باب ٽيون:برهمڻ دورِ حڪومت
اسان جي تقريباً تاريخ ڄڻ نامڪمل آهي. جيئن راؤڙ واري ماڳ کي روليو ويو آهي، بلڪل ايئن برهمڻ گھراڻي جي دور حڪومت کي به مختلف ڪتابن مختلف سال ۽ بادشاهه لکيا آهن.
[b]برهمڻ بادشاھ:
[/b]اسان وٽ تاريخ جي حوالي سان مشهور ڪتاب جهڙوڪ فتحنامه سنڌ، اعجاز الحق قدوسي جو ڪتاب سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا سورما، تحفة الڪرام، سنڌ عرب دور ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن برهمڻ گھراڻي جا صرف ٽي 3 بادشاهه لکيا آهن. هر هڪ راجا چچ، راجا چندر ۽ راجا ڏاهر.
جڏهن ته تاريخ معصومي صرف ٻه بادشاهه لکيا آهن. معصومي لکي ٿو ته چچ کان پوءِ بادشاهت ڏاهر جي حوالي ٿي. جڏهن ته جنت السنڌ، تازو سنڌ جي تاريخ تي جامع ڪتاب انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن برهمڻ دور جا ڪافي بادشاهه ڏيکاريا آهن. ڪجهه ڪتابن ۾ چار ته ڪجهه ڪتابن ۾ ڇهه بادشاهه به لکيل آهن.
هاڻي هرڪو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو ته آخر برهمڻ گھراڻي جا گھڻا بادشاهه تخت نشين ٿيا؟. اهو هڪ مشڪل سوال ضرور آهي جنهن کي سلجهائڻ ٿورو ڏکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مير علي شير قانع ٺٽوي، سائين جي ايم سيد، ممتاز حسين پٺاڻ، اعجاز الحق قدوسي ان ڳالهه تي متفق آهن ته برهمڻ گھراڻي جا صرف ٽي بادشاهه ئي حڪومت ڪري سگھيا هر هڪ چچ، چندر ۽ راجا ڏاهر. ان ڪري اسان سڀني کي ان ڳالهه تي متفق ٿيڻ گھرجي ته برهمڻ گھراڻي جا صرف ٽي بادشاهه تخت نشين ٿيا. مير معصوم جو ماخذ خبر ناهي ڪهڙو آهي جو هن چندر جو نالو ئي ناهي لکيو، جنهن تي خود بلوچ صاحب به سوال اٿاريو آهي. جيڪي ڪتاب برهمڻ گھراڻي جا چار بادشاهه لکن ٿا انهن جي مطابق ڏهرسينه به بادشاهه هو. حالانڪ ڏهرسينه برهمڻ آباد جو حاڪم هو ۽ برهمڻ آباد ان وقت سنڌ جو هڪ صوبو هو. خبر ناهي ته انهن ماڻهن هڪ صوبي جي حاڪم کي ڪيئن ملڪ جو والي لکيو آهي؟ جنت السنڌ برهمڻ گھراڻي جا جيڪي ڇهه بادشاهه لکيا آهن انهن جا نالا هن ريت آهن. چچ، چندر، ڏهر ۽ ڌراج، ڏهر، ڏهر سياه ۽ ڏاهر.
هنن سڀني ڳالهين کي پڙهڻ کانپوءِ هرڪو اندازو ڪري سگھي ٿو ته برهمڻ گھراڻي جا صرف ٽي بادشاهه ئي تخت تي ويٺا ۽ اها ئي درست تاريخ آهي. اميد ته ان منجهيل تاريخ کي هاڻي درست ڪيو ويندو. باقي جيڪي ڪتاب ٽي کان وڌيڪ بادشاهه لکن ٿا اهي صرف وڌاءُ تي ٻڌل آهي.
[b]برهمڻ دور جا بادشاهه ۽ انهن جو دور حڪومت:
[/b]هاڻي اهو سوال ٿو پيدا ٿيئي ته برهمڻ گھراڻي جا جيڪي ٽي بادشاهه ٿيا انهن مان هر هڪ ڪيترا سال سنڌ تي ۽ جملي ڪيترا سال برهمڻ گھراڻي سنڌ تي حڪومت ڪئي؟.
