سوکڙي
با ۽ سندس زال، آڌيءَ رات تائين جاڳندا رهيا. ٻئي خاموش بيٺا هئا ۽ ڪافي دير تائين، هنن هڪ ٻئي سان هڪ اکر به نه ڳالهايو. اوچتو با خوشي وچان رڙ ڪئي ”مون فيصلو ڪري ورتو آهي.“ هن جي زال ڪجهه به نه ڳالهايو. سندس اکڙين مان لڙڪ ڳڙندا، ڌرتيءَ تي ڪرڻ لڳا. واچ ٽاور مان رکي رکي ايندڙ، بندوق جي ٺڪائن خاموشيءَ کي ٽوڙي ٿي ڇڏيو. دشمن جي قبضي هيٺ آيل ڳوٺ ۾، اها عام ڳالهه هئي، تنهنڪري ڪنهن جو اوڏانهن ڌيان نه ويو. جڏهن گولي يا ٺڪاءَ بند ٿي ٿيا ته بانس جي بستري تي ستل 16 ورهين جي نينگر جا کونگهرا صاف ٻڌڻ ۾ آيا ٿي.
”نينگر ڪڏهن روانو ٿيندو؟“ هن ڏکاري لهجي ۾ پڇيو.
”پروگرام جي خبر ڪونهي، پر هو ستت روانو ٿيندو.“
”او خدا!“ ائين چوندي هن روئي ڏنو.
”اوهين عورتون روئڻ جون ڀليون آهيو.“ با چيو.
”ڇا تون اهو برداشت ڪري سگهنديئن ته تنهنجو پٽ غدارن جي فوج ۾ ڀرتي ڪيو وڃي؟“
هن جي زال کي خبر هئي ته سندس مڙس مضبوط ارادي جو مالڪ آهي. هڪ ڀيرو هن ڪو به فيصلو ڪري ورتو ته، ان تان کيس هٽائڻ ناممڪن هو. گذريل ٻن هفتن کان هو کيس سمجهائي رهيو هو ته، هو پنهنجي پٽ ترنگ کي، دشمن جي ڪئمپ ۾ رهائڻ پسند نٿو ڪري، هو کيس هر حالت ۾ آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ فوج ۾ موڪليندو. ’سندس سامان تيار ڪر ۽ جيڪي پئسا بچائي رکيا اٿئون، انهن کي، هٿ به نه لائجان. اهي نينگر لاءِ آهن. ترنگ اسان جو اڪيلو پٽ آهي. هو هاڻي ڦوهه جوانيءَ ۾ پير پائي رهيو آهي ۽ آساني سان ڀاڙيتو فوج جي ڦندي ۾ ڦاسي سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ بهتر آهي ته، اسان جلد فيصلو ڪري وٺون. جيڪڏهن آزاديءَ جي جنگ ۾ وڙهندي هو مري به ويو ته به، مون کي ان جو ڏک نه ٿيندو.“ با زال کي سمجهائيندي چيو.
جڏهن پهريون دفعو هن جي مڙس ساڻس ڳالهايو هو ته هوءَ پريشان ٿي ويئي، پر جڏهن هن دشمن جي ڪئمپ جي ماحول تي سوچيو ته هن به پنهنجي پٽ کي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ فوج ۾، موڪلڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. هن نٿي چاهيو ته سندس پٽ ڀاڙيتو ۽ غدارن جي فوج ۾ شامل ٿي، انقلابين تي گوليون وسائي، جن کين ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي هئي. هن کي اهي گهڙيون ياد پيون جڏهن، هن پنهنجي پٽ کي جنم ڏنو هو. ان وقت آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ فوج ئي، نرس ۽ ننڍڙي ڄاول ٻار لاءِ ڪپڙا، لٽا ۽ ٻيو گهربل سامان ڏنو هو. جڏهن ته هنن وٽ خود سواءِ ڦاٽل ڪپڙن جي، ٻيو ڪجهه به نه هو. انقلابي حڪومت کين گذاري لاءِ هڪ گهر ۽ ٻه ايڪڙ زمين پڻ ڏني هئي ته جيئن هو پنهنجي ٻار جي، آسانيءَ سان پرورش ڪري سگهن. پر ٽن مهينن کان پوءِ، دشمن جي فوج کين ٿڏا ۽ لتون هڻي گهر ۽ زمين ٻنهي تان بي دخل ڪري ڇڏيو. ۽ هنن کي دشمن جي ڪئمپ ۾، رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. اها ڪئمپ جيل کان به بدتر هئي. جتي هو هر وقت ڊيڄاريا ۽ ڌمڪايا ويندا هئا.
