رئوف نظاماڻي

Author Name

سنڌ جي مشهور اديب، نقاد، مترجم ۽ سماجي معاشي تجزيي نگار رئوف نظاماڻيءَ جو پورو نالو عـبـدالـرئـوف نظاماڻي آهي. هن 2 جولاءِ 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڏيپچند ٽي. آهوجا اسڪول مان ۽ مئٽرڪ حاجي عبدالله هارون سيڪنڊري اسڪول کڏي، ڪراچيءَ مان 1971ع ۾ پاس ڪيائين. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (هانرس) سان گڏ ايم. اي (اڪنامڪس: 1976ع) ڪئي. 18 سيپٽمبر 1979ع کان اسٽيٽ بئنڪ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ هن وقت گريڊ پنجين ۾ سينيئر جوائنٽ ڊائريڪٽر آهي. رئوف نظاماڻي مئٽرڪ کانپوءِ ادبي ميدان ۾ آيو. هن تنقيد، تحقيق ۽ ترجمي ۾ پاڻ مڃايو آهي. سندس 200 کان مٿي سنڌيءَ ۾ ادبي، تنقيدي، سماجي ۽ معاشي مضمون ڇپجي چڪا آهن. هيترائي مضمون سندس انگريزيءَ ۾ توڙي اردوءَ ۾ به ڇپجي چڪا آهن. هن مختلف اخبارن ۾ هڪ وڏي وقت کان وٺي ڪالم لکيا آهن. سندس تحرير جا موضوع ادب، ثقافت، سماج، معاشيات ۽ سياست رهيا آهن. رئوف نظاماڻيءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: (1) فلسطين ۽ سامراج (1981)، (2) مصر: جدوجهد جي آخري مرحلي ۾، (3) ٽين دنيا ۽ فوجي آمريتون (ترجمو)، (4) گوڏن ڀر نه جهڪنداسين (ترجمو)، (5) سامراج ۽ عوام (فيڊرل ڪاستروءَ جي تقرير جو ترجمو)، (6) سرد جنگ جا 50 سال (گرميڪو جون يادگيريون: ترجمو)، (7) جديد سنڌي ڪهاڻي (تنقيد: 2003ع)، (8) ڊاڪٽر زواگو (بورس پيسٽرنڪ جي ناول جو ترجمو: هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رئوف نظاماڻي جا ڪُل 10 ڪِتاب موجود آھن


رئوف نظاماڻي جا ڪتاب

گل گل هٻڪار، ليکڪ : رئوف نظاماڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
گل گل هٻڪار
ليکڪ : رئوف نظاماڻي
گوڏن ڀر نه جهڪنداسين، سنڌيڪار : رئوف نظاماڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
گوڏن ڀر نه جهڪنداسين
سنڌيڪار : رئوف نظاماڻي
جديد سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ : رئوف نظاماڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جديد سنڌي ڪهاڻي
ليکڪ : رئوف نظاماڻي
فلسطين ۽ سامراج، مصنف : رئوف نظاماڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
فلسطين ۽ سامراج
مصنف : رئوف نظاماڻي
زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون، ليکڪ : رئوف نظاماڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون
ليکڪ : رئوف نظاماڻي
ڳالھيون ڪتابن سنديون، مصنف : رئوف نظاماڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڳالھيون ڪتابن سنديون
مصنف : رئوف نظاماڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