ٻه اکر (عزيز ڪينجهرائي)
هاڻ اچون ٿا ٺٽوي ڪاتيار جي اصل موضوع “راؤڙ” ڪٿي آهي؟ ٺٽوي ڪاتيار جو مقالو پڙهڻ کانپوءِ غور ويچار ڪيو ته هن سوال کي سلجهائڻ سان گڏ ٻيا به ماڳ مڪان چٽا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا. ان لاءِ هيٺيون ڳالهيون بنيادي آهن.
1. اُن وقت جي سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ دريائي وهڪرا سمجهڻ
2. حمله آور عرب فوج ڪهڙي رستي تان آئي ۽ سنڌ ۾ ڪٿان داخل ٿي.
3. حجاز جي گورنر حجاج بن يوسف عرب حمله آورن کي هٿيار ۽ ٻيو سامان ڪيئن ۽ ڪٿي پهچايو.
4. اُن وقت سنڌ جي شهرن ۽ قلعن بابت ڄاڻ.
اِها تاريخي حقيقت آهي ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي فيصلا ڪن جنگ سکر واري اروڙ وٽ نه پر لاڙ جي راؤڙ واري قلعي وٽ وڙهي ويئي هئي. پر سوال اهو ته اهو راؤڙ جو قلعو ڪٿي هو؟ ان لاءِ ٺٽوي ڪاتيار تمام گهڻا ثبوت پيش ڪيا آهن پر ان لاءِ ٻي مواد جي به ضرورت آهي. سڪندر يوناني جي ڪاھ، ارغونن ۽ مغلن جي دور تائين به تاريخ ثابت ڪيو آهي ته سنڌو درياءُ مڪلي جي اترين پاسي ستين وٽان وهي گجي ۽ ٻاٻڙن وٽان اڳتي هلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. جنهن جا آثار اڄ به گهاري وٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
محمد بن قاسم جو لشڪر مڪران کان آيو، لسٻيلي وٽ سنڌي ۽ عرب فوج جي وچ ۾ جهڙپ ٿي هئي. حجاج بن يوسف کان عرب لشڪر کي بحري، ٻيڙن رستي موڪليل جنگي هٿيار ۽ ٻيو سامان ديبل ويجهو پهچايو ويو. جنهن ۾ پٿر اڇلائي هڻڻ واريون منجنيقون به هيون. ان کانپوءِ عرب فوج ديبل فتح ڪيو. عرب فوج درياءُ جي ٻيءَ ڀر ڪجهه فاصلي واري فوجي قلعي راؤڙ کي ڇڏي جنگي حڪمت عملي هيٺ هڪ اهم قلعي رني ڪوٽ تي حملو ڪري قبضو ڪيو جنهن کي تاريخ نويسن غلطيءَ وچان نيرون ڪوٽ ڄاڻايو آهي. نيرون ڪوٽ تاريخ ۾ مونجهارو آهي. ان لاءِ ٻه نقطه نظر آهن يا ته سري سان ئي اهو آهي ئي رني ڪوٽ جيڪو اڄ به سلامت آهي. جيئن اروڙ ۽ راؤڙ کي ڪجهه تاريخ نويسن هڪ ڪري لکيو آهي. ان طرح نيرون ڪوٽ کي آندو ويو آهي. جي نيرون ڪوٽ حيدرآباد هو ته پوءِ اهو دريا جي کاٻي پاسي هو عرب فوج درياءَ فقط هڪ دفعو راؤڙ جي قلعي تي حملو ڪرڻ لاءِ لاڙ ۾ جيور وٽان پار ڪيو هو. رني ڪوٽ کان سيوهڻ جو قلعو ويجهو ۽ درياءَ جي ساڄي پاسي هو. ان کي فتح ڪرڻ کانپوءِ عرب فوج راؤڙ جي شاهي قلعي جيڪا سنڌي لشڪر جي اهم ڇانوڻي هئي جتي سورهيه بادشاهه راجا ڏاهر پاڻ رهيل هو. هاڻ اهو به ثابت ٿيو ته ديبل سنڌو جي ڇوڙ کان ساڄي پاسي هو. عرب فوج جي جنگي حڪمت عملي اها هئي ته اول سنڌو جي ساڄي پاسي واري علائقي تي قبضو ڪري پير پختا ڪري پوءِ اڳتي وڌجي. اها به اهم ڳالهه آهي ته عرب جنرلن وٽ ايران جي فتح کان وٺي خشڪيءَ تي ويڙهه جا تجربا هئا. بحري ڪاهن عربن کي نقصان ڏنو هو ان ڪري عرب فوج لاءِ سنڌو درياءَ ڪٿان ۽ ڪيئن پار ڪري اهو وڏو مسئلو هو. عرب فوج جو اصل جنگي ماهر حجاج بن يوسف هو جنهن لاءِ سمنڊ ۽ درياءَ وڏو مسئلو هئا. هن درياءَ پار ڪرڻ لاءِ محمد بن قاسم کي جيڪي هدايتون ڏنيون اهي عرب جنرلن جي سمنڊ ۽ دريا بابت خوف کي ظاهر ڪن ٿيون. سنڌ جا اروڙ کان راؤڙ تائين اهم قلعا ۽ ان وقت جي سرحدي صورتحال موجب اهميت کاٻي پاسي واري علائقي کي هئي. ان جو ثبوت اهو آهي ته عرب حمله آورن جا هٿيار ۽ رسد کڻي بحري ٻيڙو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ديبل ويجهو عرب فوج وٽ پهچي ويا.
منهنجي اڳ ۾ ديبل بابت راءِ هئي ته اهو ٻاٻڙن وٽ هو پر اهي آثار ديبل جا نه پر راؤڙ جا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان مون تائين، فيصله ڪن جنگ راؤڙ وٽ قبول ٿا ڪن. باقي راؤڙ ۽ ديبل ڪٿي آهن ان ڏس ۾ ٺٽوي ڪاتيار ثبوتن ۽ شاهدين جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن. هاڻي جن به تاريخ نويسن کي ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف راءِ آهي، اهي وڌيڪ اعتبار جوڳيون ثابتيون اڳيان آڻين.
عزيز ڪينجهرائي
ڪينجهر
20 مارچ 2017ع