پنهنجي پٽ جي روانگيءَ لاءِ هوءَ هڪ هفتي کان لڳاتار ڳجهه ڳوه ۾ ڪپڙا ٺاهڻ لڳي. هن جو اندر کامي رهيو هو. پوءِ به ته هوءَ هڪ ماءُ هئي. با بستري تي کونگهرا هڻي رهيو هو، پر هن کي ننڊ نه ٿي آئي. هوءَ اٿي ۽ پنهنجي پٽ کي، لالٽين جي جهڪي روشنيءَ ۾ ڏٺائين. ترنگ گرمي هئڻ ڪري، قميص لاهيو ستو پيو هو. ڪيڏو نه سگهارو ۽ سهڻو جوان نظر اچي رهيو هو. هوءَ لالٽين جي روشنيءَ ۾، چتيون هڻڻ لڳي. جيئن ئي هن سئيءَ سان ٽاڪڻ شروع ڪيو، هن جون اکيون وري به لڙڪن سان ڀرجي ويون. رکي رکي ڀاڙيتو فوج طرفان، ڇٽندڙ گولين جو ٺڪاءُ ۽ پهرو ڏيندڙ فوجين جي ٽاپ ٽاپ جا آواز پڻ اچي رهيا هئا. چوڌاري لڳل سرچ لائٽون، ڪنهن راڪاس جيان شڪار جي تاڙ ۾ نوس نوس ڪري رهيون هيون. پر چوگرد لڳل تارون بيٺل پاڻيءَ ۾ موت جو ناچ ڪري رهيون هيون. اندر ڪئمپ ۾ به ڪيڏو نه هراس ۽ خاموشي ڇانيل هئي!
”آءٌ ڪيئن جيئندس؟“ پيءُ جي سوال تي پٽ جواب ڏنو.
”مون اڳ ۾ ئي انقلابين جي فوج ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ هاڻي ئي وڃڻ چاهيان ٿو. رات جي اونداهيءَ ۾ ڇو لڪي وڃان؟ آءٌ ڏينهن ڏٺي چٽي ۽ صاف شفاف روشنيءَ ۾ وڃڻ چاهيان ٿو.“
”نه منهنجا پٽ،“ پوڙهي با وراڻيو. ”رات جو وڃڻ بهتر ٿيندو. مون سڀ انتظام ڪري ڇڏيا آهن. جئين ئي چاچا ٽو ڊيوٽي سنڀالي، تون نڪري وڃجانءِ.“
”پوڙهي صحيح ٿي چيو“ ترنگ سوچيو، ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ هن چيو: ”منهنجي وڃڻ کان پوءِ هو توهان کي کوڙ تڪليفون ڏيندا.“
”ان جي پرواهه ناهي. اهم ڳالهه فقط اها آهي ته تون صحيح سلامت نڪري وڃين.“
نينگر چپ ويٺو رهيو. هو سوچي رهيو هو ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇاڇا ٿي سگهيو ٿي. امان لاءِ ڪاٺيون ڪير ڪري ايندو؟ امان جي اکين ۾ منهنجي وڇوڙي جو سوچيندي لڙڪ ڀرجي ايندا. هن ان ڏينهن بابت سوچيو جڏهن هو فاتح جي حيثيت ۾ موٽندو تڏهن هو پنهنجي مائٽن، چاچي ٽام ۽ زانهه کي آزاد ڪرائيندو. ڪئمپ تي موجود سڀني پهريدارن کي هٽائيندو. سڀني ڪنڊائين تارن ۽ ٽاور کي اڏائي ڇڏيندو. انقلاب جي مدد ڪندڙ چاچا ٽو کي ڇڏي، باقي سڀني غدارن کي نديءَ ۾ لوڙهي ڇڏيندو. هن جي اڳيان جنگ جا نظارا ڦرڻ لڳا.
