ڪليات مسرور (حصو پھريون)
نامياري صوفي شاعر فقير غلام علي مسرور بدوي جي سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام تي مشتمل ڪتاب ”ڪليات مسرور“ جي تحقيق ۽ ترتيب بيدل مسرور بدويءَ ڪئي آھي. ”غلام علي مسرور فقير“، بيدل ۽ بيڪس کانپوءِ جو ھڪ وڏو صوفي شاعري ٿي گذريو آھي. سندس ڪلام محبت ۽ دلي سڪون جو انمول خزانو آھي. ھن مجموعي ۾ سندس صرف سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام شامل ڪيو ويو آھي.