تاريخ، فلسفو ۽ سياست

راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق تي مشتمل هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ٺٽوي ڪاتيار آهي.
ڪتاب جي محقق جي چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي.
Title Cover of book راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

باب پهريون:تاريخي مونجهارا

ڪتاب پڙهڻ وقت سڀ کان پهرين هن ڪتاب ۾ ڏنل تاريخي مونجهارن کي غور سان پڙهڻو پوندو، تنهن کان پوءِ ئي هن ڪتاب ۾ ڏنل تاريخي حقيقتن کي بهتر سمجهي سگهبو.
هي اهي ڳالهيون آهن جن کي اڄ ڏينهن تائين اسان جي ڪنهن به تاريخدان چٽو ڪري سلجهايو ناهي، جنهن سبب اسان جي تاريخ ڪافي حد تائين مونجهاري جو شڪار آهي. هي پوائنٽس منهنجي هڪ ناقص ذهن جي مطابق آهن ٿي سگھي ٿو ته اڃان به ڪافي ڳالهيون هجن.

(1) [b]هڪ نالي سان ٻن يا ٻن کان وڌيڪ فردن، ڳوٺن، شهرن، ماڳ مڪانن، ڪوٽن قلعن ۽ قبرستانن جو هجڻ: [/b]
مثال: مارئي جو ملڪ ملير!
ملير ڪهڙو؟ ٿر وارو يا ڪراچي وارو؟
(2) [b]بندر صرف سامونڊي ڪناري تي ڳولهڻ: [/b]مثال: اگر بندر صرف سمنڊ جي ڪناري هئا ته پوءِ انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا ته اروڙ کي به بندر لکيو آهي ۽ موجوده بٺوري ۾ به علي بندر لکيو آهي ته ڇا اهي بندر سمنڊ تي هئا يا دريا جي ڪناري تي؟
(3) [b]هڪ ٻولي مان ٻي ٻولي ۾ ترجمو:[/b] فتحنامي جي شروع ۾ جناب شمشيرالحيدري لکيو آهي ته جڏهن هڪ ٻولي مان ٻي ٻولي ۾ ترجمو ٿيندو آهي ته ان تي ٽي ڏاڪا اثر پوندو آهي.
(4) [b]تلفظ جو صحيح نه اچارڻ: [/b]اسان وٽ اڪثر ڪري لفظ ٽوڙي موڙي ڳالهايا ويندا آهن يا انهن جا تلفظ صحيح ناهن اچاريا ويندا.
مثال: محمد کي مامد، احمد کي آمد
(5) [b]سنڌ جي پهرين مسجد:[/b] ٿي سگهي ٿو ته محمد بن قاسم سڄي سنڌ ۾ ڪافي مسجدون تعمير ڪرايون هونديون، پر اهو اڄ تائين معلوم ناهي ٿي سگھيو ته پهرين مسجد ڪٿي تعمير ڪرائي؟
(6) [b]سنڌو دريا کي موجوده حالت ۾ رکي تاريخ ڳولهڻ:[/b] ڇا دريا سنڌ اڄ کان 14 سئو سال پهرين به ساڳي رستي تان وهندو هو جنهن تان هينئر پيو وهي؟
(7) [b]ڏند ڪٿائن کي اهميت نه ڏيڻ:[/b] ڪراچي سنڌ جي مارئي ۾ جناب گل حسن ڪلمتي لکي ٿو ته جتي به ڏند ڪٿائون آهن اتي لازمي ڪو واقعو ضرور ٿيو هوندو جنهن جي بنياد تي اهي ڏند ڪٿائون وجود ۾ آيون آهن.
(8) [b]موجوده روڊ رستن کي ذهن ۾ رکي تاريخ لکڻ[/b]: ڪجهه ڪتابن ۾ تاريخ ايئن لکي وئي آهي ڄڻ محمد بن قاسم نيشنل هاءِ وي تان سفر ڪري سنڌ فتح ڪئي هجي؟
(9) [b]ترجمي وقت پيدا ٿيل مونجهارا:[/b] هينري ڪزنس ڪتاب سنڌ جا قديم آثار ۾ لکيو آهي ته “ گهڻن شهرن جي سڃاڻپ کي مترجمن ۽ مورخن نقل ڪرڻ وقت منجهائي رکيو آهي. ڇو ته کين ملڪ جي جاگرافيائي حالتن جي يا ته ڪا ڄاڻ ڪانه هئي يا کين فقط معمولي ڄاڻ هئي. انهن اکرن جا اصل ٽٻڪا ختم ڪري ڇڏيا يا وري وڌيڪ ٽٻڪن جو اضافو ڪيو ۽ نالن جي غلط هَجي ۽ اچارن سان مونجهارن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.”
مثال: فارسي ۾ جتي لفظ “قصه” آيو آهي ان کي ترجمي ۾ “ڪڇ” لکڻ.
(10) [b]ڪوھ، فرسنگ يا فرسخ جو صحيح تعين نه ڪرڻ[/b]: اسان وٽ موجوده زماني ۾ مفاصلو ماپڻ لاءِ ميل يا ڪلوميٽر استعمال ڪبا آهن، جڏهن ته گذريل زماني ۾ ڪوهه يا فرسنگ استعمال ٿيندا هئا. اڄ ڏينهن تائين ڪير به صحيح تعين ناهي ڪري سگھيو ته ڪوهه يا فرسنگ ۾ ڪيترا ميل يا ڪلوميٽر اچن ٿا؟
