علامہ آءِ آءِ قاضي

Author Name

سنڌ جي نامياري عالم ۽ اسڪالر علامہ آءِ. آءِ. قاضي مرحوم جو پورو نالو، امداد علي ولد امام علي قاضي هو. سندس وڏا پاٽ ڳوٺ، ضلعي دادوءَ جا هئا. علامہ صاحب جو والد قاضي امام علي سرڪاري ملازمت جي ڪري پاٽ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو، جتي حيدرآباد جي بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي (آءِ آءِ قاضي) 18 اپريل 1886ع ۾ ڄائو. سندس والد قاضي امام علي ڪجهہ عرصي لاءِ دادوءَ ۽ نوشھري فيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامہ آءِ. آءِ قاضيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو. آخوند صاحب علامہ قاضيءَ کي قرآن پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضيءَ ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه آخوند صاحب کيس ”مفتاح الصلواة“ بہ پڙهايو.
علامہ صاحب ارڙهن سالن جي عمر (1904ع) ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگيءَ طور پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾، جيڪو ان وقت لازمي مضمون هو، پھرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ علامہ صاحب علي ڳڙھہ ۾ سر سيد احمد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال کان پوءِ قاضي صاحب علي ڳڙھہ مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين. 1907ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس (اقتصاديات) جي تعليم ورتائين. 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو. علامہ صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مھارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، تنهنڪري لنڊن جي قيام دوران مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ”برائون“ کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ فزڪس ۽ بائيلاجي خانگي طرح پڙهيو. ڊاڪٽر ”آرنولڊ“ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران علامہ صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ 1910ع ۾ ”لنڪنس اِن“ (لنڊن) ۾، ”بار ايٽ لا“ لاءِ داخلا ورتائين. تعليم دوران علامہ صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعرہ هئي. سندن طبيعتون هڪٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. 1910ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ منسلڪ ٿيو. 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس وريو. واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين. ڪجهہ عرصي بعد وري انگلنڊ هليو ويو، جتي پنهنجو مطالعو جاري رکيائين. قاضي صاحب 1919ع ۾ لنڊن مان واپس موٽيو. 1921ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيائين. ڪجهہ عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل 1922ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج مقرر ٿيو.
قاضي صاحب 1924ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جو مقام“ (Place of Ghazal in Oriental Poetry) لکيو. هيءُ مضمون هڪ ادب پارو هو، جنهن کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کيس انگلنڊ جي شاعريءَ واري سوسائٽيءَ (Poetic Society) جو نائب صدر چونڊيو ويو. علامہ صاحب پهريون هندستاني هو، جيڪو هن سوسائٽيءَ جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو. 1926ع ۾ کيس خيرپور رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو، پر ٿوري عرصي اندر ئي علامہ صاحب سرڪاري ملازمت کان بيزار ٿي پيو ۽ اختلافن سبب آگسٽ 1927ع ۾ استعيفيٰ ڏنائين.
1928ع ۾ پاڻ ٻيهر لنڊن هليو ويو، جتي ڪجهہ عرصي لاءِ لنڊن اسڪول آف اوريئنٽل اسٽڊيز ۾ بحيثيت استاد ۽ ممتحن، خدمت سرانجام ڏنائين. 1932ع ۾ شيخ گوما، الازهر کان ۽ لنڊن اسڪول آف ارويئنٽل اسٽڊيز ۾ عربيءَ جي تعليم ورتائين.
لنڊن ۾ 1933ع ڌاري ”جمعيت المسلمين“ جو بنياد رکيائين ۽ کيس جمعيت جو امام مقرر ڪيو ويو. هن جمعيت جو بنيادي مقصد اسلام جي تبليغ ۽ اُتي جي مسلمانن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو. 1933ع ۾ ئي علامہ صاحب پنهنجي اهليه ايلسا قاضيءَ جي تعاون سان ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو آهي: “Adventures of a Brown Girl in Search of God” يعني ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“. اهو ڪتاب دراصل جارج ”برنارڊشا“ جي لکيل ڪتاب “A Black Girl in Search of God” ”خدا جي تلاش ۾ هڪ ڪاري ڇوڪريءَ جي جاکوڙ“ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. 1911ع کان 1942ع تائين قاضي صاحب ڪجهہ وقت سنڌ ۽ ڪجهہ وقت انگلنڊ ۾ رهيو. علامہ صاحب جي ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي.
قيام پاڪستان کان ڪجهہ عرصو اڳ علامہ صاحب انگلنڊ مان موٽي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. ان وقت پاڻ هر جمعي تي جناح هاسٽل جي مسجد ۾ اچي خطبو ڏيندو هو. علامہ صاحب جو خطبو ٻڌڻ لاءِ هر طبقي جا ماڻهو پري پري کان ايندا هئا.
پاڪستان جي قيام کان پوءِ علامہ صاحب ٻنهي علائقن جي انسانن جي غير فطري ۽ جبري لڏ پلاڻ ۽ خونريزيءَ وارن عملن کان بددل ٿي وري لنڊن هليو ويو. پاڻ اڃا انگلنڊ ۾ ئي هو تہ  سندس مداحن ۽ دوستن، خاص طرح سائين جي. ايم. سيد سندس واپس اچڻ لاءِ وڏو زور ڀريو. آخرڪار علامہ صاحب لنڊن کي الوداع ڪري، 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي چارج اچي ورتي، ۽ ان کي اعليٰ تعليمي درسگاھہ بنائڻ ۽ مختلف سائنس ۽ آرٽس جا شعبا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعليمي ماهرن سان لهه وچڙ ۾ آيو تہ  جيئن ٿوري وقت ۾ گهڻي ۾ گهڻا شعبا قائم ٿي سگهن.
