ڀوَن سنڌي

Author Name

سنڌي ٻولي جو ليکڪ ڀوَن سنڌي، اصل نالو ڀونداس پُٽ جئرامداس، ذات لوھاڻو، 11 جنوري 1954ع ۾ ٽنڊي باگي شھر ۾ ڄائو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم مير غلام محمد خان ٽالپر گورنمنٽ ھائي اسڪول  ٽنڊي باگو، انٽر سائنس، مسلم ڪاليج حيدرآباد، ايم.ايس.سي (ڪيميسٽري)، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو،  ايم.اي (اقتصاديات)، سچل ڪاليج حيدرآباد ۽ ايل.ايل.بي جو امتحان، سنڌ لاڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. ڀوَن سنڌي ڪجھ عرصو وڪالت جي پيشي سان  منسلڪ رھڻ کان پوء 1981 ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ بطور ليڪچرر ڀرتي ٿيو.  اسلاميہ سائنس ڪاليج ڪراچي، گونمينٽ ڪاليج سجاول، بدين، قاسم آباد ۽ آخر ۾ گونمنٽ ڪاليج ڪوٽڙي مان 2014 ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيو. نوڪري دوران ھن نصابي ذميوارين سان گڏوگڏ، شاگردن جي ذھني اوسر لاءِ غير نصابي سرگرميون پڻ ڪرايون، جھڙوڪ، تحريري ۽ تقريري مقابلا، وئرائٽي (ٽئلينٽ) شو، پڪنڪ ۽ ٽوئر وغيرہ. ساڳئي وقت نوڪري دوران اُستادن جي مسئلن لاءِ جوڙيل تنظيم سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ائسوسيئيشن جي ھلايل جدوجھد ۾ ھو مئي 1994 ۾ جيل ياترا بہ ڪري آيو. ڀوَن سنڌي ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ تقريرن ڪرڻ کان علاوہ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو، سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن شاخ ٽنڊوباگو، سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ائسوسيئيشن جو سرگرم عھديدار ۽ اولڊ بوائز ائسوسيئيشن ٽنڊوباگو جو باني ميمبر ۽ صدر پڻ رھيو آھي. نوڪري تان رٽائرمينٽ کان پوءِ ھن وقت ھو وڪالت جي پيشي سان واڳيل آھي. ڀوَن سنڌي شاعري ڪھاڻين، مضمونن، تاثرن، خطن،خاڪن ۽ ڏيھي توڙي پرڏيھي سفرنامن وغيرہ کان علاوہ پرڏيھي ٻولين جي ڪھاڻين جا ترجما پڻ ڪيا آھن، جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبا رھيا آھن. ھن وقت تائين ڀوَن سنڌي جا ھيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آھن.

  • 1. درد بڻيو دلرُبا (پرڏيھي ڪھاڻيون) ڇپيو نئون نياپو اڪيڊمي 2015. ھن ڪتاب کي سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران سال 2015 جو بھترين ترجمي جو ڪتاب قرار ڏنو ويو.)
  • 2. گوري گهاگهر ۽ گوندر (پرڏيھي ڪھاڻيون) پھريون ڇاپو نئون نياپو پبليڪيشن 1985، ٻيون ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي 2015
  • 3. محبت ماريا ماڻھو (پرڏيھي ڪھاڻيون) ڇپيو نئون نياپو اڪيڊمي 2016
  • 4. ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص (پرڏيھي ڪھاڻيون) ڇپيو نئون نياپو اڪيڊمي 2015
  • 5. سندري، سپنا ۽ صليب (شاعري) ڇپيو جوڀن پبليڪيشن 1986
  • 6. پراڻو قرض (پرڏيھي ڪھاڻيون) ڇپيو نئون نياپو اڪيڊمي 2019
  • 7. اُگھاڙپ جو فلسفو (پرڏيھي ڪھاڻيون) ڇپيو نئون نياپو اڪيڊمي 2019
  • 8. ڌرتيءَ جا چنڊ (مضمون/مقالا) ڇپيو نئون نياپو اڪيڊمي 2019
  • 9. ھھڙا مانجھي مرڻا ناھن (مير غلام محمد خان ٽالپر تي ترتيب ڏنل مخزن 1976)
  • 10. باراڻ (گونمنٽ ڪاليج ڪوٽڙي لاء 2013 ۾ ترتيب ڏنل مخزن)
  • 11. برھم پترا (انيل گاف سان گڏ ترجمو ڪيل ناوليٽ 1981)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڀوَن سنڌي جا ڪُل 8 ڪِتاب موجود آھن


ڀوَن سنڌي جا ڪتاب

درد بڻيو دلربا، سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
درد بڻيو دلربا
سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي
گوري گهاگهر ۽ گوندر، سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
گوري گهاگهر ۽ گوندر
سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي
محبت ماريا ماڻهو، ليکڪ : ڀوَن سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
محبت ماريا ماڻهو
ليکڪ : ڀوَن سنڌي
ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص، ليکڪ : ڀوَن سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص
ليکڪ : ڀوَن سنڌي
اگهاڙپ جو فلسفو، سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اگهاڙپ جو فلسفو
سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي
پراڻو قرض، سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پراڻو قرض
سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