ٻئي ڇاپي لاءِ ٻه اکر
حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪن واقعن جي ڪڙي به عجيب طريقي سان پاڻ ۾ ملي ٿي. ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ جو پهريون ڇاپو به ان انداز سان مارڪيٽ ۾ آيو. اها 1984ع جي ڳالهه آهي ٿيو ايئن جو ڪنهن ڪم سانگي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وڃڻ ٿيو. اُتي نثار حسينيءَ سان ملاقات ٿي ڳالهين ڳالهين ۾ نثار حسيني پڇيو : اڄ ڪلهه شاعري کانسواءِ ٻيو ڇا پيو لکين ؟ مون چيو : اڄڪلهه مون تي پرڏيهي ادب جو ڀوت سوار آهي، سو پرڏيهي ڪهاڻيون پيو ترجمو ڪريان. نثار حسيني ٺهه ٺهه چيو : ڪهاڻيون مون کي ڏي ته مان آگم پبلشنگ ايجنسي طرفان ڇپرايان. ايئن ئي ڳالهين ڳالهين ۾ ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو. ٻنهي واقعن ۾ هڪجهڙائي ايئن آهي ته نثار حسيني به اُن وقت آگم پبلشنگ ايجنسي پاران نئون نياپو رسالو ڪڍندو هو ۽ سنڌي انعام به نئون نياپو نالي سان پبلڪيشن هلائي ٿو.
تقريبن ٽيهن سالن کان پوءِ ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ جوهي ٻيو ڇاپو اچي رهيو آهي. اُن وقت ۽ هن وقت تائين ڪافي حالتون بدلجي چڪيون آهن. ڪئين نظام ڊهي ته وري ڪئين اڏجي چڪا آهن. ذهنن جي اوسر ۽ سماجن ۾ تبديلي وقت سان گڏ ڪلاڪارن کي نوان موضوع، نوان اسلوب ۽ گهاڙيٽا عطا ڪيا آهن. پر پوءِ به سموري ڌرتي تي وسندڙ ماڻهن جا جذبا، خواهشون ۽ احساس هڪڙي ئي مالا ۾ پويل آهن. درد جو روح سان رشتو جيڪو پاتال کان به گهرو آهي ۽ خوشين جو ڪينواس جيڪو آڪاش جي وشالتا کان به وسيع آهي.سدائين من اندر ۾ ڇوليون هڻندو رهيو آهي ۽ رهندو. اُنهيءَ جي ڌارا ڪڏهن به سڪڻي ناهي ۽ نه ئي اُن جي تند ٽٽي آهي. ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ ۾ آيل هي ڪهاڻيون به اُن وهندڙ ڌارا ۽ نه ڇڄندڙ تند جو حصو آهن. جيڪي انسان جي لطيف ۽ ڪومل جذبن کي هميشه پاڻ ڏي ڇڪينديون رهنديون.
ترجمو تخليقي ادب ۾ اچي ٿو يا نه. ان بحث ۾ آءٌ پوڻ نه ٿو چاهيان. پر مان ڄاڻان ٿو ته ترجمو ڪرڻ لاءِ ڪهڙين ڀوڳنائن کي ڀوڳڻون پوي ٿو. سڀ کان پهرين ڪهاڻين جي چونڊ، جنهن لاءِ انيڪ ڪهاڻيون پڙهڻيون پون ٿيون پوءِ اُنهن مان پنهنجي ماحول، حالتن ۽ مزاج سان ٺهڪي ايندڙ ڪهاڻين جي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي. اُن کان پوءِ ترجمي ڪرڻ مهل اهو به خيال رکڻو پوي ٿو ته جنهن ماحول مان اها ڪهاڻي کنئي وئي آهي اُن سان ناانصافي نه ٿئي ۽ ساڳئي وقت اُن کي پنهنجي ماحول ۾ اهڙي ريت سموئجي جيئن اوپرائپ جو احساس به نه ٿئي. هر ٻولي جي پنهنجي سونهن آهي ۽ اُن جي محاورن جي پنهنجي بيهڪ آهي، ترجمي ۾ خاص طور تي ٻولي ۽ محاورن جي بيهڪ کي پنهنجو روپ ڏيڻ جبل چوٽي سر ڪرڻ کان گهٽ ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته محسوس ٿيندو آهي ته ترجمو ڪرڻ پنهنجي تخليقي پورهئي کان به وڌيڪ ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ڪڏهن ته دل ڀرجي ۽ ٿڪجي پوندي آهي دل چوندي آهي ته جنهن پورهئي تي پنهنجو نالو نشان به نه هجي اُن لاءِ ايترو رت ڇو ولوڙجي ؟ پر وري جڏهن ڪي چڱا خيال، نوان لاڙا ۽ سچ سان سجيل رستا اُن پرڏيهي ادب مان ڪر کڻي اُٿندا آهن ته دل جا چار ئي طبق روشن ٿي ويندا آهن ۽ دل بي اختيار چئي ڏيندي آهي ته جنهن جوت منهنجو اندر روشن ڪيو آهي ۽ روح ريجهايو آهي، اُن تي منهنجي ديس واسين جو به اوترو ئي حق آهي جيترو منهنجو پنهنجو. شايد انهي ئي جذبي تحت مون پنهنجو ترجمي جو سفر جاري رکيو آهي ۽ جلد ئي هڪ ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو اوهان جي هٿن ۾ هوندو.
گوري گهاگهر ۽ گوندر جي ٻي ڇاپي تي پڙهندڙن کان ترجمي جي ڏانءَ، فن، ٻولي، سٽاءُ ۽ ٽيڪنڪ تي راءِ وٺڻ منهنجي خيال ۾ اجايو ورجاءُ ٿيندو.
[b]-ڀوَن سنڌي
حيدر آباد
[/b]