تاريخ، فلسفو ۽ سياست

راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق تي مشتمل هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ٺٽوي ڪاتيار آهي.
ڪتاب جي محقق جي چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي.
Title Cover of book راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

پنهنجي پاران

اول تعريف مالڪ سائين جي، درود پاڪ مٺي مديني واري سائين تي.
سمجهه ۾ نٿو اچي ته لفظن جي شروعات ڪٿان ڪريان، وڏي سوچ ويچار کان پوءِ ته ڪڏهن ڪڏهن انسان اهڙا ڪم به ڪري ويندو آهي جنهن جو شايد ان کي خبر چار يا احساس به نه هوندو آهي. منهنجي پيدائش هڪ ڳوٺاڻي ڪٽنب ۾ ٿي. منهنجو تڙ ڏاڏو مٺو فقير هڪ درويش قسم جو انسان هو جنهن جو ڪرامتون اڄ به مقامي ماڻهن جي واتان ٻڌبيون آهن جڏهن ته منهنجو پڙڏاڏو مرحوم جعفر ان وقت ۾ وفات ڪري ويو جڏهن منهنجو ڏاڏو اڃان ننڍو ٻار هو. منهنجو ڏاڏو الهڏنو ڪاتيار انگريز سرڪار جي دور ۾ (1941ع) پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، جيڪو سپاهي جي رينڪ کان ويندي صوبيدار ٿي 1974ع ۾ ريٽائرڊ ٿيو. تنهن کان پوءِ ڏاڏي مرحوم ٺٽي ضلعي ۾ شهيد ڀٽي پاران تحفي طور ڏنل ٺٽه سيمينٽ فيڪٽري ۾ سيڪيورٽي انسپيڪٽر طور ڊيوٽي ڪرڻ لڳو. ڪجهه سالن ۾ ڏاڏي سائين جو انتقال ٿي ويو ته ٺٽه سيمينٽ فيڪٽري وارن بابا سائين کي سن ڪوٽا تي فيڪٽري ۾ هيلپر جي نوڪري ڏني. 1984ع ۾ بابا سائين کي نوڪري ملي ۽ ان ئي سال بابا جي شادي ٿي. منهنجي پيدائش 1989ع ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار ۾ ٿي. اسان جي ڳوٺ توڙي ان علائقي جي اِها بدقسمتي چئبي جو اسان وٽ علم جو ڪو خاص معيار ڪونهي. انهن ڳالهين کي مدِنظر رکندي بابا سائين منهنجي پڙهائي خاطر پنهنجو اباڻو راڄ ڀاڳ، ٻنيون ٻارا، مال متاع، سنگت ساٿ ڇڏي، 1996ع ۾ ٺٽه سيمينٽ فيڪٽري جي ورڪرز ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ان ئي سال مونکي فيڪٽري جي اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ داخلا وٺي ڏني.
2006ع ۾ مئٽرڪ، 2008ع ۾ آرمي ڪاليج ٺٽي مان انٽر پاس ڪئي. ڪجهه ڪوتاهين ۽ ڪجهه مجبورين سبب لياقت يونيورسٽي ۾ داخلا نه ٿي ته پاڪ آرمي ۾ ڪميشن ڏني. اتان به ناڪام ٿيڻ کان پوءِ مختلف ادارن ۾ اپلاءِ ڪيو پر ڪٿان به ڪا خاص موٽ نه ملي. زندگي جا مختلف مرحلا گذارڻ کانپوءِ اين آر ايس پي ٺٽي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي نوڪري ملي ۽ پوءِ جلد تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي.