اسان وٽ ڪافي تاريخ جا ڪتاب لکن ٿا ته برهمڻ گھراڻي 632ع کان 712ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي يعني جملي 80 ورهيه ۽ اها ڳالهه درست آهي، ڇو ته راءِ گھراڻي جو جملي دور حڪومت 137 سال آهي جيڪو 495 کان 632ع تائين رهيو ۽ 712ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي هئي. پر هر هڪ بادشاهه گھڻا سال حڪومت ڪئي ان مسئلي کي تمام گھڻو منجهايو ويو آهي. جن ڪتابن برهمڻ گھراڻي جا ٽي کان وڌيڪ بادشاهه لکيا آهن انهن جي مطابق راجا ڏاهر جو دور حڪومت صرف 12 سال هو. البته جن ڪتابن صرف ٽي بادشاهه لکيا آهن انهن مان اعجاز الحق قدوسي به راجا ڏاهر جو دور حڪومت 12 سال لکيو آهي. جڏهن ته فتحنامه سنڌ، سنڌ جا سورما، سنڌ عرب دور هر هڪ بادشاهه جا دور حڪومت جا سال هن ريت لکيا آهن. چچ 40 سال، چندر 8 سال ۽ راجا ڏاهر 32 سال. جن جو مڪمل نچوڙ 80 سال ٿيئي ٿو ۽ اها ئي درست تاريخ آهي. هڪ اهم ڳالهه ته ڪتاب “ لبِ تاريخ سنڌ” جنهن جي تاليف خان بهادر خداداد خان جي لکيل آهي لکي ٿو ته برهمڻ گھراڻي جو جملي دور حڪومت 85 سال آهي. جڏهن ته مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب “سنڌ بابت جامع معلومات، سوالن جواب ۾” برهمڻ دور حڪومت 88 سال لکيو آهي.
فتحنامه سنڌ راجا ڏاهر جا چار پٽ لکيا آهن. هر هڪ نالي جيسينه، ڏهرسينه، وڪيه ۽ گوپي. جيسينه ۽ ڏهرسينه ٻئي جنگ ۾ راجا ڏاهر سان گڏ هئا ۽ عرب جي لشڪر سان وڙهيا هئا. اگر اها ڳالهه درست آهي ته پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته راجا ڏاهر پنهنجي ڀاءُ جي زنده هوندي ان جو نالو پنهنجي پٽ تي ڪيئن رکيو. ڇو ته اگر اسين راجا ڏاهر جو دور حڪومت 12 سال رکو ته پوءِ جنگ جي وقت راجا ڏاهر جي پٽ ڏهرسينه جي عمر وڌ ۾ وڌ 9 يا 10 سال ئي هوندي، ڇو ته راجا ڏاهر جي تخت نشين ٿيڻ کانپوءِ انهي ٻنهي ڀائرن (راجا ڏاهر ۽ ڏهرسينه) ۾ ڪافي اڻبت هئي ۽ ڪجهه سالن کانپوءِ ڏهرسينه مري ويو هو. سو ڳالهه جو مطلب ته راجا ڏاهر جو دور حڪومت 32 سال درست آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڏهرسينه به راجا ڏاهر سان گڏ جنگ ۾ مارجي ويو هجي ڇو ته بعد ۾ ڏهرسينه جو ڪٿي به حوالو نٿو ملي.
ان مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته سن 61 هه ۾ جڏهن ڪربلا وارو واقعو ٿيو ان وقت سنڌ ۾ راجا ڏاهر کي تخت نشين ٿيندي ڪجهه مهينا ئي شايد ٿيا هجن. پر سنڌ جو بادشاهه راجا ڏاهر ئي هو. ڇو ته عربن هٿان سنڌ جو فتح ٿيڻ ۽ راجا ڏاهر جو مارجڻ وارو واقعو سن 93 هه ۾ ٿيو آهي. 93 مان جيڪڏهن 61 ڪٽ ڪجن ٿا ته حساب اچي ٿو 32. اسان جا ڪافي ڪتاب راجا ڏاهر جو دور حڪومت 32 سال لکن ٿا. وڏي ڳالهه ته اسان وٽ اڪثر ڪتاب راجا چچ جو دور حڪومت 40 سال، راجا چندر جو دور حڪومت 7 کان 8 سال تي متفق آهن. صرف راجا ڏاهر جو دور حڪومت ڪٿي 32 سال ته ڪٿي 12 سال لکيل آهي.
