رتن جوت جا گل
ڪئگوبردا جبل جي چوٽي سڄو سال ڪڪرن ۾ ڍڪيل رهي. قلعي کي ڏسندي ائين لڳو ٿي ته ڄڻ، سفيد ديوارن ۾ ڪارا ڪارا اوچا منارا کتل هجن. پري کان ائين محسوس ٿيو ٿي ته ڄڻ، محافظ ڪوٽ جي ڀتين تي پهرو ڏيئي رهيا هجن ۽ قلعي جي لوهي دروازن کي تالا لڳل هجن. ڪيڏي مهل لڳو ٿي ته ڪنهن اجنبي شخص کي، جبل تي چڙهندي اوچتو ڏسي وٺڻ تي، محافظ حرڪت ۾ اچي ويا هجن.
پر جڏهن هوا ڪڪرن کي ڇڙوڇڙ ڪريو ڇڏيو ۽ مٽيءَ جا ذرڙا هوا ۾ ضم ٿيو وڃن، ته سڀ کان پهرين منارن جون چوٽيون ظاهر ٿين ٿيون ۽ پوءِ قلعي جون ديوارون، جيڪي اڌ ڌرتيءَ ۾ کتل آهن. نه هتي ڪي لوهي دروازا لڳل آهن، ۽ نه ئي ڪي محافظ پهرو ڏيئي رهيا آهن.
ماٺ ڪئگوبردا جي کنڊرات تي حڪمراني ڪري ٿي. فقط سرڪش باسوط جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو توب خاني مان ٿيندو سنگ مرمر جي ڀتين سان ٽڪرائيندو اڳتي نڪري وڃي ٿو. جتي هزارين بگهڙ پاڻيءَ جي جهرڻن ڀرسان رڙيون ڪندي ۽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل لوهي پٽن کي چڪ هڻندي نظر اچن ٿا.
شڪرن ۽ ڳجهين قلعي جي ڀتين ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهيا آهن. پهرين هنن ڦڙ ڦڙ ڪندي پير کنيا ۽ پوءِ، گوڙ ۽ شور ڪندا کنڊراتن مٿان گولائيءَ ۾ اڏامڻ لڳا. اڃان ٿوري دير ئي نه گذري، جو جابلو سرڻ به، ساڻن شامل ٿي ويئي. هن جي چهنب تلوار جهڙي، چنبا ڀالي جيان نوڪدار ۽ پک ڪوٽ جي زرهه جهڙا آهن.
ڪئگوبردا تي جيڪو سڀ کان وڌيڪ قداور گل پيدا ٿئي ٿو، اهو رتن جوت آهي. خون جيان لال، سندس ڏانڊي اهڙي جهڙا تتر جا پير. گل کنڊرن ۾ پنهنجي مست جوڀن سان کِڙي ٿو. جڏهن بادل، اداس ۽ ويران قلعي جي ديوارن مٿان، اچي بيهن ٿا. تڏهن ڏانڊي هيٺ نمي ٿي ته جيئن گل پنهنجو مٿو پهاڙ تي ليٽائي سگهي. پوپٽ گل جي گود ۾ ويهندي، گل کي هندوري جيان محسوس ڪري ٿو ۽ دنيا کيس ڪرمچي جي گل جيان تازي تواني، سندر ۽ خوشبوءَ سان واسيل ڀاسي ٿي.
پريان هيٺ باسوط جي سامهون، توبخاني جي ڀرسان ڪافي ڪمرا آهن. صبح جي وقت ۾ ڇت جي ننڍڙن گول سوراخن مان، دونهان اٿن ٿا جيڪي آسمان سان ملي ڪڪرن ۾ گم ٿي وڃن ٿا. ٻنپهرن جي سخت گرميءَ ۾، ڪڪڙ ڪڪڙوڪو ڪري ٿو ۽ ڪو جهور پوڙهو پنهنجي گهر جي ڇانو ۾، اوٻاسيون ڏيندي ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ۽ واقعن کي گڏ ڪرڻ لاءِ واريءَ ۾ اڱرين سان ليڪا ڪڍي ٿو.
