ گاهه جي کوٽ سبب انهن جا گھوڙا مرڻ لڳا هئا.
2. موڪي پٽ وسايي، محمد بن قاسم ڏانهن خط لکي امان ورتي ۽ نياپو ڏياري موڪليائين ته هينئر ساڪري جي راڻي سان نياڻي جي شادي جي بهاني سان وڃڻ ٿيئي ٿو. توهان هزار سوار موڪلي مون کي رستي مان گرفتار ڪجو ته جيئن ڏاهر کي بدگماني به نه ٿيئي ۽ منهنجي ذات جي گلا به نه ٿيئي.
3. ساڪري جا وڏيرا پڻ ٻيٽ واري ايراضي ۾ تيار ٿي بيٺا.
4. جهم ۽ گرهل جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪافي تحقيق کان پوءِ لکي ٿو بعد جي تاريخي حوالن مان ثابت آهي ته ڪرهل يا گرهڙ، ٺٽي واري ايراضي جو حصو هو. پوءِ اتان به منزل کڻي اڃا به هيٺ جهيم جي پرڳڻي ۾ ساڪري جي ايراضيءَ ۾ وڃي مهراڻ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون ۽ تختا تيار ڪرايائين پر افسوس جو اسان جا گھڻا ڏاها ۽ اديب موجوده جهمپير کي ئي ان دور وارو جهم لکن ٿا. مون ڪتاب جي شروع ۾ واضع طور لکيو آهي ته ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ساڳي نالن سان ماڳ مڪانن جي هجڻ سبب اسان جي تاريخ مونجهاري جو شڪار آهي.
هي اهي ثبوت آهن جن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته اها جنگ موجوده ميرپور ساڪري واري پاسي لڳي هئي ۽ مون وٽ ان ڳالهه جا پڪا ثبوت آهن. ساڪرو جو ماڳ به تمام قديم آهي جنهن جو عربن جي اچڻ وقت به ذڪر ملي ٿو پوءِ خبر ناهي ڪهڙي سبب ساڪري کي تاريخ مان گم ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڪتاب ساڪري کي ڪلهوڙن جي دور جو لکن ٿا ته ڪجهه وري ٽالپرن جي دور جو ته ڪي وري انگريزن جي دور جو. ساڪرو تمام گھڻو قديم آهي پر افسوس جو ان تي ڪابه تحقيق ناهي ٿي. هنن ڳالهين جي آڌار تي اهو به چئي سگھجي ٿو ته ساڪرو، اسلام جي اچڻ وقت به موجود هو ته ٿي سگھي ٿو ته سڪندر يوناني جي اچڻ وقت به ساڪرو موجود هجي.
ان ڪري هن ڪتاب جي شروعات به موجوده ميرپور ساڪري کان ڪجي ٿي. اگر اسين ڀنڀور کي ديبل سمجهون ۽ ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ جو نقشو کڻو ۽ گجي شهر جي مقامي رهواسين توڙي محترم عبدالرشيد گبول جي ڪتاب “ساڪرو، ان جا ماڳ ۽ ماڻهو ” جي ڳالهه مطابق ته گجي جي ڀرسان دريا وهندو هو ۽ دريا جو گُج جي ڪري هن علائقي جو نالو ئي گجو پئجي ويو. سڀ کان اهم ڳالهه ته تحفة الڪرام ۾ مير قانع لکي ٿو ته 751هه ۾ محمد شاهه “طغي” نالي غلام جي پويان ٺٽي آيو ۽ ٿرڙي ديهه ۾ دريا جي ڪناري منزل ڪيائين. تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ لکيل آهي ته دريا گجي کان ٻه ميل پريان وهندو هو. مشهور جاگرافي دان المسعودي جو پاڻ سنه 300هه ۾ سنڌ جو دورو ڪريو ويو هو. اهو ٻڌائي ٿو ته مهراڻ دريا ساڪري واري ايراضي مان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
انهن ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته دريا سنڌ ڪڏهن گجي جي ڀرسان وهندو هو. جيترو منهنجو مطالعو، مشاهدو ۽ تجزيو آهي ته اهو دريا درگاهه شيخ ابو تراب (ٿرڙي) وٽان ٿيندو اڳيان ٻاٻڙا ڳوٺ آهي اتان ٿيندو منهنجي اباڻي ڳوٺ (ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار) وٽان ٿيندو اڳيان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
اسان وٽ تاريخ ڪافي منجهيل آهي جنهن کي سلجهائڻ لاءِ دماغ تي ڪافي زور ڏيڻو پوندو ۽ ڪوشش ڪبي ته پراڻين تاريخن کي پڙهڻ کانپوءِ صرف انهن جي اشارن تي ڪونه هلبو ڪجهه پنهنجو ذهن به ڊوڙائڻو پوندو.