[b]برهمڻ گھراڻي جا بادشاهه ۽ ان جي دورِ حڪومت:
[/b]• راجا چچ 632-672ع ٽوٽل 40سال
• راجا چندر 672-679ع ٽوٽل 8 سال
• راجا ڏاهر 679-712ع ٽوٽل 32 سال
هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار” ۾ به راجا ڏاهر جو دور حڪومت 32 سال لکيو آهي.
جيترو منهنجو مطالعو آهي ان آڌار تي آئون چئي سگھان ٿو ته راجا ڏاهر جو دور حڪومت 32 سال ئي آهي. پوءِ ان کي 12 سال لکي خبر ناهي ته ڇا ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
برهمڻ گھراڻي جي بادشاهن توڙي انهن جي ڪيل حڪومتن واري سالن کي به اڄ ڏينهن تائين اسان جا ساڃاوند سلجهائي ناهن سگھيا ته پوءِ راؤڙ واري ماڳ کي اهي ڀلي پيا رولين.
[b]راجا ڏاهر جي تاريخ وفات:
[/b]هتي ٿورو ذڪر راجا ڏاهر جي مارجڻ واري تاريخ جو به ٿي وڃي. سنڌ جي تاريخ جا گھڻو ڪري سمورا ڪتاب ان ڳالهه تي متفق آهن ته اها جنگ 10 رمضان سنه 93 هه تي لڳي هئي جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو. پر اهو مسئلو اڄ ڏينهن تائين حل ناهي ٿي سگھيو ته ان ڏينهن عيسوي ڪئلنڊر جي ڪهڙي تاريخ ۽ ڪهڙو مهينو هو؟ سال ته 712ع لکن ٿا. فيسبڪ تي ڪجهه دوستن اها تاريخ 2 جولائي لکي آهي ڪافي ماڻهو 2 جولائي تي راجا ڏاهر جي ورسي به ملهائيندا آهن. جڏهن اردو انسائيڪلوپيڊيا ۽ سنڌ جا ڪافي ساڃاهه وند 20 جون واري تاريخ تي متفق آهن. محمد صالح کهڙو جي ڪتاب “سنڌ جي معلومات، سوالن جوابن ۾” 24 جون لکيل آهي. جڏهن ته جنت السنڌ ۾ اها تاريخ 16 جون لکيل آهي. لب تاريخ سنڌ ۾ اها تاريخ 30 جون لکيل آهي.
هاڻي هرڪو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو ته هيتري عظيم کي تاريخ کي ايترو ڇو منجهايو ويو آهي. آئون محترم اوڀايو خان خشڪ جو نهايت ٿورائيو آهيان جنهن فيسبڪ تي منهنجي پڇيل سوال جو جواب لکيو ته 20 جون ئي درست تاريخ آهي. خشڪ صاحب پاران اهو به لکيل آهي ته جنتري جي حساب سان به 20 جون واري تاريخ اچي ٿي. جڏهن ته اردو انسائيڪلوپيڊيا 1962ع جو شايع ٿيل آهي ۽ ڪافي مستند ڪتاب آهي. ان ۾ به اها تاريخ 20 جون 712ع لکيل آهي ۽ اها ئي مستند تاريخ آهي. اهو ڪتاب تقريباً 1700 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان وقت ان جي قيمت 30 روپيا هئي.