ڪيترا نسل هتي پنهنجون حياتيون گهاري ويا هوندا؟! ڪيترن ماڻهن جا، هتي پير پٿون ۽ لٽا ليڙون ٿيا هوندا؟! ڪيترن هتي جي ڪکن پنن ۽ ڪاٺ کي اجهي طور استعمال ڪيو هوندو؟! بهار جي مند ۾، جڏهن رتن جوت ڪئگوبردا جي لاهين تي، پنهنجي ڦوهه جوانيءَ سان ڦولاربا هوندا، تڏهن ڪيترا ڌراڙ، ڌڻ چارڻ جبلن تي ويا هوندا ۽ واپسيءَ ۾ پنهنجن پلاندن ۾ پنر ڀريو هوندن ۽ سياري ۾ ان کي ٻاجهر جي مانيءَ سان کاڌو هوندن؟
هڪ تتيءَ ويل جو ٽي گهوڙي سوار، ڪئگوبردا جي جبل تي پهتا. ٽن مان ٻن جي لباس ۽ گهوڙن تي چڙهڻ جي انداز مان لڳو ٿي ته، هو ڪنهن شهر جا رهاڪو هئا، ۽ انهن هن کان اڳ، قلعو ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
ٽيون ماڻهو انهن جو سونهون هو. ٻيئي ماڻهو، گهوڙي جي هني کي سوگهو جهلي ويٺا هئا. جڏهن ته ٽيون ماڻهو، گهوڙي تي لڏي لمي رهيو هو ۽ گيت جهونگاري رهيو هو. هڪ اداس ۽ اٻاڻڪو گيت! سندس گيت ۾، ويران توبخاني جهڙي نراسائي ۽ اُڀي ٽڪري ۽ ڏور اڏيل ڳوٺ تي ڇانيل مايوسيءَ جو ذڪر هو.
قلعو ڪڪرن ۾ ائين ڍڪيل نظر اچي رهيو هو، جيئن ڪا عورت، برقعي ۾ نظر ايندي آهي. ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪڪرن پردي جيان رسڪي، قلعي جي ديوارن ۽ چوٽين کي ظاهر ڪيو ٿي ۽ وري ڍڪي ٿي ڇڏيو. پهريون گهوڙيسوار، پنهنجين نظرن کي ديوار مان پار ڪري، نٿي ڏسي سگهيو. هن جي ذهن جي پردي تي، قلعي سان لاڳاپيل ڏند ڪٿائون گهمڻ لڳيون: جڏهن هتي شهزادا راڄ ڪندا هئا ۽ جڏهن هٿيارن سان سٿيل گهوڙا، لوهي دروازي جو ٻاهريون رستو لتاڙيندا هئا ۽ ويڙهاڪ سپاهي پنهنجون تلوارون گهمائيندا، جنگ جي ميدان مان موٽندا هئا. اهي سڀ آکاڻيون وقت سان گڏ، تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ٿي ويون هيون. اهي هڪ آثار قديمه جي ماهر جون اکيون هيون. هو هاڻ ڏسي سگهيو ٿي، اهي جوڌا ۽ انهن جي شان ۾ ڳائيندڙ شاعر. انهن جا تيز وهندڙ قلم ۽ اُنهن مان نڪرندڙ چڀندڙ اکر. هاڻ هو ٻڌي سگهيو ٿي، جنگي گهوڙن جي سنبن جا آواز. هن کي اڀي ٽڪريءَ تي چڙهڻ ۾ ڪيڏي نه تڪليف ٿي رهي هئي. جڏهن ته پراڻي نسل جا ماڻهو جابلو ٻڪري جيان، آسانيءَ سان جبل جون چاڙهيون چڙهي سگهيا ٿي.
هو نيٺ اچي ڳوٺ پهتا. پهريون گهوڙي سوار، قديم رستي تي هلڻ لڳو. هن کي ڪو به ٻار ڌوڙ ۾ ڪڏندي نظر نه آيو. ۽ نه ئي ڪو ٻاڪرو ڌڻ هن ڏانهن حيرت ڀرين نظرن سان نهاريندي سندس ڀرسان گذريو.
ٻيو گهوڙي سوار جنهن کي ڏسندي لڳو ٿي ته هو ڪئگوبردا جي چوٽيءَ تي ماضيءَ ۾ آيل وهڪرن جي ڳولا لاءِ ڪو نه آيو هو. هن جي ڪل پونجي هڪ ڊرائينگ پيڊ ۽ پينسل هئي. جيئن ئي هن کي ڪو چهرو، يا ساوڪ سان سٿيل پهاڙي ڏيکائي ٿي ڏني هن ان کي پينسل جي ذريعي ڊرائينگ پيڊ تي منتقل ڪيو ٿي.
هو جڏهن پهرئين گهر جي ويجهو پهتا، ته ڪيترائي ڪتا، انهن تي الرون ڪندا آيا. ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌي، ڪيترائي ماڻهو ڏيڍيءَ مان ليئو پائي انهن کي ڏسڻ لڳا.
ٻارڙا جيڪي مٽيءَ ۾ کيڏي رهيا هئا، گهوڙن جي پويان ڪتن کي ڀونڪندي ڏٺو. سونهين ڪتن کي چهبڪ سان اُلرون ڪندي، ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اجائي ويئي. ڪتن قلعي جي ديوار تائين سندن پيڇو ڪيو ۽ ان کان پوءِ هو پوئتي مڙيا ۽ ڀڄي ويا.
