تاريخ، فلسفو ۽ سياست

راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق تي مشتمل هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ٺٽوي ڪاتيار آهي.
ڪتاب جي محقق جي چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي.
Title Cover of book راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

ٻه اکر (محمد علي مانجهي)

سامونڊي ڪناري ۾ آيل ڦيرگهير، سنڌو درياهه جي وهڪرن جي تبديلين ۽ ڪجهه ٻين سببن جي ڪري سنڌ ساڻيهه ۾ وڏيون جاگرافيائي تبديليون اينديون رهيون آهن. خاص ڪري تيرهين عيسوي صديءَ کان اڳ جا بندر، شهر، وسنديون، واهڻ ۽ ٻيا ماڳ مڪان باقي ڪي وڃي رهيا آهن ۽ ٻيا سڀ اُجڙي پنهنجا نالا نشان ئي وڃائي چڪا آهن. عربن لڳاتار ڪاهون ڪري جڏهن سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو، تنهن وقت جي يا سندن حڪومتي دور جي ماڳن مان به تمام ڪي ٿورا جهڙي تهڙي حالت ۾ نشان بچائي موجود آهن.
چچ جي دور جو راؤڙ جو قلعو به انهن مان آهي، جنهن جا هاڻي اسين اُهي هنڌ ڳولڻ جي کوج ۾ آهيون. اُن وقت جو جڳ مشهور بندر ديبل ۽ راؤڙ انهن مان اهم ماڳ آهن، جن جي ڳولا ٿيڻ گهرجي.
راؤڙ جو قلعو چچ پنهنجي حڪومتي دور ۾ ٺهرايو هو، جتي هو اونهاري جي چئن مهينن ۾ اچي رهندو هو. انهيءَ جاءِ تي ئي محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ مقابلو ٿيو هو. اهو راؤڙ جو قلعو ڪٿي هو؟ اُن متعلق مختلف محققن جا مختلف رايا آهن. مشهور محقق، تاريخدان ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو خيال ۾ اُهو ماڳ رڙي ( جاتي شهر جي ويجهو گونگڙي وهڪري تي درياهي بندر / شهر) ٿي سگهي ٿو/آهي. ڪن يورپي ماهرن موجب راؤڙ جو قلعو جاتي کان نئين ڪوٽ جي وچ واري علائقي ۾ ڪٿي ٿي سگهي ٿو. شيخ محمد سومار جي لکت موجب اهو ماڳ راؤڙ، ضلعي بدين ۾ ڪرهيي ڀانڊاريءَ کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا به شيخ محمد سومار واري ڳالهه درج ڪئي آهي. گهڻو وقت اڳ ۾ مون ڪنهن هنڌ لکيو هو ته راؤڙ جو ماڳ ٽکڙ يا بلڙي شاهه ڪريم جي آسپاس ڪٿي ٿي سگهي ٿو.
ذوالفقار علي عرف ٺٽوي ڪاتيار نوجوان ليکڪ/شاعر آهي. هن راؤڙ جي هنڌ متعلق هيءَ هڪ نئي کوجنا ڪئي آهي. سندس چوڻ موجب اهو علائقو ساڪري تعلقي جي (هاڻوڪي) يونين ڪائونسل پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي ويجهو آهي. جنهن هنڌ کي رياتڙو چيو وڃي ٿو، سندس چوڻ آهي ته راؤڙ ۽ رياتڙو ساڳيو آهي. انهي ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن نوجوان هن سلسلي ۾ چڱي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اميد ته هو اهڙي ڪوشش ڪندو به رهندو. هيءَ سندس هڪ راءِ آهي، جنهن کي هن سامهون آندو آهي، جنهن لاءِ هن مختلف دليل ڏنا آهن. هن کان اڳ ڪيل تحقيق ۽ هن نوجوان جي ڪيل ڪوشش جي ڇنڊڇاڻ به ضرور ٿيندي ۽ ان سان ئي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهبو.
هن نوجوان هڪ چڱي ڪوشش ڪئي آهي، کيس هنن ماڳن متعلق پنهنجي ڪوششن کي جاري رکڻ گهرجي ۽ اسين منجهانئس اها اميد رکون ٿا.

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
مڪلي، ٺٽو
2 اپريل 2017ع