[b]راجا ڏاهر جي پڳدار پٽ جو درست نالو ڪهڙو هو؟
[/b]تاريخ جي ڪتابن ۾ راجا ڏاهر جي پٽن جي حوالي سان به ڪافي تضاد آهي پر هتي سوال اهو آهي ته راجا ڏاهر جو پڳدار پٽ، جيڪو راؤڙ واري جنگ ۾ به راجا ڏاهر سان گڏ هو ۽ راجا ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ به ڪافي وقت تائين عربن سان وڙهندو رهيو هو. محمد بن قاسم کان اڳ آيل سپهه سالار بديل بن طهفة بجلي کي ديبل جي ماڳ تي راجا ڏاهر جي جنهن پٽ جنگ جوٽي قتل ڪيو ۽ جنهن کي تاريخ راجا ڏاهر جو وڏو پٽ لکي ٿي ان جي نالي کي به ڪافي منجهايو ويو آهي. مثال سنڌي ڪتابن ۾ ان جو نالو جيسيا، جيسين، جئسين، جيسينه، جئه شينهن لکيو ويو آهي. جڏهن ته اردو ڪتابن ۾ جيسينه، جئه سنگهه توڙي ڀيم سنگهه به لکيو ويو آهي. خبر ناهي تي برهمڻن کي ڇو سک لکيو ويو آهي.؟
جيتري قدر منهنجو مطالعو توڙي مشاهدو آهي ته راجا ڏاهر جي ان پٽ جو درست نالو جيسينه ئي آهي. راجا ڏاهر جي ڀاءُ جو نالو ڪجهه ڪتاب ڏهرسين به لکن ٿا ته ڪجهه ڪتاب ڏهرسينه. ان حساب سان جيسين يا جيسينه نالو ٺهڪي اچي ٿو. پر اڄڪلهه پاڙيسري ملڪ جي مختلف فلمن، ڊرامن يا ڪارٽونن ۾ بهادر سپاهي لاءِ “سينا پتي” لفظ استعمال ٿيندو آهي. پتي مان مراد هندي ٻولي ۾ شايد مڙس کي چوندا آهن پر هتي پتي مان مراد دلير مرد وٺي سگھجي ٿو جيئن اسان وٽ سنڌي ۾ دلير مرد لاءِ گھوٽ لفظ پڻ استعمال ٿيندو آهي. ڀٽائي چواڻي ته؛
“گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.”
سينا مان مراد بهادر وٺي سگھجي ٿو. سينا پتي يعني “بهادر مرد”. ان حساب سان جيسينه ئي درست نالو آهي. فتحنامه ۾ مترجم “جيسينه” جي معنٰي “سوڀارو شينهن” لکي آهي.
تاريخدان لاءِ هڪ اصول آهي ته اهو هميشه غيرجانبدار ٿي تاريخ لکي. مگر هڪ پاسي ٿي تاريخ لکڻ سان اسان وٽ تاريخ ڪافي منجهيل آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن راجا ڏاهر قتل ٿي ويو ته جيسينه آڻ ڪونه مڃي. پهرين راؤڙ واري قلعي ۾ اچي جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو پر پوءِ محمد علافي جي چوڻ تي راؤڙ مان نڪري برهمڻ آباد ۾ اچي جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو. بعد ۾ اتان نڪري چتور هليو ويو ۽ جڏهن محمد بن قاسم کي معزول ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ افراتفري مچي وئي ته جيسينه حملو ڪري سنڌ جا ڪافي علائقا عربن کان کسي ورتا ۽ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ ويهي حڪومت هلائڻ لڳو.
تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته خليفي سليمان بن عبدالملڪ کان پوءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز جڏهن مرڪزي خليفو ٿيو جيڪو سليمان جو سئوٽ ۽ ڀيڻويو هو ۽ ديندار ۽ خدا جو خوف دل ۾ رکندڙ ماڻهو هو. تنهن تخت تي ويهڻ شرط هند ۽ سنڌ جي ماڻهن ڏانهن رواداري جي بنياد تي هلڻ جو حڪم ڏنو ۽ گورنرن ڏانهن هدايتون ڏياري موڪليون ته ماڻهن کي دين اسلام ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ تبليغ جو سلسلو جاري رکجي. راجا جيسينه به انهي تبليغ مان متاثر ٿي يا حڪومت جي بچائڻ جي خيال کان ظاهري طور اسلام جو دين قبول ڪيو ۽ کيس نئون نالو “جليسه” پڻ ڏنو ويو. جيڪي علائقا هن فتح ڪيا هئا انهن جو حاڪم اعلٰي تسليم ڪيو ويو. تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته جڏهن اموي دور ۾ سنڌ جو پنجون گورنر جنيد بن عبدالرحمٰن (سنه 105 کان 111ھ) سنڌ ۾ آيو ته ان راجا جيسينه سان ڪنهن معاملي تي ڪاوڙجي جنگ ڪئي جنهن ۾ راجا جيسينه گرفتار ٿيو ۽ بعد ۾ راجا جيسينه کي قتل ڪيو ويو. (ڪتاب سنڌ عرب دور، ممتاز حسين پٺاڻ)
اسان وٽ راؤڙ جي ماڳ تي لڳل جنگ جي باري ۾ اڃان تائين صحيح تعين ناهي ٿي سگھيو ته اها جنگ گھڻا ڏينهن هلي.؟ جيتري قدر مون مطالعو ڪيو آهي ته اهي اها جنگ پنج ڏينهن لکن ٿا جڏهن ته ڪافي ماڻهو چوندا آهن ته اها جنگ ڏهه ڏينهن هلي. اهو انهن جو رايو آهي
پهرين ڏينهن جي جنگ ۾ راسل پٽ وسايو، عربن جي سامهون ٿيو هو پر راسل ڪابه جنگ نه ڪئي البته غلط فهمي ۾ راسل جا سپاهي قتل ٿي ويا ڇو ته راسل به پنهنجي ڀاءُ موڪي وانگر محمد بن قاسم کان امان وٺي چڪو هو ۽ اها جنگ محظ هڪ ڊرامو هو.