قلعي جي پٿرن ۾، ڄڻ ته ساهه پئجي ويو هو. هو آثار قديمه جي ماهر سان ڳالهائڻ لڳا، هو هڪ هڪ پٿر جي ويجهو ويو، انهن کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، انهن جو اڀياس ڪرڻ لڳو. هو پير جي آڱر سان زمين کوٽي، ان مان ظاهر ٿيندڙ پٿرن کي چتائي ڏسڻ لڳو. آخر ۾ هو ديوار تي چڙهي ويو ۽ مناري جي ننڍڙي سوراخ وٽ اک رکي، اندر جانچڻ لڳو. هو ديوار ۾ پيل ڏارن کي نوٽ بڪ ۾ درج ڪندي، ڏاڍيان رڙيون ڪندي ڳالهائڻ لڳو.
سونهون گهوڙي کي ٻڌي، ديوار کي ٽيڪ ڏيئي سگريٽ پي رهيو هو. هو زوردار رڙين تي، پيرن ڀر اٿي بيهي رهيو. هن سوچيو ته، شايد شيش محل ۾ موجود ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگي وڌو آهي.
فنڪار ديوار ۾ پيل ڏارن جو ۽ نوڪدار مناري جو خاڪو ٺاهي رهيو هو. جڏهن هن قلعي جو گيٽ ٺاهي ورتو ته هن جي پينسل هوا ۾ ئي ساڪن رهجي ويئي. هن جي پيرن جي آواز تي ڳجهه آکيري مان اُڏري مناري مٿان لامارا ڏيڻ لڳي. ٻيون ڳجهيون به کنڀ ڦڙڪائينديون اڏامڻ لڳيون.
گهوڙا ڊپ وگهي، هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي ويا. جڏهن آثار قديمه جي ماهر، رڙيون ڪري اعلان ڪيو ته هن شهزادي باقر جو، دفن ٿيل تاج ڳولهي لڌو آهي ته فنڪار کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته، هو ڇا بابت ڳالهائي رهيو هو. هو اصل ۾، اڏامندڙ ڳجهين جي زوردار ڦڙ ڦڙ جو، پيڇو ڪري رهيو هو. ۽ هنن جي رت جهڙين ڳاڙهين چهنبن کي چتائي ڏسي رهيو هو. هن کي سندن گهيري ۾ چڪر ڪاٽڻ، ڪنهن به معجزي کان گهٽ نه لڳو. هن کي خيال ئي نه رهيو ته ڪيڏي مهل هن جو ٽوپلو هن جي مٿي تان اڏامي، هن جي هيٺان جبل جي چوٽيءَ تي وڃي ڪريو.
هڪ پوڙهو ڳوٺاڻو، جنهن جي ور ۾ ڏانٽو ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌل هو، جبل جي چاڙهي چڙهي سونهين جي ويجهو آيو. هن اجنبي گهوڙي سوارن کي، جبل ۾ لڳل شيشي مان ڏٺو هو. جڏهن ڳوٺاڻي سونهين کان، انهن اجنبي گهوڙي سوارن بابت پڇيو ۽ معلوم ڪرڻ چاهيو ته، هو ڇو پراڻن کنڊرن ۾ گهمي رهيا آهن، ته هو ڪو به تسلي بخش جواب ڏئي نه سگهيو ۽ پوءِ ڳوٺاڻي خود ئي چيو ته ڪئگوبردا جي اوتانهين چوٽين تي، ڪنهن نامعلوم هنڌ تي سونن سڪن سان ڀريل هڪ دلو دفن ٿيل آهي.
ڳوٺاڻو ڪجهه دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ، هو مڙيو ۽ واپس چاڙهيون لهي، توبخاني جي طرف ٻاجهر جي کيت طرف هلڻ لڳو. هو هلندي هلندي، پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو: ’ڪيڏو نه ڀلو ٿئي جي قلعي ۾ دفن ٿيل خزانو هٿ چڙهي وڃي، ڪاش مون کي دفن ٿيل خزاني جي سڌ هجي ها! ته ڪر مان ان مان کوڙ ڍڳيون خريد ڪريان ها....‘ اهي پور پچائيندو هو اچي کيت ۾ پهتو. پنهنجي واسڪوٽي لاهي، اجاين خيالن کي پاسي ڪري، فصل لُڻڻ لڳي ويو.
رتن جوت کنڊرن ۾ جهولي رهيو هو. پر آثار قديمه جي ماهر، ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي سندس ڌيان رتن جوت يا جبل تي وڇايل سائو گاهه، ڇڪائي سگهيو. سڀ ڪجهه سندس پيرن هيٺان اچي چيپاٽجي ٿي ويو.