فتحنامه، تحفةالڪرام توڙي سنڌ عرب دور ۾ هيٺين عبارت ساڳي لکيل آهي.
“محمد بن قاسم ٻيٽ جي قلعي کان راؤڙ ڏانهن روانو ٿيو ۽ نيٺ انهيءَ جاءِ وٽ پهتو جنهن کي جيور ٿي چيائون. راؤڙ ۽ جيور جي وچ ۾ هڪ خليج (پاڻي جي گھاري) هئي. ڏاهر انهيءَ آبگير (ڇڇ) جي گھيڙ وٽ حفاظت خاطر ڪي هٿياربند ۽ خاص ماڻهو بيهاريا، ته نظر ڪندا رهن.” تاريخي ڪتابن ۾ اصل لفظ راور ۽ جيور آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته معمور يوسفاڻي واري ڳالهه ته “هيڏي عظيم تاريخ کي اسان جي اديبن ايترو ته منجهايو آهي جو گھٽ پڙهيل لکيل ماڻهو ته ان کي سلجهائي ئي نٿو سگھي”. پر منهنجو ذاتي رايو آهي ته گھٽ پڙهيل ته ڇا چڳو ڀلو به مشڪل سان سلجهائي سگھي ٿو. ڇو ته ان تاريخ کي اسان جي اديبن شايد سياري جي سوڙ سمجهيو آهي جو هر ڪو پنهنجي پاسي پيو ڇڪيندو وڃي. انگريز محققن به ان ماڳ تي ڪافي تحقيق ڪئي پر اهي به ڪنهن خاطر خواه نتيجي تي نه پهچي سگھيا، جڏهن سنڌ جا مقامي ماڻهو ئي ان ڳالهه جي تهه تائين نه پهچي سگھيا ته پوءِ ڌاريا ڇا ڪري سگھندا. نسيم حجازي پاران ان جنگ تي لکيل ناول ۾ ته اها جنگ برهمڻ آباد وٽ ڏيکاري آهي هن جو لکڻ آهي ته جنگ لڳي ئي برهمڻ آباد وٽ هئي نه ڪي راؤڙ وٽ. ڪتاب ڪڇين جا قول ۾ محترم محمد سومار شيخ ان جنگ کي ڪڇ ڏانهن کڻي ويو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان عظيم تاريخ کي ايترو ڇو منجهايو ويو آهي. سنڌ جو برک ڏاهو، محقق محترم نبي بخش خان بلوچ وڏي تحقيق کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو ته اها جنگ موجوده ضلع ٺٽي ۾ ميرپور ساڪري جي طرف لڳي هئي پر افسوس جو هڪ معمولي ڳالهه جي بنياد تي بلوچ صاحب شاهبندر جي پاسي رڙي کي وڃي راؤڙ لکيو آهي.
اسان کي اگر ڪا هڪ به پوائنٽ ملي وڃي ته اسان ان جي بنياد تي سڄي تاريخ سلجهائي سگھون ٿا.
محترم شمشير الحيدري صاحب فتحنامه ۾ لکيو آهي ته جڏهن هڪ ٻولي مان ٻي ٻولي ۾ ترجمو ٿيندو آهي ته ان تي ٽي ڏاڪا اثر پوندو آهي يا کڻي ايئن چئجي ته وقت سان نالن ۾ ڦيرڦار به ايندي آهي.