”سڀني مشڪلاتن کي مڙس ٿي منهن ڏجانءِ. تو کي جيڪا جوابداري سونپن ان کان نه ڪيٻائجان! جيڪڏهن تون انقلاب آڻڻ چاهين ٿو ته، تڪيلفون ته ضرور ڏسڻيون پونديون.“
ترنگ تڪليفن کان ڪو نه ٿي ڊنو. هن ڪئين ڀيرا ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار سارين جي ٻنين ۾، گپ ۽ گاري ۾ بنا کاڌي کائڻ جي ڪم ڪيو هو. جيتوڻيڪ بک بڇڙو ٽول آهي. پر هن پڪو پهه ڪيو هو ته هو اهڙين حالتن ۾ مايوس نه ٿيندو ۽ اهو ڪم جيڪو هن کي سونپيو ويندو، مڪمل ڪري پوءِ ساهه پٽيندو. ترنگ ڪنڊائين تارن جي لوڙهي ڏانهن نهاريو، هن کي ان جي پريان کاهيون ۽ ان جي پويان وهندڙ ندي، ساوا ساوا کيت ۽ انهن جي پويان هن جو پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڏسڻ ۾ آيو.
”هڪ ڳالهه...............“ هن جي پيءُ جو آواز وري فضا ۾ گونجيو. ”......جو خاص خيال رکجانءِ. پنهنجا حوصلا هر وقت جاءِ رکجان ۽“ هن ورجائي چيو.
ترنگ پنهنجي پيءُ ڏانهن نهاريو. هو پنهنجي پيءُ جي مڪمل هدايتن جي روشنيءَ ۾، هن جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ لڳو. هڪ پيءُ پنهنجي پٽ کي جنگ جي محاذ تي موڪليندي، ڪهڙين حالتن مان گذري ٿو؟ هو ان جي حالت مان اندازو لڳائي نه ٿي سگهيو. هن کي پنهنجي پيءُ جي پيار سان گڏ، ماءُ جي مامتا به ياد پئي. هن سوچيو جڏهن هو روانو ٿي چڪو هوندو ته، هن جي ماءُ يقينن روئي ڏيندي. ڀلا روئي به ڪيئن نه، هو سندس اڪيلو ئي ته پٽ هو. جيڪڏهن هن کي هڪ ڀيڻ به هجي ها ته، هوءَ سندس غيرموجودگيءَ ۾ هن لاءِ وڏو ڏڍ هجي ها. رڌ پچاء ۾ سندس مدد ڪري ها. هي ڇاجي خوشبوءِ پئي اچي؟ شايد کيس وڻندڙ گانگٽ آهن؟ هن کي ياد آيو، هن گهڻي وقت کان گانگٽ ڪو نه کاڌا هئا، ڇو جو هتي ان جي شڪار تي بندش هئي. هن کي اهي ڏينهن ياد آيا، جڏهن هو هيپ ندي ۾ گانگٽ ڦاسائيندو هو.
مانيءَ کان پوءِ، با پنهنجي پٽ کي ڪاڳر ۽ پين کڻي اچڻ لاءِ چيو. ان کان پوءِ هن پنهنجي پٽ کي، دروازي تي ڪڙي نگاهه رکڻ لاءِ چيو. انقلابي فوج ڏانهن خط لکندي هن جي ذهن تي اهي امر شهيد تري آيا، جن ڌرتيءَ ڪاڻ جانيون ڏنيون. هن دل ئي دل ۾، انهن جي عظمت کي سلام ڪيو. هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، ۽ هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته، هو خط ڪٿان کان شروع ڪري. با بستري تي ليٽي لکندو رهيو. هن هر هڪ اکر کي ڏهه ڀيرا ڪاٽيو ٿي. جڏهن ترنگ کنگهي ڪنهن جي اچڻ جو آواز ٿي ڏنو ته، هن ڪاڳر ۽ پين تڏي هيٺان لڪائي ٿي ڇڏي. خط لکڻ ۾ هن کي سڄو ڏينهن لڳي ويو. ان قسم جو خط هن اڳ ڪڏهن به نه لکيو هو.
رات جي ماني هن سويل ڀرو کاڌي. با جي زال کي کاڌو نڙيءَ کان هيٺ ئي نه پيو لهي. ترنگ به تمام گهٽ ماني کاڌي. با سڪون سان ماني کائي رهيو هو. هن پنهنجي پٽ کي مخاطب ٿي چيو: ”پٽ ڍءُ ڪري ماني کائي وٺ، شايد ماءُ جي پڪل تولاءِ هيءَ آخري ماني هجي.“ ترنگ جلدي ماني کائي اٿيو. هو سگهاري آواز ۾ ماءُ کي مخاطب ٿيو:
”امان دل نه لاهه، کلي اجازت ڏي. منهنجو سامان ڪٿي آهي؟“
”هي پيو آهي“ هن پنهنجي پٽ کي هڪ وڏو رومال ڏنو. ان ۾ هن جي لاءِ ڪجهه مٺائي، ۽ ڪپڙا ٻڌل هئا، رومال مان مٺائيءَ جي خوشبو اچي رهي هئي. ترنگ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. هن پنهنجو منهن ڦيرائي ڇڏيو، جيئن سندس ماءُ سڀ ڪجهه ڏسي نه وٺي.