علامہ قاضي صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ جو عهدو قبول ڪرڻ کان پوءِ ’يونيورسٽي ورلڊ‘ نالي رسالي ۾ هڪ تبصرو شايع ٿيو تہ  سندس عاليشان انتخاب تي مبارڪباد ٿي ڏجي، جيڪو هڪ بيحد لائق شخص ۽ سنڌ جو عظيم محقق پڻ آهي.
وائيس چانسلر بنجڻ کان پوءِ علامہ صاحب، سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينٽرل لائبريري قائم ڪرڻ ۽ پريس لڳائڻ جي منظوري ڏني. 1952ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ قلم هڪ لڳايو ويو ۽ گورنر راڄ قائم ٿيو تہ  علامہ صاحب گورنر دين محمد کي هڪ زوردار خط لکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ گرانٽ وڌائڻ لاءِ چيو. گورنر دين محمد فوراً سالياني گرانٽ هڪ لک مان وڌائي پنج لک رپيا ڪئي.
انهيءَ دوران علامہ قاضي صاحب حڪومت کان نئين ڪئمپس لاءِ ڄامشوري ۾ زمين وٺي، جرمنيءَ مان آرڪيٽيڪٽ گهرائي، سڀ کان پهريائين فزڪس ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ۽ ان کان پوءِ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ٺهرائي تہ  جيئن سنڌ جا نوجوان سائنس جي ميدان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ائين چئي سگهجي ٿو تہ  هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجوده ڪيمپس جو باني هو.
اها علامہ قاضي صاحب جي مقناطيسي شخصيت هئي ۽ سندن اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو هو، جو سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي عظيم علمي درسگاهه بڻي. نہ   صرف ايترو، پر علامہ صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ چونڊي چونڊي علم جا گوهر گڏ ڪيا ۽ يونيورسٽيءَ جي ساک ايڏي وڌائي، جو هن يونيورسٽيءَ مان ڊگريون حاصل ڪندڙ فخر محسوس ڪرڻ لڳا.
علامہ صاحب پورا 9 سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي لوث خدمت ڪئي، پر جنهن مهل محسوس ڪيائين تہ  مارشل لا جي غيرجمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابہ اهميت نہ  رهي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ خلاف سرڪاري سازشون شروع ٿي ويون آهن تہ  هڪدم وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏئي گوشہ نشين ٿي ويو. گوشہ نشينيءَ جو اهو مقصد نہ  هو تہ  دنيا کان لاتعلق ٿي رهبانيت واري زندگي گذاري، پر گوشہ نشينيءَ واري دور ۾ بہ هن پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو. ان ئي زماني ۾ هن حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحہ جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاھہ  جو رسالو ترتيب ڏنو. لطيف سائينءَ جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ۽ سندن گهر واري مدر ايلسا قاضيءَ گڏجي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو.
علامہ صاحب نوجوانن جي تربيت ۽ تعليم لاءِ ڏاڍو فڪرمند هو. پاڻ چاهيائين ٿي تہ  سندس علم ۽ فلسفي مان، جنهن جو بنياد اسلام جي آفاقي پيغام تي رکيل هو، نئون نسل مستفيض ٿئي ۽ سندس ٻاريل جوت کانئس پوءِ بہ چمڪندي رهي.
علامہ صاحب ويهين صديءَ جو عظيم مفڪر ۽ وڏو قرآن شناس هو، جنهن کي هن ڌرتيءَ جنم ڏنو. علامہ صاحب جي باري ۾ مستند راءِ آهي تہ  ڀٽائي گهوٽ رحہ کان پوءِ علمي طرح جن صاحبن سنڌ جي ماڻهن جي ذهني ۽ فڪري خدمت ڪئي، انهن ۾ علامہ قاضيءَ جي شخصيت نمايان آهي.لامہ صاحب نہ   صرف دانشور ۽ مفڪر هو، پر عظيم مبلغ ۽ مصلح پڻ هو. هو پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. کيس يوناني توڙي هندي فڪر ۽ فلسفي سان گڏوگڏ جديد يورپ جي سائنسي ۽ سماجي علمن جي بہ ڄاڻ هئي.ندس پيغام جو محور نوجوان نسل هو ۽ پاڻ چاهيائين ٿي تہ  اسلام جي تبليغ ٿئي ۽ اهڙا نوجوان پيدا ٿين، جيڪي نئين ملڪ جون واڳون سنڀالين ۽ سنڌ، جيڪا باب الاسلام آهي، تنهن جو نالو روشن ڪن. پاڻ جن اعليٰ انسانن کي متاثر ڪيائين، انهن ۾ اي. ڪي بروهي، قاضي فيض محمد، سائين جي. ايم سيد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر نظام الدين هاليپوٽو، پروفيسر حيدر علي لغاري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪئي، سندس مزار سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي علامہ آءِ آءِ قاضي جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


علامہ آءِ آءِ قاضي جا ڪتاب

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ استعمال ٿيل ڏکين لفظن جي معنى، ليکڪ : علامہ آءِ آءِ قاضي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ استعمال ٿيل ڏکين لفظن جي معنى
ليکڪ : علامہ آءِ آءِ قاضي
ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾، ليکڪ : علامہ آءِ آءِ قاضي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾
ليکڪ : علامہ آءِ آءِ قاضي
شاھ جو رسالو (مرتب: علامہ آءِ آءِ قاضي)، مُرتب : علامہ آءِ آءِ قاضي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاھ جو رسالو (مرتب: علامہ آءِ آءِ قاضي)
مُرتب : علامہ آءِ آءِ قاضي
شاھہ عبداللطيف دنيا جو بي مثال شاعر، مصنف : علامہ آءِ آءِ قاضي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاھہ عبداللطيف دنيا جو بي مثال شاعر
مصنف : علامہ آءِ آءِ قاضي
2025 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