اها جنگ منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار موجوده يونين ڪائونسل پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو) تعلقو ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو جي پاسي ۾ لڳي هئي. هاڻي ڪير ايئن نه سمجهي ته ٻين محققن وانگر ڪاتيار به ان جنگ کي پنهنجي ضلع پنهنجي تعلقي پنهنجي يوسي ۽ پنهنجي ڳوٺ ڏانهن کڻي ويو آهي. منهنجي ڳوٺ جي پاسي ۾ مون ان ڪري لکي آهي ته منهنجي ڳوٺ جي آسپاس ۾ اهي سڀ ماڳ اڄ به ڪنهن نه ڪنهن طرح موجود آهن. مثال: جيوڙو، رياتڙو، فتح جو پڙ، گدا واه ۽ ڇڇ ميرانخور. مون مٿي لکيو آهي ته دريا سنڌ منهنجي ڳوٺ وٽان ٿيندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. جنهن جو وڏو ثبوت اهو آهي ته جڏهن محمد بن قاسم جيور ۾ اچي منزل ڪئي ته راجا ڏاهر هاٿي تي چڙهي اچي عرب لشڪر جي سامهون منزل ڪئي. مهراڻ جو پاڻي عرب ۽ ڏاهر جي وچ ۾ هو. اتي هڪ شامي ڪوشش ڪئي ته گھوڙو ڊوڙائي وڃي راجا ڏاهر تي حملو ڪريان. راجا ڏاهر هڪ زوردار تير هنيو جيڪو وڃي شامي کي لڳو ۽ شامي کي مرندي ڏسي ٻي ڪنهن ۾ اهڙي همت ڪانه ٿي. جيور منهنجي ڳوٺ کان اتر- اوڀر پاسي آهي جڏهن ته راؤڙ منهنجي ڳوٺ کان ڏکڻ – اوڀر ۾ آهي. تاريخ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿي ته جيور ۽ راؤڙ جي وچ وارو مفاصلو چار ميل هو ۽ اگر هن وقت به اسان جيور ۽ راؤڙ جو فاصلو ماپيو ته ايترو ئي ٿيندو.
فرق صرف اهو آهي ته مقامي ماڻهو اڄڪلهه “جيور” کي “جيوڙو” ۽ “راؤڙ ” کي رياتڙو” ڪري سڏيندا آهن. جڏهن ته رياتڙي جي بلڪل قريب ۾ “ڇڇ ميرانخور” ڍنڍ آهي ۽ ڇڇ جي قريب ۾ “فتح جو پڙ” نالي هڪ ميدان آهي جنهن جي باري ۾ مقامي ماڻهن مطابق راجا ڏاهر ۽ عربن جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي جيڪا عربن کٽي هئي انڪري ئي ان ماڳ کي فتح جو پڙ يعني فتح جو ماڳ سڏيو وڃي ٿو. منهنجي ڏاڏي جو وڏو ڀاءُ مرحوم محمد عارب ڪاتيار جيڪو انگريز پوليس کاتي ۾ حولدار هو (انگريز جي دور ۾ حولدار کي جمعدار چوندا هئا) ان کي تاريخ سان ڪافي دلچسپي هئي. بابا سائين ٻڌائيندو آهي ته چاچا مرحوم ٻڌائيندو هو ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي جنگ انهن ماڳن تي لڳي هئي. جڏهن ته ان جي قريب ۾ “قهري” نالي هڪ جڳهه آهي جنهن جي مطابق مقامي ماڻهو جو چوڻ آهي ته اتي ڪو وڏو قهر يا ظلم ٿيو هو جنهن جي بنياد تي ان جڳهه جو نالو قهري پئجي ويو آهي. هاڻي اگر اسان انهن سڀني ماڳ مڪانن کي گڏ ڪنداسين ته اسان کي سڄي تاريخ سمجهه ۾ اچي ويندي.
فتحنامه سنڌ ۾ لکيل آهي ته جڏهن محمد بن قاسم مهراڻ جي ڪناري تي هو ته سليمان بن نيهان قريشي کي حڪم ڪيائين ته توکي پنهنجو لشڪر وٺي راؤڙ جي قلعي جي مقابل لڙائي لاءِ وڃڻ گھرجي ته جيئن ڏاهر جو پٽ گوپي پيءُ جي مدد تي نه اچي سگھي. سليمان ڇهه سو ماڻهو ساڻ وٺي لڙائي تي ويو.
هتي اهو به واضع ڪندو هلان ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ جنگ راؤڙ جي قلعي کان ڪجهه مفاصلي تي اولهه طرف هڪ ميدان تي لڳي هئي ۽ سليمان بن نيهان ٿي سگھي ٿو ته راؤڙ جي قلعي جي اوڀر پاسي لشڪر وٺي ويو هو.