هن جي اڳيان دنيا، هڪ وڏو عجائب گهر هئي جنهن ۾ ڪابه ساهه واري شيءِ، موجود ڪانه هئي. هن عشق پيچ جي هڪ وڏي جهڳٽي مان، جيڪو جبل کي ڀاڪر ۾ وراڪيو بيٺو هو، هڪ گل پٽيو. هن رتن جوت جو گل، جيڪو جبل جي ڦار ۾ لڏي رهيو هو پٽيو. هن پٿرن تي پيار مان هٿ گهمايو ۽ انهن تان مٽي هٽائي، جيڪا انهن تي اڪريل عبارتن کي کائي رهي هئي. فنڪار اهو سڀ ڪجهه، جنهن ۾ آثار قديمه جي ماهر جي دلچسپي هئي اسڪيچ ڪيو. هن کنڊرن کي، ڊرائينگ پيڊ تي لاٿو جبل ۾ آکيرو اڏيندڙ عقاب ۽ ديوارن جي پاڙ ۾ لڏندڙ ۽ جهومندڙ رتن جوت جي گلن کي، هن پنهنجي ڪلا ۾ محفوظ ڪيو.
*
هو منجهند جو قلعي کان روانا ٿيا. رواني ٿيڻ کان اڳ، آثار قديمه جي ماهر کنڊرن جي چؤگرد هڪ ڀيرو وري چڪر هنيو ۽ پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ تيز وک کڻڻ لڳو، ته جيئن هو پنهنجي ساٿيءَ کي رسي سگهي.
هن ڀيري سونهون کين ڪافي پري وٺي ويو. جيڪڏهن آثار قديمه جو ماهر، شهزادي باقر ۽ ماضيءَ جي واقعن بابت سوچي رهيو هو، ۽ جيڪڏهن فنڪار جي ذهن ۾، سدابهار رتن جوت ۽ باسوط جا وهندڙ آبشار ڦري رهيا هئا، ته سونهون وري کيرڻي، سڻڀي ماني ۽ پنير بابت خواب لهي رهيو هو.
هنن پهرئين گهر وٽ گهوڙا ڇوڙيا ۽ انهن کي ٻڌي، سوڙهي دروازي کان گهر ۾ داخل ٿيا. بکايل گهوڙن اُتاولائپ مان پنهنجا ٻوٿ گاهه ۾ هڻي ڇڏيا.
گهر جي اندر، دروازي لڳ ٺهيل چلهه جي ڀرسان هڪ ٻارڙو ويٺو هو. هو گرم گرم رک تي، کنڀيون پچائي رهيو هو. جيئن ئي هن اجنبي ماڻهو ڏٺا ته ڇرڪي ويو. هو اهو فيصلو ڪري نه سگهيو ته آيا هو کنڀيون ٻرندڙ باهه ۾ڇڏي وڃي، يا انهن کي ڪڍي کڻي وڃي. ماءُ جي پيرن جي ٺپ ٺپ تي، هن جو ڪجهه حوصلو وڌيو. هن پڪل کنڀيون چلهه مان ڪڍيون ۽ انهن کي پٿر تي رکي انهن جي ٿڌي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
هن جي نوجوان ماءُ اندر داخل ٿي ۽ هن جي اکين کي اُگهيائين ۽ گهر جي ڪنڊ ڏي هلي ويئي. هن بسترن جي ٿهي مان ٻه وهاڻا ڪڍيا ۽ آيلن جي اڳيان رکيا.
سونهين، آثار قديمه جي ماهر جي ٿيلهي مان کاڌي جو دٻو ڪڍيو.
”پياري ڀيڻ! اسان کي بک لڳي آهي،“ هن چيو: جيڪڏهن توهان وٽ کير آهي ته اسان کي چانهه ٺهي ملندي؟ اسان وٽ کنڊ آهي.“
نوجوان عورت چلهه ڏانهن ويئي ۽ ونجڻي هڻي، باهه ٻارڻ لڳي. رئو هوا جي هڪ جهوٽي سان سندس مٿي تان اڏامي ويو. فنڪار جون نظرون سندس اڇي پيشاني، ٻيلي جيان گهاٽن وارن ۽ گهرين اکين تي کپي ويون. عورت چلهه تي جهڪي ويٺي هئي. فنڪار جون اکيون چلهه مان ايندڙ دونهين سبب گهڻي دير تائين کيس ڏسي نه سگهيون. هن کان اڳ هن کيس ڪٿي ڏٺو هو؟ ساڳيا ئي ونگيل ڀرون، ساڳيون ئي ڪاريون ڪجليون اکيون، اهو ئي سندر چهرو. جڏهن عورت ديڳڙي چاڙهڻ لاءِ ٿورڙو اٿي ته، هن جو رک سان ڀريل چهرو، اهي ئي ونگيل ڀرون اهي ئي ڪاريون ڪجليون اکيون، هن کان تمام ٿوري وٿيءَ تي رهجي ويون.
ڪيترا نه سال گذري ويا! ڇا ڪي به ٻه چهرا، ايترا هڪ جهڙا ٿي سگهن ٿا.؟ ايتريقدر جو منهن مهانڊو به ساڳيو.