اسڪول ٽائيم کان پوءِ اڪثر شام جو وقت گذارڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو هو. اسان جي گھر جو ماحول آهي ته اڪثر رات جو ماني کائي پوءِ ٻاهر اڱڻ ۾ سڀ گھر ڀاتي گڏجي ڪچهري ڪندا آهيون. بابا سائين پنهنجي وقت ۽ تجربي جون ڳالهيون، تاريخي قصه، تاريخي شخصيتن، شاهه صاحب ۽ اسان جي ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس بابت ٻڌائيندو رهندو آهي. ايئن ڳالهين ڳالهين ۾ جڏهن ٺٽي جي تاريخ جو ذڪر ايندو هو ته خبر ناهي ڇو مونکي محسوس ٿيندو هو ته ٺٽي جي تاريخ اڻپوري آهي، جنهن تي تحقيق جي ضرورت آهي. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته مونکي ڪتابن سان شروع کان محبت هئي. ننڍپڻ ۾ ٻارن جي حوالي سان نڪرندڙ رسالا وڏي شوق سان پڙهندو هئس. 2004ع کان شاعري لکڻ شروع ڪئي هئي ان وقت آئون نائين ڪلاس جو شاگرد هئس.
هاڻي اچون ٿا اصل موضوع ۽ هن ڪتاب تي...!
ٺٽي جي تاريخ جي حوالي سان جڏهن شوق جاڳيو ته بابا سائين پنهنجي هڪ دوست حاجي محمد جوکيو کان تحفة الڪرام ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي آيو. جڏهن ته استاد محترم محمد خان مارو خشڪ، منهنجي شوق کي ڏسي ڪتاب تاريخ طاهري ۽ مڪلي نامه پڙهڻ لاءِ ڏنا. جڏهن انهن ڪتابن کي پڙهڻ شروع ڪيم ته مختلف تضاد نظر آيا ۽ ڪجهه ڳالهيون اهڙيون به هيون جن کي منهنجو عقل تسليم ئي نٿي ڪيو. بعد ۾ پروفيسر سائين قلندر شاهه لڪياري سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته سائين چيو ته توهان مختلف تاريخي ڪتاب پڙهو ۽ انهن مان جيڪي تضاد نظر اچن انهن کي پاڻ وٽ لکي رکو. جيڪي تضاد نظر آيا يا جن ڳالهين کي منهنجي عقل تسليم نٿي ڪيو انهن جا تفصيلي ذڪر هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن. پوءِ ايئن وڌيڪ ڪتابن کي پڙهڻ جو شوق ٿيو. منهنجي شوق کي ڏسي بابا سائين پنهنجي هڪ پراڻي دوست جيڪو تاريخ جو به وڏي ڄاڻو آهي استاد محمد عارب موج ڏانهن وٺي ويو. جنهن منهنجي شوق، جذبي، همٿ ۽ لکيل مواد کي ڏسي وڏي حوصله افزائي ڪئي. بعد ۾ دوست اعجاز واريو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽي جي ان وقت جي سيڪريٽري فقير اڪرم مڱڻهار جو نمبر ڏنو ۽ ايئن آئون جلد ساس جو به ميمبر ٿي ان جي هر گڏجاڻي ۾ حاضري ڏيڻ لڳس. پوءِ الهڏني جوڻيجي جي ڪلام “جيئن ٿي ملاقات ٿيئي تيئن ٿي سِڪ وڌي” واري ڪار مونکي ڏينهون ڏينهن ٺٽي جي تاريخ پڙهڻ جو شوق جاڳيو. ايئن تضاد لکندي لکندي کوڙ سارو مواد گڏ ٿي ويو. هاڻي سوال رهيو ته مختلف تاريخي ماڳن تي مواد ته آهي پر ان ماڳن جو وزٽ به ڪيو وڃي ۽ اتي جي مقامي ماڻهن سان به ملجي ۽ پڇجي ته آخر اُهي ان بابت ڇا ٿا چون؟ پوءِ ايئن اهو سفر شروع ٿيو پر مالي وسيلن جي کوٽ، وقت جي قلت، ڊيوٽي ۽ گھر جي ذميوارين تمام گھڻو پريشان ڪيو ۽ ڪافي موجهارا به پيدا ٿيا. اسان جي معاشري جي اها روايت رهي آهي ته اسان ڪنهن جي تعريف گھٽ پر ان کي مايوس گھڻو ڪندا آهيون.