منهنجي ڳوٺ جي قريب ٻاٻڙا ڳوٺ آهي اتان کان ڏکڻ طرف ڪجهه مفاصلي تي فون موري اسٽاپ جي اولهه پاسي هڪ درگاهه آهي جنهن کي عام ماڻهو “ڪاٺي وارو پير” ڪري چون ٿا. مون خود ان درگاهه جو وزٽ ڪيو آهي. درگاهه جي پيراندي هڪ تمام اوچي ڪاٺي لڳل آهي، جيڪا هاڻي ته گھڻي ٽٽي چڪي آهي پر موجود ضرور آهي. جڏهن اتي جي مقامي ماڻهن توڙي خليفن سان مليوس ته انهن ٻڌايو ته ڪاٺي وارو پير، وڏي ڪاٺي لڳل هجڻ سبب عوام ۾ ايئن مشهور ٿيو باقي اسان جا وڏا چوندا هئا ته اهو سلطان هو جيڪو محمد بن قاسم واري لڙائي جو شهيد آهي ۽ اتي تمام پراڻو مقام به آهي، جيڪو ان وقت جي شهيدن جو آهي. اڃان تائين اتي ڪافي مقدار ۾ پراڻي دور جون سرون ۽ پٿر پيل آهن. مقامي ماڻهو ڪاٺي واري پير جو نالو سلطان پير به ٻڌائيندا آهن. هتي اها به وضاحت ڪندو هلان ته اها درگاهه منهنجي اباڻي ڳوٺ جي قريب آهي ۽ خود منهنجو بابا سائين ننڍي هوندي جڏهن مال چاريندو هو ته انهن ماڳ مڪانن جو ڪافي ڄاڻو آهي. بابا سائين به ٻڌائيندو آهي ته پنهنجا وڏا به اها ڳالهه ٻڌائيندا هئا جيڪا ڳالهه درگاهه جي خليفن ٻڌائي آهي. يوسي گجو ۾ ڳوٺ سليمان قريشي آهي جيڪي پاڻ کي سنڌ خليفا به سڏائين ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته سلطان پير المعروف ڪاٺي وارو پير اسان جو ڏاڏو آهي.
هاڻي اگر اسين ڏند ڪٿائن، تاريخي ڪتابن جي آڌار ۽ درگاهه جي وزٽ ۽ بيهڪ کي گڏ ڪريون ته ڳالهه صاف ظاهر ٿي ويندي ته ٻاٻڙا روڊ تي جيڪا درگاهه آهي جنهن کي مقامي ماڻهو ڪاٺي وارو پير يا سلطان پير چون ٿا، دراصل اهو محمد بن قاسم جي دور ۾ شهيدن جي آهي. جتي اها درگاهه آهي ان سڄي علائقي کي عام ماڻهو رياتڙو چون. رياتڙو درحقيقت اهو علائقو آهي جنهن کي اسان جي تاريخي ڪتابن “راور يا راؤڙ ” ڪري لکيو آهي. راؤڙ مان اهو علائقو رياتڙو ڪيئن ٿيو؟ ان جو جواب مون ان ڪتاب جي شروع ۾ تاريخي مونجهارن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.
وڌيڪ وضاحت ڪندو هلان ته رياتڙو ٿي سگھي ٿو ته راءِ يا راؤ جي تڙ مان نڪتل هجي ڇو ته برهمڻن کان اڳ سنڌ تي راءِ گھراڻي جي حڪومت هئي. تڙ لفظ سنڌي ۾ پتڻ کي به چوندا آهن ته بيٺڪ لاءِ به ڪتب ايندو آهي. بعد ۾ جڏهن راجا چچ اتي قلعي جو بنياد رکيو ته ان کي راءِ جي تڙ يا راؤ جو تڙ وارو قلعي جو نالو ڏنو ويو هجي. راءِ جو تڙ بعد ۾ بدلجي رياتڙو ٿي ويو. جيئن اسان وٽ بهمنوا کي برهمڻ آباد لکن ٿا. يا چئي سگهجي ٿو ته رياتڙو سنڌي لفظ آهي بعد ۾ جڏهن عربي يا فارسي ۾ ان جنگ جو احوال لکيو ويو ته انهن رياتڙي جي متبادل راور يا راؤڙ جو لفظ استعمال ڪيو. مثال عربي ۾ نيشنل کي ناشيونال، ڪراچي کي ڪراتشي، سوئزرلينڊ کي سويسرا چوندا آهن. ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته فتحنامه ۾ جتي به راؤڙ جو نالو آيو آهي اتي و واري اکر مٿان ننڍو الف ڏنل آهي، جيڪو مون هن ڪتاب جي ٽائٽل تي واضع لکيو آهي.