ٻئي ڏينهن جي جنگ ۾ راجا ڏاهر پاران هڪ ڪاڻو سپهه سالار (جنهن کي تاريخي ڪتابن جهاپو اڳوڻ لکيو آهي) جنگ تي آيو ۽ ان جي قتل سان ان ڏينهن واري جنگ پڄاڻي تي پهتي.
ٽئي ڏينهن راجا ڏاهر پاران جاهين جنگ تي آيو پر اهو به قتل ٿي ويو ۽ ان جي قتل سان ان ڏينهن واري جنگ ختم ٿي.
چوٿون ڏينهن خميس جو هو ۽ ان ڏينهن خود راجا ڏاهر جنگ جي ميدان ۾ آيو، شام تائين جنگ هلي پر ڪوبه نتيجو نه نڪتو ۽ آخرڪار ان ڏينهن واري جنگ به ختم ٿي.
پنجين ڏينهن واري جنگ گهمسان جي جنگ هئي ۽ اها جنگ مغرب تائين جاري رهي ۽ راجا ڏاهر جي قتل سان ختم ٿي.
هن باب مان ڇهه (6) ڳالهيون صاف ظاهر آهن جن کي اڄ ڏينهن تائين محقق سلجهائي نه سگهيا آهن.
پهرين ڳالهه ته برهمڻ خاندان جا ٽوٽل گھڻا بادشاهه تخت نشين ٿيا؟
ٻي ڳالهه ته برهمڻ حاڪمن جو جملي دور حڪومت ڪيترو هو؟
ٽي ڳالهه ته راجا ڏاهر گھڻا سال سنڌ تي حڪومت ڪئي؟
چوٿين ڳالهه ته راجا ڏاهر عيسوي ڪئلنڊر جي ڪهڙي تاريخ تي مارجي ويو هو؟
پنجين ڳالهه ته راجا ڏاهر جي پڳدار پٽ راجڪمار جو درست نالو ڪهڙو آهي؟
ڇهين ڳالهه ته راؤڙ واري ماڳ تي فيصله ڪن جنگ گھڻا ڏينهن هلي؟
هنن ڳالهين کي اسان جي ساڃاهه وندن ڪافي رلايو آهي پر منهنجي تحقيق موجب انهن سوالن جا درست جواب هي آهن.
برهمڻ گھراڻي جا ڪل ٽي (3) بادشاهه تخت نشين ٿيا. هر هڪ راجا چچ، راجا چندر ۽ راجا ڏاهر.
برهمڻ گھراڻي جملي طور 80 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. عيسوي سن 632 کان 712 تائين.
راجا ڏاهر ڪل 32 سال (679-712ع) سنڌ تي حڪومت ڪئي.
راجا ڏاهر 10 رمضان 93 هه بمطابق 20 جون 712ع تي راؤڙ جي ماڳ وٽ مارجي ويو.
راجا ڏاهر جي پڳدار پٽ جو نالو راجڪمار جيسينه هو.
محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ راؤڙ جي ماڳ تي فيصله ڪن جنگ پنج (5) ڏينهن هلي. 6 رمضان کان 10 رمضان تائين.