هن عورت جو چهرو سج جي تپش سبب، ٿورڙو لڙاٽجي ويو هو. پر هن جون اکيون ته ساڳيون سمنڊ تي مليل انهيءَ عورت جهڙيون هيون. ٻنهي جي ساڳي سنهڙي چيلهه، ساڳيو ئي نرم لسو جسم. جسم جو هر انگ ساڳيو ئي ته هو ٻنهي جو.
دلفريب لوڏ ۽ خاموشيءَ سان، نوجوان عورت هنن لاءِ چانهن آندي. جنهن به مهل هو جهڪي ٿي، يا اٿي ٿي، يا هلي ٿي، ته سندس ٻانهن ۾ پيل چانديءَ جي چوڙن، ۽ جسم تي پهريل ڪپڙن ائين آواز ٿي ڪيو، ڄڻ ته ڪي ٽليون وڄي رهيون هجن.
سمنڊ تي مليل عورت کي پاتل لباس به ته هلڻ سان، اهڙي ئي موسيقي پيدا ڪئي هئي. پر کيس ڀوري ڪوٽي ۽ ڪارو مخمل جو ٽوپلو، جنهن تي نارنگي رنگ جا گل جڙيل هئا، پاتل هو.
اها عورت هن کان تمام گهڻو پري وڃي چڪي هئي. شايد هو خيال ئي خيال ۾، باسوط نديءَ مان ترندو، سمنڊ جي ان ڪناري وٽ پهچي ويو، جتي هو ڪنهن وقت هن عورت سان ويٺل هو.
سونهين کاڌي جو ٻيو دٻو کوليو. آثار قديمه جو ماهر، مسلسل ڪپڙي ۽ ان تي رکيل ٽامي جي ٿانون کي ڏسي رهيو هو. ڇوڪرو کنڀين کائڻ کان پوءِ حيرت ڀرين نظرن سان ڏٻي کي، ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ ته هو انتظار ڪري رهيو هو ته، اجنبي ڪڏهن ٿا هن کي خالي ڪن. سونهين هن جي، تيز گهوريندڙ اکين کي تاڙي ورتو. ۽ ڏٻو هن ڏانهن اڇلايائين. ڇوڪري ٽپ ڏيئي ڏٻو کنيو ۽ هن کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳو. ڪتو جيڪو ڀرسان ويٺل هو، گوشت جي بچيل ٽڪر کي چٻاڙڻ لڳو. انهيءَ پل ڇوڪرو اٿيو ۽ تڪڙو ڊوڙڻ لڳو. ته جيئن هو، کين چمڪدار اڇي پيتي ڏسڻ لاءِ وٺي هلي. جيڪا هونئن کنڊرن ۾ ڳولڻ هنن لاءِ مشڪل هئي.
عورت چلهه جي ڀرسان ويٺي رهي ۽ ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ، ڪٽليءَ جو ڍڪ کولي پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جي پڪ ڪري رهي هئي.
باهه جي تپش سبب، سندس جسم پگهر سان شل ٿي ويو هو. هو چلهه ۾ ڪاٺيون اندر ڪندي، پنهنجون اکيون دونهين کان بچائڻ لڳي، جيڪو ڪڪرن وانگي اٿي رهيو هو. ۽ ڪانن جي ديوار جي سوراخن مان گذري رهيو هو.
فنڪار کي چلهه جي ڀرسان ويٺل عورت جون ٽنگون، سندس ڊگهي لباس مان ائين پئي لڳيون ڄڻ ته ڪا جادو گرڻ، ايندڙ دونهين مان مستقبل ڏسي رهي هجي.
سمنڊ تي مليل عورت، ڪڏهن به اگهاڙين پيرين نه هلندي هئي ۽ نه ئي ڪڏهن چلهه جي ڀرسان ويٺي هئي.
سمنڊ ٻرندڙ جبلن مان نڪرندڙ لاون جيان، گجگوڙ ڪري رهيو هو ۽ صبح جي وقت، پهاڙن سان ٽڪرائي رهيو هو. ڪارو مخمل جو ٽوپلو پاتل عورت، ڪناري تي ويٺي رهي ۽ واريءَ تي آڱر سان ليڪا ڪڍندي رهي. ۽ ذري ان کي ڊاهيندي به رهي. هو پنهنجي هٿن ۾ ڪاٺيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيو هو. لهرون نرم گاديلي جيان سندن پيرن کي ڇهي رهيون هيون. ۽ ڪاٺيءَ جي ٽڪرن کي سمنڊ ۾ اماڻي ٿي ڇڏيو. جيئن ئي لهرون وري اُنهن ڪاٺيءَ جي ٽڪرن کي ڪناري تي کڻي آيون، عورت واعدو ڪيو ته هوءَ ساڻس شادي ڪندي. ۽ دنيا اوچتو ئي اوچتو هن کي بي انت سمنڊ جيان لڳي ۽ هن کي سندس دل به اُن جو هڪ حصو لڳي.
