بيدل مسرور

Author Name

سنڌ جي نامياري فنڪار، موسيقار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، مترجم ۽ نقاد، بيدل مسرور بدويءَ جو اصل نالو بيدل بخش مسرور آهي. هن 11 جولاءِ 1947ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو، تعليم ايم. اي سنڌي اٿس. هن ايم. اي سنڌيءَ ۾ ”شڪارپور جي لئبريرين ۾ رکيل ڪتابن جو ڪيٽلاگ عنوان“ سان مونوگراف لکيو، بيدل مسرور جو ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن سان واسطو رهيو آهي ۽ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان سينيئر پروڊيوسر طور رٽائر ڪيو اٿس. هن ميوزڪ ۽ ڊرامن جي پروگرامن تي چار عدد گولڊ ميڊل ۽ پي ٽي وي اوارڊ حاصل ڪيا آهن. سنڌي موسيقيءَ کي جدت ڏيڻ ۾ هن جون تمام وڏيون خدمتون آهن. خاص ڪري شيخ اياز، امداد حسيني، استاد بخاريءَ ۽ ٻين وڏن شاعرن جي شاعريءَ کي هن نون سرن ۽ پنهنجي ڪمپوزيشن ۾ ڳائي سنڌ ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي. سندس تصنيفن ۾:
 راڻي (ناوليٽ: 1971ع)،
ڀوڳنا جو سفر (ڪهاڻيون 1988ع)
چاهتن جي ٽِواٽي تي ۽ آءِ لو يو (ٻه جاڙا ناول: 1999ع)
سپنن جو سنسار (ترجمو: 2007ع) ۽ بيدل نامو شامل آهن.

سندس تاليف ڪيل ڪتابن ۾ ’ڪليات مسرور‘ ڀاڱو پهريون (2007ع)، ’هير رانجهو‘ (فقير غلام علي مسرور جي مثنوي) شامل آهن. 


تحقيق، تاليف ۽ ترجما:

بيدل نامو (سرڪار بيدل سائينءَ متعلق فقير مسرور جو چيل ڪلام) فيبروري 2000ع
ڪليات مسرور (حصو پهريون) مسرور پبليڪيشن ڪراچي، مارچ، 2000ع.
فوائدالمعنوي، (سرڪار بيدل سائينءَ جي تصنيف فقير مسرور جو ڪيل ترجمو، مسرور پبليڪيشن ڪراچي، 2001ع
پريم ساگر (فقير مسرور جو اردو ڪلام) مسرور پبليڪيشن ڪراچي جولاءِ 2005ع. 
سپنن جو سنسار (ڪتابي صورت ۾) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، اپريل 2007ع.
ڪليات مسرور (حصو ٻيو) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2010ع.
سپنن جو سنسار: ايمل گوٿيئل جي انگريزي ڪتاب جو سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع
مثنوي هير رانجهو (فقير مسرور جي لکيل مثنوي) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، جنوري 2007ع
رانول رمزن وارو (بيدل سائينءَ متعلق لکيل مقالن جو مجموعو)، بيدل يادگار ڪاميٽي روهڙي، آڪٽوبر 2011ع.
شهيد حق (اردو، سچل سرمست جي فارسي ڪلام ۾ حضرت حسين بن منصور جو ذڪر) سچل چيئر، شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ڊسمبر 2011ع.
چيڪلو (ڪرشن چندر جو ناول) نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي نومبر 2013ع.
پيار جو ٽڪنڊو (سهوڳي ناول) هند جي نَون ليکڪن جو سهڪاري ناول، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي اپريل 2014ع. 
پيار جو گيت (ڪرشن چندر جو ناول: ايڪ وائلن سمندر ڪناري) نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي نومبر 2015ع.
قيامت نامو (فقير مسرور جو ڪيل شاه رفيع الدين جي ڪتاب جو ترجمو) ڊسمبر 2015ع
راڳ جي شرعي حيثيت: (فقير مسرور جو ڪيل، امام غزالي جي ڪتاب احياءُالعلوم جو ترجمو)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، فيبروري 2016ع
سلطاني سهاڳ (فقير مسرور جا طبعزاد ۽ ترجما) مسرور پبليڪيشن ڪراچي، جون 2016ع
مسدس مسرور عرف هيرن جو هار،، تصنيف: فقير غلام علي مسرور، مسرور پبليڪيشن ڪراچي سنڌ، آڪٽوبر 2019ع.
تون ئي منهنجو محور آن (بينا مسرور جي شاعريءَ جو مجموعو) مسرور پبليڪيشن ۽ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي سنڌ 2020ع.
ڪلام واليڏني فقير جو (فقير مسرور جو گڏ ڪيل واليڏني فقير جو ڪلام) مسرور پبليڪيشن ڪراچي (اشاعت هيٺ).

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي بيدل مسرور جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


بيدل مسرور جا ڪتاب

محبت به قيامت به، سنڌيڪار : بيدل مسرور

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
محبت به قيامت به
سنڌيڪار : بيدل مسرور
چيڪلو، سنڌيڪار : بيدل مسرور

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
چيڪلو
سنڌيڪار : بيدل مسرور
پيار جو ٽڪنڊو، سھيڙيندڙ : بيدل مسرور

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پيار جو ٽڪنڊو
سھيڙيندڙ : بيدل مسرور
قلوپطره، سنڌيڪار : بيدل مسرور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
قلوپطره
سنڌيڪار : بيدل مسرور
ڪليات مسرور (حصو پھريون)، سنڌيڪار : بيدل مسرور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪليات مسرور (حصو پھريون)
سنڌيڪار : بيدل مسرور
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