آئون ڪو وڏو اديب ناهيان ۽ نه وري پاڻ کي وڏو اديب سمجهان ٿو. آئون ادب جو هڪ ننڍڙو شاگرد آهيان. تاريخي علائقه گھمڻ ۽ مواد گڏ ڪرڻ کان پوءِ بابا سائين چيو ته هاڻي ڪتاب ڇپائجي، ته جيئن تنهنجي محنت به رائيگان نه وڃي ۽ گھڻن کان گھڻن ماڻهن کي اصل حقائق معلوم ٿي سگھن. ڪتاب جو پهريون نالو رکيوسين “ٺٽي جي وکريل تاريخ”، پر جڏهن مواد کي ڪمپوز ڪيو ( هي سڄو ڪتاب مون پاڻ ڪمپوز ڪيو آهي) ته مواد تمام گھڻو ٿي ويو ۽ ايتري منهنجي پونجي به ناهي ۽ نه وري ڀاري ۽ وڏي قيمت واري ڪتاب جو هاڻ ڪو رواج رهيو آهي. بعد ۾ صرف راؤڙ واري موضوع کي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي باقي رهيل مواد ايندڙ ڪتاب ۾ سنڌ دوستن جي هٿن ۾ هوندو.
تاريخ ۽ تحقيق جو ڪم تمام مشڪل هوندو آهي پر ناممڪن نه. تاريخ لکڻ ايئن ڄڻ نانگ لتاڙڻ. پيٽ تي پٿر ٻڌڻ. آئون هڪ پرائمري استاد آهيان، هڪ مزدور جو پٽ. مون وٽ ايترا وسائل ناهن پر تنهن هوندي به مون ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ واسين تائين اصل حقائق پهچائي سگھان.
هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته تاريخي ماڳ راؤڙ منهنجي اباڻي ڳوٺ جي پاسي ۾ آهي يا کڻي ايئن چئجي ته اهو منهنجو اباڻو ڳوٺ ئي آهي جتي راؤڙ جو ماڳ آهي. هاڻي اها خوشقسمتي چئجي يا ڪجهه ٻيو پر ڪير ايئن نه سمجهي ته ڪاتيار پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي مان ڏيڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي. آئون صرف ڳالهين تي يقين نه رکندو آهيان پر ڳالهين جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش به ڪندو آهيان. مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو تاريخي ڪتابن جي آڌار تي، تاريخي ماڳن جي وزٽ، پنهنجي ذهن ۽ علم مطابق ۽ فتحنامه سنڌ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته “اميد ته اسان مان، ٻئي ڪنهن صاحب علم کي ڌڻي توفيق ڏيندو جو هن تحقيق کي اڃا به وڌيڪ مڪمل ڪري، سنڌ جي تاريخ جي ڪماحقه خدمت ڪندو” واري بنياد تي لکيو آهي. وڌيڪ فيصلو اوهان دوستن جي هٿ ۾ آهي.
دعويٰ نٿو ڪريان پر ايترو ضرور چوندس ته هي ڪتاب صرف لائبريري يا ڊرائينگ روم ۾ ويهي ناهي لکيو. هن ڪتاب ۾ ان عظيم ماڳ تي لکڻ جي ٿوري گھڻي جسارت ڪئي اٿم، جنهن جو ذڪر ته هر ڪوئي ڪري ٿو پر ان منزل تي اڃان تائين ڪو به ناهي پهتو. باقي رهيل ڳالهين تي به تحقيق ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو جاري رکيو ويندو. اوهان سڄڻن جو ساٿ رهيو ته ٻيا ڪتاب به جلد اوهان جي هٿن ۾ هوندا.