(11) [b]قبرستانن تي کوجنا نه ڪرڻ: [/b]قبرستان اتي وجود ۾ ايندا آهن جتي ڪو ڳوٺ، شهر يا ڪوٽ قلعا هوندا هئا. اسان وٽ لاتعداد اهڙا قبرستان آهن جن تي ڪابه تحقيق ناهي ٿي.
(12) [b]عربن کي هڪ ڪري لکڻ:[/b] محمد بن قاسم ثقفي، اميه عرب هو. جڏهن عباسي خاندان جو پهريون خليفو ابوالعباس سفاح تخت تي ويٺو ته ان پنهنجي پهرين فوج سنڌ موڪلي اميه عربن کان سنڌ کسي ورتي. مطلب ته اميه ۽ عباسي الڳ الڳ هئا وڏي ڳالهه ٻئي هڪ ٻئي جا دشمن هئا. جڏهن ته عباسين کانپوءِ هباري سنڌ جا حاڪم بڻيا. بعد ۾ غزنوي، هبارين کان سنڌ کسي.
(13) [b]ديهن کي اهميت نه ڏيڻ[/b]: اسان وٽ هر يونين ڪائونسل ۾ ديهون ۽ تپا هوندا آهن ۽ اسان جي تاريخ ۾ اهي مددگار ثابت ٿينديون، بشرط ته انهن تي تحقيق ڪئي وڃي.
(14) [b]سڪن جي آڌار تي تاريخ ڳولڻ[/b]: جتان سڪا مليا اتي لکي ڇڏيائون ته انهن حڪمرانن جو مسڪن اهو ماڳ هو! سنڌ هڪ ملڪ هو ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪڙي بادشاهه جو سڪو هلندو هوندو.
(15) [b]نئين شهر کي پراڻي نالي سان ياد ڪرڻ[/b]: سنڌ ۾ اهو رواج رهيو آهي ته جڏهن ڪو مشهور شهر ويران ٿيندو هو ۽ بعد ۾ ان ماڳ تي يا ان جي پاسي ۾ يا ان کان ٿورو پرڀرو ڪو نئون شهر ٺهندو هو ته ان کي به ساڳي نالي سان سڏيو ويندو هو.
مثال: ديبل کانپوءِ لاڙي بندر کي به ديبل چوڻ يا ٺٽي کي به ديبل چوڻ وغيره
(16) [b]سائنٽيفڪ نظريي تحت تاريخ نه لکڻ[/b]: اسان وٽ اڃا تائين سائنسي اصولن جي بنياد تي تحقيقي رجحان پيدا نه ٿي سگهيو آهي. سائين جي ايم سيد تاريخ لکڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون لکيون آهن اهي هي آهن.
ڦٽل شهرن جي کوٽائي، مختلف تاريخن جي مطالع، ڏند ڪٿائن، رسم رواج، رومانوي افسانن ۽ سماجي دستورن مان گهڻي معلومات هٿ ڪري سگهجي ٿي.
(17) [b]مشاهدي ۽ تجزيي جي کوٽ[/b]: اسان وٽ تاريخ لکڻ وقت مشاهدي توڙي تجزيي کي ڪابه اهميت ناهي ڏني ويندي.
(18) [b]مشابهت يا شڪ ۾ لکل ڳالهه تي تحقيق ڪرڻ بجاءِ ان کي سچ سمجهڻ[/b]: ڪجهه ماڳ اهڙا آهن جن کي اسان جي محققن شڪ ۾ پراڻو ماڳ لکيو آهي يا ان کي صرف ان پراڻي ماڳ سان مشابهت ڏني آهي پر اسان وٽ بعد ۾ اهو دستور ٿي ويو ته بابا هيڏي وڏي عظيم مورخ اها ڳالهه لکي آهي اها غلط ڪيئن ٿي ٿي سگھي.
(19) [b]جانبدار ٿي تاريخ لکڻ[/b]: جيڪو ماڻهو تاريخ کي پنهنجي فڪر جي آئيني ۾ لکندو. اهو صحيح تاريخ نه لکي سگهندو.
(20) [b]حقيقتن، روايتن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ تضاد:[/b] اسان وٽ ڪجهه حقيقتون اهڙيون آهن جن جو معيار عام ڳالهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي بس انهن کي ڪتابي جاءِ ملي وئي ته انهن کي مان ملي ويو. جڏهن ته ڪجهه روايتون توڙي ڏند ڪٿائون حقيقت جو روپ رکن ٿيون پر انهن کي ڪنهن ڪتاب ۾ جاءِ نه ملي ۽ اهي هاڻي محض هڪ روايت ۽ ڏند ڪٿا جي حيثيت رکن ٿيون.
مونکي اميد آهي ته اگر اسان هنن تاريخي مونجهارن کي ذهن ۾ رکي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪريون ته شايد اسان جي سونهاري سنڌ جي ڪافي تاريخ سلجهي سگھي ٿي.