ٻاٻڙا تائين ٽي رستا اچن ٿا هڪ رستو گھارو گولائي کان ساڪري طرف ويندڙ رستي تي جتي ڪوسٽ گارڊ وارا ويٺا آهن اتان هڪ رستو سڌو ساڪري طرف وڃي ٿو ته جڏهن ته ٻيو رستو اوڀر پاسي واري ٻاٻڙن تائين اچي ٿو. ٻاٻڙن تائين ٻيو رستو ٺٽو – ڪراچي نيشنل هاءِ وي تي گهارو ۽ گجي جي وچ ۾ سلطان آباد آهي اتان به رستو ٻاٻڙن تائين اچي ٿو جڏهن ته ٽيو رستو غلام الله کان ٻاٻڙن تائين اچي ٿو. ٻاٻڙا تي ٻاٻڙا ذات جا ماڻهن جا ڪافي ڳوٺ آهن جن ۾ ڳوٺ حاجي الياس ٻاٻڙو، حاجي شيرو ٻاٻڙو، حاجي صديق ٻاٻڙو، ڀريو ٻاٻڙو، ڳوٺ مظفر ٻاٻڙو ۽ ٻيا. ٻاٻڙا ذات سبب ئي ان ننڍڙي ماڳ جو نالو ٻاٻڙا آهي. ٻاٻڙا جو ذڪر ان ڪري لکيو آهي ته اتان کان پوءِ ٻيا ماڳ ڳولڻ ۾ آساني ٿيندي. ٻاٻڙن کان ڏکڻ اولهه طرف واري سڄي ماڳ کي مقامي ماڻهو اڄ به “جيوڙو” چوندا آهن ۽ جيوڙو دراصل تاريخي ماڳ جيور جي بگڙيل شڪل آهي. جيور کي به اسان جي تاريخي ڪتابن ۾ مختلف نالا ڏنا ويا آهن مثال جيور، جيپور، چتور، چترور وغيره. اصل سنڌي لفظ جيوڙ آهي، عربي يا فارسي ۾ ڙ جي جڳهه تي صرف ر جو اکر استعمال ڪيو ويو ٻي ڳالهه ته اسان جي معاشري جي عادت آهي ته اسان اڪثر ڪري اڌ نالا پڪاريندا آهيون يا هروڀرو نالن جي اڳيان و جو اکر لڳائيندا آهيون مثال نواز کي نوازو، ڪرم کي ڪرمو، شوڪت کي شوڪو وغيره.
جيوڙي جي ماڳ تي باءِ روڊ اچڻ لاءِ ٻاٻڙا کان ڏکڻ طرف هڪ سم نالو اوڀر کان اولهه طرف وڃي ٿو جنهن کي مقامي ماڻهو ٻاٻڙا سم نالو چوندا آهن. سم نالي تي روڊ وٽ ڪجهه دڪان آهن اتان باءِ رستو اولهه پاسي ڪجهه مفاصلي تي سم نالي جي ڏکڻ ۾ ڳوٺ رحمت الله ڪاتيار جڏهن ته ڳوٺ رحمت الله ڪاتيار جي بلڪل سامهون سم نالي جي اترين پاسي ڳوٺ گل محمد ڪاتيار آهي. ڳوٺ گل محمد ڪاتيار جي اڀرندي پاسي واري سڄي ماڳ کي مقامي ماڻهو جيوڙو چوندا آهن ۽ اهو جيوڙو دراصل تاريخي ماڳ جيور آهي. ڳوٺ رحمت الله ڪاتيار جي ڏکڻ پاسي منهنجو (راقم) جو اباڻو ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن محمد بن قاسم جيور ۾ هو ته راجا ڏاهر انهن جي سامهون اچي ٿيو. مهراڻ جو پاڻي انهن جي وچ ۾ هو ان مان مراد ته ان وقت دريا منهنجي ڳوٺ وٽان وهندو هو.