اُن کان پوءِ ڏينهن بدلجي ويا. زندگيءَ هنن کي اوچتو هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو. هن وٽ هن جي دل ۾ فقط وڃي رهيون سندس ڪاريون ڪجليون اکيون، ڀوري ڪوٽي ۽ سنهيون اڱريون، جنهن سان هن واريءَ تي لکيو ٿي ۽ پوءِ پنهنجي واعدي کي پاڻ ئي ڊاهيو ٿي.
ڍڪ هنڍي اُڀامڻ سبب ٺڙ ٺڙ ڪرڻ لڳو. عورت ٿانوَن جي کوکي مان، ڪجهه پليٽون ۽ چٽيل گلاس ڪڍيا ۽ دسترخوان تي آڻي رکيا. جيئن ئي هو دسترخوان تي جهڪي ته، سندس رئو مٿي تان رسڪي، ڪلهن کان ٿيندو هيٺ ڪري پيو. سمنڊ تي مليل عورت جا به وار ڊگها، ڳچي سنهڙي ۽ چمڙي هن جيان شفاف هئي.
ڇوڪرو ڊوڙندو اندر آيو. هن جي هٿن ۾ خالي ڪيل ڏٻو هو. ٻيا ڇوڪرا جيڪي دروازي وٽ بيٺل هئا، اجنبي ماڻهوءَ کي گهوري نهاري رهيا هئا. ڇوڪري جي خوشيءَ جي حد نه رهي، جڏهن کيس کاڌي جو ٻيو ڏٻو به ڏٺو ويو. هن ڀيري هو ڊوڙيو ڪو نه تڏي تي ئي ويهي رهيو. هن جي ماءُ، هن کي چانهه جي پيالي ڏني ۽ فنڪار سندس گلاس ۾، وڏو چمچو کنڊ جو وڌو. ڇوڪري کي چانهن مان نڪرندڙ بوڙين کي ڏسندي ڏاڍو مزو آيو. هن پنهنجي آڱر گلاس ۾ وڌي ته جيئن هو انهن کي ٻاهر ڪڍي سگهي. جيتوڻيڪ گرم چانهه سندس چپ ساڙيا ٿي پر هن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي. ڳرندڙ کنڊ هن کي ڏاڍو محفوظ ڪيو. آثار قديمه جي ماهر مرڪي ڏنو، ۽ ان کي ماڻهوءَ جي ماضيءَ جي پس منظر ۾ ڏسڻ لڳو. عورت ٻيهر ڪٽلي چاڙهي ۽ پنهنجي پٽ جي شرارتن تي مرڪندي رهي.
هن جي مرڪ فنڪار کان ڳجهي نه رهي، اها مرڪ هن کي ڄاتل سڃاتل لڳي. جڏهن ماڻهو هڪ ٻئي سان مشابهت رکندا هجن ته، سندن مرڪون به ساڳيون ئي هونديون آهن. سڀ کان پهرين سندس مٿيون چپ چريو ۽ پوءِ ٻئي چپ هڪ ٻئي کان جدا ٿيا. ۽ ائين مرڪ سندس اکين ۾ به اُڀري اٿي.
فنڪار پنهنجو ڊرائينگ پيڊ کيسي مان ڪڍيو. پهاڙن جي ڪڍيل نقش ڀرسان هن ڦڙتائيءَ سان باهه جي ڀرسان ويٺل عورت جو خاڪو ٺاهيو.
سندس بت هن کي ڄاتل سڃاتل لڳو. هُو پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي ويو ۽ هن کي ائين لڳو ته هن اڳ به ڪئين ڀيرا ساڳيو خاڪو ٺاهيو آهي.
ڇوڪري کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به ڊرائينگ پيڊ تي نظر نه پيئي. ڇوڪري کي اڇي شيٽ تي هرڪا شيءِ ائين وڻندڙ لڳي جيئن بهار جي مند ۾ وهندڙ ڪوئي جهرڻو.
ٿوري دير کان پوءِ سونهين گهوڙا واپس آندا. هن گهوڙي تي سنج رکيا ۽ نوجوان عورت کي خدا حافظ چوڻ لاءِ مڙيو. هوءَ اٿي ۽ تڙتڪڙ ۾، رومال پنهنجي پيشانيءَ تي ڏنائين. هن جون آڱريون هن جي ڀڪوڙيل هٿ مان نڪتيون. آثار قديمه جي ماهر پڻ، کيس الوداع چوڻ لاءِ هٿ وڌايا پر هن پنهنجو هٿ، دل تي زور سان ڌٻائي رکيو ۽ ڪنڌ جهڪائيندي کيس الوداع چيو. فنڪار ڇوڪري کي، ڪجهه چانديءَ جا سڪا ڏنا ۽ سندس پٺي ٺپري.
