پهرئين ڇاپي لاءِ ٻه اکر
سانڀر ۾ اچڻ کان پوءِ، جيئن ئي پرڏيهي ادب پڙهڻ شروع ڪيم ته مون کي لڳو ته، منهنجي ديس واسين وانگر، پرڏيهه ۾ رهندڙ انسانن جون به، ساڳيون پيڙائون ۽ ساڳيون خوشيون آهن. سڄي ڌرتيءَ تي پلجندڙ انسان جا مسئلا، مطالبا، مقصد، احساس، پيار ۽ نفرت جا ماڻ، ساڳيا آهن. منهنجي ڏيهه جي ڪلاڪار جيان پرڏيهه جي ڪلاڪار جو به، ساڳيو آدرش آهي. فرق رڳو اهو آهي ته هرڪو ڪلاڪار ان آدرش کي ماڻڻ، ۽ جڳ ۾ سونهن ۽ سچائي اوتڻ لاءِ، پنهنجي ماحول، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ ڪردارن، ۽ واقعن کي قلم جي نوڪ ذريعي ڪاڳر تي منتقل ڪري ٿو.
ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي ڳالهه ڪندڙ سڀ سچا ڪلاڪار، سونهن ۽ سچائيءَ جي انهيءَ اڻمٽ رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، جيڪو ڌرتيءَ ۾ پاتل ڦارن ۽ ليڪن، ۽ انسانن جي وچ ۾ وڌل ويڇن کان، بي نياز ۽ بالاتر آهي.
شايد انهيءَ ئي رشتي، مون کي هن ترجمي ڪرڻ تي اتساهيو ته جيئن، آءٌ پرڏيهه جي پيڙائن ۽ خوشين کي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن ۾ ورهايان.
جيتريقدر ترجمي جي ڏانءُ، فن، ۽ ٽڪنڪ سان نڀائڻ جو تعلق آهي ته، آءٌ ٻي ٻوليءَ جي مزاج، ماحول، محاورن، بيهڪ ۽ انداز (اسٽائيل) کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجائپ ڏيڻ ۽ ان کي پنهنجي ڌرتيءَ جي رنگ ۾ رڱڻ ۾ ڪيتريقدر ڪامياب ويو آهيان؟ بجاءِ پاڻ ڪنهن ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ جي، آءٌ اهو فيصلو پڙهندڙ، نقاد ۽ وقت تي ڇڏي ڏيڻ بهتر ٿو سمجهان.
ڀوَن سنڌي
ٽنڊو باگو
20 جولاءِ 1984ع