ڪتاب مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ جن جون محنتون ۽ محبتون هن ڪتاب ۾ شامل آهن، انهن جا ٿورا ڪڏهن به لاهي نٿو سگهان. سڀ کان اول بابا سائين جا ڪروڙين ٿورا، جنهن منهنجي هر ممڪنه مدد ڪئي، ساٿ ڏنو، تاريخ لکڻ جو چاهه ڏنو. ايئن سمجهو ته هن ڪتاب جا اسين ٻه مصنف آهيون، هڪ بابا ۽ ٻيو آئون. ڪتاب لکڻ توڙي تاريخ طرف آماده به بابا سائين ڪيو ۽ اِهو بابا سائين ئي هو جنهن ڪتاب جي تياري ۾ منهنجي هر ممڪنه مدد ۽ سهڪار ڪيو. پئسي ڏوڪڙ کان ويندي تاريخ جي ٽوڙي مروڙيل نالن کي سنئون سڌو ڪرڻ، انهن علائقن ۾ گڏجي هلڻ، اتي جي مقامي ماڻهن توڙي تاريخ جي ڄاڻن سان ملاقاتون ۽ تعارف ڪرائڻ سڀ بابا سائين پنهنجي ذمي کنيو. آئون اڄ جيڪو ڪجهه آهيان اهو بابا سائين جي ڪري ئي آهيان. جيڪڏهن بابا سائين ساٿ نه ڏيئي ها ته شايد آئون ايڏي وڏي کوجنا نه ڪري سگھان ها.
ان کان علاوه خاص مهربانيون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جي سمورن دوستن جون، سائين محمد خان مارو خشڪ، سائين عرس اوٺو، سجاد ميمڻ، فقير اڪرم مڱڻهار، سائين آصف قريشي، سائين نواز شاهه ڀاڏائي، صادق لاکو، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، محبوب بروهي، حاجن سولنگي، عزيز ڪينجهرائي، استاد عارب موج، چاچا اوڀايو خشڪ، حميد مهراڻوي ۽ صفدر ٺٽوي جون، جن تاريخ تي لکڻ لاءِ ڀرپور اتسايو. ڪمپوزنگ مون پاڻ ڪئي آهي پر ان سان گڏ منهنجا ڀائر هر هڪ شوڪت علي، لياقت علي ۽ نثار علي به شاملِ حال رهيا ۽ پروف ريڊنگ به ڪري ڏني. جڏهن ته ننڍو ڀاءُ آصف علي گھٽ تعليم هئڻ جي ڪري ڪمپوزنگ ۾ ته گڏ نه هو پر سفر ۾ هر وقت گڏ رهندو هو. تصويرون مون پاڻ وڃي انهن ماڳ مڪانن تي ڪڍيون آهن. ادا نور احمد ڪاتيار (مرڪزي اڳواڻ عوامي تحريڪ) جا لک ٿورا جنهن ڪتاب کي ڇپائڻ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. استاد محترم سائين محمد مارو خشڪ جا به لک ٿورا، جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنو. ان کان علاوءُ استاد محترم عزيز ڪينجهرائي ۽ استاد محترم محمد عارب موج شيدي جا به لک ٿورا ۽ لک قرب، جن ڪتاب تي پنهنجا ٻه اکر لکي ڪتاب کي وڏو مان بخشيو. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جا به لک ٿورا جنهن گهڻي مصروفيت هوندي به ڪتاب تي ٻه اکر لکي ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
جڏهن ته ڀائرن جهڙي پياري دوست رئيس حاڪم الدين جوکيو (پ پ پ اڳواڻ ضلع ٺٽو) ۽ چاچا محمد اسمٰعيل سرڪي (سرڪي آئل شاپ ٺٽو) جو به نهايت احسانمند آهيان جن هر ممڪنه مالي مدد ڪري، ڪتاب جي ڇپائي ممڪن بنائي.
فيصلو اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي. اوهانجي تعميري تنقيد، صلاحن مشورن ۽ حوصلا افزائي جي اکرن جو اوسيئڙو رهندو. ڪتاب پسند اچڻ يا نه اچڻ، ٻنهي صورتن ۾ اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو ۽ احترام ڪيو ويندو.

ٺٽوي ڪاتيار (ذوالفقار علي ڪاتيار)
ڪاتيار هائوس ورڪرز ڪالوني ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري، مڪلي غلام الله روڊ ضلع ٺٽو
موبائل نمبر: 03243094990
thattvikatiar@gmail.com