جتي هن وقت ڪاتيارن جا ڳوٺ آهن مقامي ماڻهو توڙي اسان جا وڏا اها ڳالهه ڪندا هئا ته اتان ڪڏهن درياهه وهندو هو. جيوڙي کان رياتڙو گھٽ ۾ گھٽ چار ميل کن ٿي ويندو. راقم جي ڳوٺ کان ڪجهه فاصلي تي ڏکڻ ۾ هڪ ميدان کي اڄ به “فتح جو پڙ” سڏيو ويندو آهي، جنهن جي لاءِ مقامي ماڻهو توڙي اسان جا وڏا ڳالهه ڪندا هئا ته اتي محمد بن قاسم ۽ ڏاهر جون فوجون آمهون سامهون ٿيو هيون ۽ اتي ئي جنگ لڳي هئي ۽ اتي ئي راجا ڏاهر قتل ٿيو هو. فتح جي پڙ جي بلڪل قريب ۾ اڄ به ڪنهن واهه جا آثار موجود آهن، مقامي ماڻهو ان کي گدا واهه سڏيندا آهن ۽ انهن جو چوڻ هو ته اهو واهه فتح جي پڙ کان ٿيندو ڇڇ ميرانخور ۾ پوندو هو فتح جي پڙ کان ڪجهه مفاصلي تي اوڀر طرف رياتڙي جو ميدان آهي ۽ رياتڙي مان مراد راؤڙ آهي. راؤڙ جي ماڳ تي هڪ درگاهه آهي جنهن جو مٿي ذڪر آيل آهي. مقامي ماڻهن اهو به ٻڌايو ته اهو پير محمد بن قاسم سان گڏ آيو هو ۽ ان جنگ ۾ شهيد ٿيل آهي ۽ ان سان گڏ ٻيون جيڪي قبرون آهن انهن ۾ اڪثريت جنگ جي شهيدن جون آهن. اتي پراڻي دور جا پٿر پيل آهن ۽ بقول خليفن جي اڳين وڏي مقدار ۾ چاندي ۽ ٽامي جا سڪا به ملندا هئا. خود مونکي به ٽامي جا ڪجهه سڪا مليا هئا جيڪي گھڻي وقت گذرڻ سبب ساوا ٿي چڪا هئا. فتح جي پڙ کان ٿوري مفاصلي تي رستم پنجابي جو گھر هوندو هو. بابا سائين ٻڌائيندو آهي ته رستم پنجابي جي گھر جي پاسي ۾ تمام گھڻي تعداد ۾ پٿر لڳل هوندا هئا جنهن کي مقامي ماڻهو “روهين وارو پوٺو” چوندا هئا بعد ۾ اهي پٿر اتان ڪڍي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيا ويا. منهنجي اندازي مطابق اهي پٿر قبرن جي سيراندي يادگار طور لڳايا ويا هئا ڇو ته لازمي ڳالهه آهي ته جنگ ۾ گل ناهن ڇٽبا. اگر راجا ڏاهر جا سپاهي قتل ٿيا يا راجا ڏاهر قتل ٿيو ته گھٽ عربن سان به نه ٿي هوندي.
فتح جي پڙ لاءِ بابا سائين ٻڌائيندو آهي ته جڏهن برسات پوندي هئي ته فتح جي پڙ تي جابلو گاهه ۽ کنڀيون به نڪرنديون هيون ۽ اهو پٽ ايترو ته صاف ۽ شفاف ڏسڻ ۾ ايندو هو جو انسان جو عقل دنگ رهجي ويندو هو. بقول بابا سائين جي ته ايترو صاف ۽ شفاف ميدان ڏسي اسان پنهنجي وڏن کان ان بابت پڇيو نه ته ان عمر ۾ اسان کي تاريخ سان ڪابه دلچسپي نه هئي. پر افسوس جو سم ۽ ڪلر ان کي تباهه ڪري ڇڏيو. اهو ذهن نشين ڪيو وڃي ته راجا ڏاهر ان وقت راؤڙ جي قلعي ۾ هو پر جنگ قلعي کان ٻاهر لڳي هئي ڇو ته تاريخي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته راجا ڏاهر جي قتل کان پوءِ اسلامي لشڪر باقي سپاهين کي ڌڪيندو اچي راؤڙ جي قلعي کي پهتو. بعد ۾ راؤڙ جي قلعي ۾ راڻي مايين پاڻ کي باهه جي نظر ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڪتاب لکن ٿا ته محمد بن قاسم راجا ڏاهر جي گھرواري لاڏي سان شادي ڪئي. اها لاڏي به عربن کي راؤڙ واري قلعي مان هٿ آئي هئي.