گهوڙا ڪئگوبردا جي جبل جون لاهيون لهي، وادين ۾ هلڻ لڳا. جبل جي وادين ۾ سفر دوران ٽيئي پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويا.
رستي جي پاسن کان، رتن جوت جا گل پنهنجي جوڀن سان جهولي جهومي رهيا هئا. فنڪار ٿورو جهڪيو ۽ گل پٽي پنهنجي ڊرائينگ پيڊ جي ان صفحي ۾ رکيو، جنهن ۾ هن انهيءَ نرم نازڪ عورت جو چلهه جي ڀرسان ويٺل تصويري خاڪو ٺاهيو هو. پٿر گهوڙن جي سنبن سان ٽڪرائيندا واديءَ ۾ کڙڪاٽ ڪرڻ لڳا.
مست سمنڊ ۽ ان ۾ اڀرندڙ لهرون، فنڪار جي ذهن تي ڇانئجي ويون. هو لهرن جي جهوليءَ کي ڪناري وٽ کڻي اچي ٿو. سڀ کان پهرين ڪاري مخملي ٽوپلي واري دوشيزهه ۽ پوءِ هڪ ڊگهي لباس ۽ پٺن تي لٽڪندڙ وزني چوٽيءَ واري هڪ نوجوان عورت ۽ تنهن کان پوءِ هڪ ڊٺل ۽ تباهه ٿيل قلعو ۽ رتن جوت جا گل، جيڪي قلعي جي ديوارن ۾ جوڀن پائن ٿا ۽ مست هوا ۾ جهولن ۽ جهومن ٿا.
*
هاڻ شام ٿي چڪي هئي.
هڪ پوڙهو ڳوٺاڻو، ساڳي رستي کان جبل تي چڙهي رهيو هو. ڏانٽو هن جي چيلهه ۾ ٻڌل هو. هو وساڻل ۽ ٿڪل لڳو ٿي. سڄو ڏينهن ٻاجهري لڻڻ سبب، سندس سنڌ سنڌ ساڻو ٿي پيو هو ۽ شايد ان ڪري هو لٺ تي جهڪي، آهستي آهستي پير کڻي رهيو هو. ۽ ٿورو هلڻ کان پوءِ، هو ٿڪجي ٿي پيو. ساهي پٽڻ لاءِ، گهڙي پل لاءِ بيٺو ٿي. بيهڻ سان، هن جون ٽنگون ڏڪيون ٿي. هي اهوئي ساڳيو ماڻهو هو. جنهن بابت سونهين ٻڌايو ٿي ته، هن کي کنڊرن ۾ دفن ٿيل خزاني جي ڄاڻ هئي. هن پنهنجي ٻنيءَ مان مٿي نهاري ڏٺو ته، گهوڙي سوار هيٺ اچي رهيا هئا. هن کي لڳو ته سون سندن خرزينن ۾ هو. سون جيڪو صدين کان ان پٿر جي هيٺ دفن ٿيل هو، جنهن تي هو ويهندو هو ۽ آس پاس ۾ رڍون ۽ ٻڪريون چاريندو هو. انهن سوچن کيس پريشان ڪري ڇڏيو. يا شايد انهيءَ ڪري ته هو ٿڪجي پيو هو. هو ان بکايل رڇ جيان لڳي رهيو هو، جنهن کي پورو ڏينهن شڪار لاءِ ڀٽڪندي شام ٿي ويئي هجي ۽ پوءِ به شڪار پلئه نه پيو هجي.
جڏهن هو گهر جي ٻُنڀي وٽ پهتو ته هن ڪتي کي لت هنيئي، جيڪو سندس آڌرڀاءُ لاءِ اچي رهيو هو. هن ور مان ڏانٽو ڪڍي گهر جي ڪنڊ ۾ اڇلايو. ۽ ان کان پوءِ لٺ کي چلهه جي پاسي رکي، تڏي تي ويهي رهيو. باهه مان اُلا اٿي رهيا هئا. ڪٽلي ٽهڪي رهي هئي ۽ ٻه ڏٻا وهاڻي مٿان رکيا هئا.
ان کان اڳ جو لاهيارو پنهنجا ڊگها جوتا لاهي ۽ ان مان ڪک ڪچرو ڪڍي، هن جي زال اندر داخل ٿي. سندس ٻانهن ۾ پيل چاندي جي چوڙن ۽ سلوار جي جهجن سرن هلڻ سان ائين آواز ٿي ڪيو ڄڻ ته ڪي ٽليون وڄي رهيون هجن. سندس ٻانهن ۾ چوڙا چمڪي رهيا هئا ۽ هن جو پٽ هن جي چولي سان چنبڙيل هو، ۽ سندس هٿ ۾ خالي دٻا هئا.
