گوري گهاگهر ۽ گوندر, سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي

گوري گهاگهر ۽ گوندر

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : گوري گهاگهر ۽ گوندر
سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي
ڪيٽيگري : ڪهاڻيون
ڇپيندڙ : نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
شايع ٿيڻ جو سال : 2015
شامل ڪيو ويو : 2018-03-10
ڏِٺو ويو : 2256 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 755 ڀيرا
هي ڪتاب 15 پرڏيهي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ترجميڪار ناميارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڀون سنڌي آهي. هو لکي ٿو:
”ترجمو تخليقي ادب ۾ اچي ٿو يا نه. ان بحث ۾ آءٌ پوڻ نه ٿو چاهيان. پر مان ڄاڻان ٿو ته ترجمو ڪرڻ لاءِ ڪهڙين ڀوڳنائن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. سڀ کان پهرين ڪهاڻين جي چونڊ، جنهن لاءِ انيڪ ڪهاڻيون پڙهڻيون پون ٿيون پوءِ اُنهن مان پنهنجي ماحول، حالتن ۽ مزاج سان ٺهڪي ايندڙ ڪهاڻين جي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي. اُن کان پوءِ ترجمي ڪرڻ مهل اهو به خيال رکڻو پوي ٿو ته جنهن ماحول مان اها ڪهاڻي کنئي وئي آهي اُن سان نا انصافي نه ٿئي ۽ ساڳئي وقت اُن کي پنهنجي ماحول ۾ اهڙي ريت سموئجي جيئن اوپرائپ جو احساس به نه ٿئي. هر ٻولي جي پنهنجي سونهن آهي ۽ اُن جي محاورن جي پنهنجي بيهڪ آهي، ترجمي ۾ خاص طور تي ٻولي ۽ محاورن جي بيهڪ کي پنهنجو روپ ڏيڻ جبل چوٽي سر ڪرڻ کان گهٽ ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته محسوس ٿيندو آهي ته ترجمو ڪرڻ پنهنجي تخليقي پورهئي کان به وڌيڪ ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڪهاڻيون مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