جڏهن ته فتح جي پڙ کان ڪجهه مفاصلي تي ڏکڻ طرف ڳوٺ ولي محمد پتافي وٽ “ڇڇ ميرانخور” نالي اڄ به ڍنڍ موجود آهي. مون خود وڃي ان ڍنڍ جو وزٽ ڪيو ته اتي جي مقامي ماڻهن ٻڌايو ته اها ڍنڍ تقريباً ٽي ميل ڊگھي ۽ هڪ ميل ويڪري آهي.
يوسي گجو توڙي ان جي آسپاس ۾ “ڇڇ” نالي سان ڪافي ڍنڍون آهن جن ۾ “ڇڇ ميرانخور” “ڇڇ ساهڙڪو” “ڇڇ ناري” “ڇڇ وراڪو”. هاڻي انهن ڍنڍن جا نالا “ڇڇ” ڇو آهن انهن جي هڪ وڏي ڪهاڻي آهي.
چچ جو نالو: بقول هوڙي والا جي ته چچ جو نالو ٿي سگھي ٿو ته “جج” هجي. پر منهجي ذاتي راءِ آهي ته چچ جو اصل نالو ٿي سگھي ٿو ته “ڇڇ” هجي. ڇو ته چچ سنڌي هو ۽ اهو نالو به سنڌي هوندو. پوءِ جڏهن سن ٽي هجريءَ ۾ فتحنامه کي عربي ۾ ۽ بعد ۾ فارسي ۾ لکيو ويو ته ان کي “ڇ” جي متبادل “چ” اکر لکيو ويو هوندو. ڇو ته عربي ۽ فارسي ۾ سنڌي جو اکر “ڇ” ڪونهي ۽ وڏي ڳالهه ته اسان جي تاريخ جا گھڻا ڪتاب “فتحنامه” مان اخذ ٿيل آهن. راقم جي اباڻي ڳوٺ جي پاسي ۾ “ڇڇ” جي نالي سان ڍنڍون آهن. جن جي باري ۾ مقامي ماڻهو چون ٿا ته اتي راجا ڏاهر جون فوجي ڇانوڻيون هيون. ڇو ته ان وقت ۾ جنگيون گھوڙن ۽ هاٿين تي ٿينديون هيون. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڍنڍن جي پاسي ۾ ڇانوڻيون قائم ڪيون ويون يا ڇانوڻين جي پاسي ۾ ڍنڍون تعمير ڪرائي ان کي بادشاهه جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ ٿي سگھي ٿو ته “چچ” جو نالو بعد ۾ ڦري “ڇڇ” ٿي ويو هجي. ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
“ڇڇ ميرانخور” جي پاسي ۾ ئي راجا ڏاهر پڙاءُ ڪيو هو ۽ ان ڍنڍ جي پاسي ۾ راجا ڏاهر قتل ٿيو هو ٿي سگھي ٿو ته ڇڇ ميرانخور جو لفظ مير ۽ خور مان نڪتل هجي جيڪو راجا ڏاهر کي کائي ويو. ڇڇ ميرانخور وٽ ٽن جڳھن تي سرن سان دڪا ٺهيل هوندا هئا جيڪي منهنجي بابا سائين خود پنهنجي اکين سان ڏٺا هئا ۽ مقامي ماڻهو انهن جي باري ۾ ٻڌائيندا هئا ته اتي راجا ڏاهر جي هاٿين کي وهنجاريو ويندو هو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جڏهن مون ڇڇ ميرانخور جو وزٽ ڪيو ۽ دڪن جي پڇا ڪئي ته اتي جي مقامي ماڻهن ٻڌايو ته انهن دڪن جي پاسي ۾ هاڻي ڪجهه ماڻهو ڳوٺ ٺاهيو ويٺا آهن انڪري سٺو نٿو لڳي ته پاڻ انهن جي گھرن ۾ هلون.
وقت تمام گھڻو گذري چڪو آهي جيڪر جنهن وقت ۾ فتحنامه تي بلوچ صاحب تحقيق ڪري رهيو هو ان وقت ۾ اسان جي ڳوٺن واري پاسي اچي ها ته بلوچ صاحب کي ڪافي آثار به ملن ها ۽ تاريخ به سلجهي وڃي ها ڇو ته اسان جي وڏا ڳالهه ڪندا آهن ته جيڪي آثار اسان ننڍي هوندي ڏٺا هئا اهي هاڻي صفا ختم ٿي چڪا آهن. وڏي ڳالهه ته مقامي ماڻهو اهو به ٻڌائيندا آهن ته صدر ايوب خان واري دور حڪومت ۾ بلڊوزرن ۽ ٽريڪٽرن ذريعي به انهن ماڳ مڪانن کي بلڊوز ڪيو ويو هو. بابا سائين ٻڌائيندو آهي ته راؤڙ (رياتڙي) واري ماڳ لاءِ پنهنجا وڏا اهو به ٻڌائيندا هئا ته اتي ڪافي تعداد ۾ ڪاري رنگ جا اوچا دڙا هوندا هئا. جنهن سبب مقامي ماڻهو ان پوري علائقي کي ڪاريون ڀٽون چوندا هئا. بعد ۾ اهي ڪاريون ڀٽون به ان صفائي جي نظر ٿي ويون.