ڇوڪرو پنهنجي پوڙهي پيءُ ڏانهن ڊوڙيو ته کيس جيئن سندس خزانو ڏئي سگهي.
پوڙهي کي اوچتو محسوس ٿيو ته گهوڙي سوار تڏي تي ويٺا آهن. ٻارڙي پنهنجي پوڙهي پيءُ کي چانديءَ جا سڪا ڏيکاريا، جيڪي اوپري گهوڙي سوارن کيس ڏٺا هئا.
پوڙهي ڇوڪري کي ڌِڪو ڏنو ۽ خالي ڏٻا اڇلايا ته اهي پٽ تي ائين ڦرڻ لڳا، جيئن اڳ ڇوڪري جي هٿن ۾ هنبڙي رهيا هئا. ڇوڪري ٽپ ڏيئي، اهي ٻيهر کنيا. ان کان پوءِ هن پنهنجو منهن، پنهنجي نوجوان ماءُ جي چولي ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ رئڻ لڳو. سندس پيءُ کي ان جو ڏاڍو ڏک ٿيو. هن کيس سڏيو ۽ سڪا ڏيکارڻ لاءِ چيو. ڇوڪرو لڙڪ لاڙيندو مرڪندو آيو. سڪا هن جي مٺ ۾ ڀڪوڙيل هئا. ٻار نهايت معصوميت مان فنڪار ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته هن ئي کيس چانديءَ جا پيارا سڪا به ڏنا آهن سندس ماءُ جي تصوير پڻ ٺاهي، کيسي ۾ رکي آهي.
پوڙهي ڪڙميءَ جي دل تي ڄڻ کنوڻ ڪري پئي. هن جي اندر ۾ شڪ جاڳي اٿيو ۽ هن پنهنجون اکيون ڦوٽاريون. هو سڄو ڳاڙهو ٿي ويو. نوجوان عورت پنهنجي پٽ ڏانهن نهاريو ۽ منهن جو پنوئي لهي ويس. مڙس، پنهنجي زال جي چهري جو رنگ تبديل ٿيندو محسوس ڪري ورتو. ٻئي پل ۾، هو پيرن ڀر اٿي بيٺو. هن لٺ کنئي ۽ زور سان، نوجوان عورت جي پٺن ۾ وهائي ڪڍي.
نوجوان عورت جا بٽڻ ڇڄي پيا. سندس ويڙهيل چوٽا ڦٽي ويا. ڪٽلي اڀامڻ لڳي. ڀڳل لٺ ڪنڍ ۾ رکجي ويئي. هوءَ سور سبب لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳي، پر هن ڪابه دانهن ڪوڪ ڪانه ڪئي. هوءَ پنهنجو هٿ چيلهه تي رکي ٻاهر نڪري ويئي ۽ پاڻمرادو رئڻ لڳي. ٻارڙو هن جي پويان پويان ويو. سندس ٻنهي هٿن ۾ اڃا به ڏٻا هئا. هو ماءُ جي چولي ۾ منهن هڻي لڪڻ لڳو.
پوڙهو ڪڙمي سڄو وقت ڪرڪندو ۽ ڪنجهندو رهيو، ان کان پوءِ هو اٿيو، ۽ اٿي ٻاجهر جي ماني کاڌائين، ۽ رڍ جي اُن مان ٺهيل ٽوپلو سيراندي هيٺ رکي، تڏي تي ليٽي پيو.
هڪ دفعو وري ڪئگوبردا جي پهاڙن تي خاموشي ڇانئجي ويئي. جيئن ئي رات جي اونداهي پنهنجا پر پکيڙڻ لڳي چلهه ۾ باهه به وسامندي ويئي ۽ ڳوٺ جا ڪتا، مرن جي ڊپ کان گهرن جي ٻاهران ڀونڪڻ لڳا. رڍون گاهه تي ليٽي پيون. نوجوان عورت، تڏي تي ويٺي رهي ۽ ٻارڙي کي انتهائي پيار مان پنهنجي جهول ۾ لڪائي ڇڏيو.
هڪ ڪارو ڪڪر جبل مٿان ديو جهڙي گوگيتي جيان ريڙهيون پائيندو گهرن ڏانهن وڌڻ لڳو.
جيئن ئي ستل رڍن تي ماڪ پئجي ويئي، تيئن ئي اوندهه جبلن ۽ ساوڪ کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.
ماڪ، رتن جوت جي گلن تي وسي ويئي. ننڍڙو پوپٽ خوشبوءَ سان واسجي ويو ۽ گل جي گود ۾ جهولڻ لڳو ۽ پوپٽ کي ائين لڳو ته ڄڻ دنيا رتن جوت جي گل جيان آهي، جنهن جي ذري ذري ۾ سندرتا رچيل آهي. ۽ جنهن جي سرهاڻ هر ڏس ۾ واسيل ۽ ڦهليل آهي.
***