نوٽ: مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو تاريخي ڪتابن جي آڌار تي، تاريخي علائقن جي وزٽ ۽ پنهنجي تحقيق، تجربي، مشاهدي، مطالعي ۽ وڏڙن جي ٻڌايل ڳالهين جي بنياد تي. باشعور محقق ۽ ليکڪ، فردن ۽ قبيلن بجاءِ مجموعي قومي مفادن کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن. مون وٽ ايترا وسائل نه آهن جو آئون ان سڀني ماڳن جو باريڪ بيني سان مشاهدو ڪري سگھان. جيڪڏهن ڪو دوست منهنجي ڳالهه سان سهمت ناهي ته ان کي تحقيقات جي مڪمل آزادي حاصل آهي. باقي آئون هن ڪتاب جي وسيلي سنڌ توڙي پاڪستان جي اديبن، محققن، تاريخدانن، سنڌ حڪومت، آرڪيالاجي کاتو، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا وارن کي اپيل ڪندوس ته اهي ان ماڳن جو باريڪ بيني سان مشاهدو ڪن، مخصوص ماڳن جي کوٽائي ڪرائين ته ٿي سگھي ٿو ته ڪافي لڪل راز سامهون اچي سگهن ٿا.
فتحنامه مان اڪثر حواله ان ڪري ڏنا آهن جو ان تاريخي ڪتاب ۾ اسان کي ڪافي ماڳن جي خبر پوي ٿي. ٻين ڪتابن ۾ ايترا ماڳ لکيل ناهن جيترا فتحنامه ۾ آهن. مثال تحفة الڪرام يا سنڌ عرب دور ۾ صرف راؤڙ ۽ جيور جا نالا ملن ٿا. اهم ڳالهه ته مون صرف انهن ماڳن تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن تي عرب ۽ ڏاهر جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ جو احوال ملي ٿو. مون ڪوشش ڪئي آهي ته غيرجانبدار ٿي تاريخ لکان انڪري مون کي يا منهنجي ڪتاب کي ڪنهن هڪ پاسي کڻي وڃڻ درست نه ٿيندو. ڇو ته محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي حوالي سان اسان وٽ ڪافي متضاد ڳالهيون موجود آهن ۽ انهن ٻنهي سوچن کي مڃڻ وارا ماڻهو موجود آهن. پر مون انهن سڀني ڳالهين کان هٽي ڪري صرف راؤڙ واري ماڳ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مالڪ سائين جا ڪرم آهن جو آئون پنهنجي ان ڪوشش ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيو آهيان. وڌيڪ فيصلو پڙهندڙ ڪندا.
هتي اها به وضاحت ڪندو هلان ته آئون اروڙ واري قلعي جو انڪاري نه آهيان. آئون تسليم ٿو ڪريان ته اروڙ وارو قلعو تمام گھڻو قديم آهي. برهمڻ گھراڻي کان اڳ سنڌ تي راءِ گھراڻي جي حڪومت هئي ۽ اروڙ انهن جو راڄڌاني هو ۽ بعد ۾ برهمڻ گھراڻي به اروڙ کي راڄڌاني برقرار رکيو. عربن به 125هه تائين اروڙ کي تختگاهه بڻايو هو بعد ۾ اميه عربن، عباسين توڙي هبارين، منصوره کي تختگاهه بڻايو. راؤڙ واري قلعي جو ته بنياد ئي راجا چچ رکيو هو. پر راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ اروڙ واري قلعي تي نه پر راؤڙ واري قلعي وٽ لڳي هئي. يا ايئن کڻي چئجي ته راجا ڏاهر جو مقتل گاهه راؤڙ / رياتڙو آهي نه ڪي اروڙ.