هن سوچيو انقلابي فوج ۾ اهو رومال کيس هميشه ماءُ جي ياد ڏياريندو رهندو. ان کان پوءِ سندس ماءُ هن کي ننڍڙو ٻٽون ڏنو. ”هن ۾ تنهنجي لاءِ ڪجهه پئسا آهن،“ سندس ماءُ چيو. ترنگ ٻٽون کوليو ان ۾ چوونجاهه پياسٽر پيل هئا، هن هڪ کنيو ۽ باقي واپس ڪندي وراڻيو:
”سپاهيءَ کي ايترن پئسن جي ڪڏهن به ضرورت ناهي پوندي.“ ماءُ جي گهڻي زور ڀرڻ تي، هو هڪ وڌيڪ پياسٽر کڻڻ تي راضي ٿيو.
با خط ڇوڪري جي حوالي ڪيو ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته، هو اهو خط به انقلابي فوج جي ڪنهن به سپاهيءَ کي ڏي. ان کان پوءِ، هن کيس ڀڄي وڃڻ جي رستي کان آگاهه ڪيو. گهر جي دروازي تي ماءُ ۽ پيءُ پنهنجي پٽ کان موڪلايو.
ترنگ مکيه دروازو ٽپي ٻاهر پهتو. ان کان پوءِ هو ڪنڊائين تارن مان لنگهي کليل ميدان ۾ ڊوڙڻ لڳو. هو ٿوري دير لاءِ ترسيو، جيئن ساهي پٽي سگهي. هن محسوس ڪيو ته هتي جي هوا، ۽ دشمن جي فوجي ڪئمپ جي هوا ۾ ڪيڏو نه فرق هو. هُن نديءَ وٽ پهچي ڪپڙا لاهي، رومال ۾ ويڙهيا ۽ هڪ هٿ مٿي ڪري ترڻ شروع ڪيو، ندي ۾ پوندڙ سرچ لائيٽ جي روشني واڳونءَ جيان هن جي ڳولها ۾ هئي، پر هن ان جي پرواهه نه ڪئي. هن ندي پار ڪري ڪپڙا پاتا ۽ پڪو روڊ ڇڏي، ڪچي رستي تي گپ ۽ چڪ مان هلڻ شروع ڪيو. هن اڃا ٿوروئي پنڌ مس ڪيو هوندو، جو هڪ آواز ڪنايائين ”بيهي رهه.“ ستت ئي ڪجهه سپاهي نظر ٿيا ۽ بندوقون تاڻي بيهي رهيا. هڪ پڇيو ”ڪير آهين؟“
”پناهه گاهه مان آيو آهين“ نينگر وراڻيو. ”چاچا ٽام سان ملڻو آهي.“
”ٺيڪ آهي اسان جي پويان اچ.“ هو هنن جي پويان هلڻ لڳو. ترنگ اتي پهچي خط ڪڍيو ۽ ٽام کي ڏنو، گوريلا اڳواڻ خط ورتو ۽ بتيءَ جي جهڪي روشني ۾ پڙهڻ شروع ڪيو.
”انقلاب ۽ آزادي جي محاذ جا ڀائرو!
منهنجي زال ۽ مون کي فقط هڪ پٽ آهي. گذريل وقت ۾ انقلابي فوج، اسان تي انيڪ مهربانيون ۽ ٿورا ڪيا. انهن اسان کي مفت ۾ زمين، ۽ رهڻ لاءِ اجهو ڏنو، جتي اسان سڪون ۽ آرام سان زندگي گذاري. اسين انقلاب، ۽ انقلابين جا وڏا قرضدار آهيون. منهنجو پٽ هاڻ ڦوهه جوانيءَ ۾ پهتو آهي. اسين نٿا چاهيون ته هو ڀاڙيتو فوج ۾ داخل ٿي اسان جي محسنن تي گوليون هلائي. اسان هي نوجوان، انقلاب ۽ آزاديءَ لاءِ توهان کي سوکڙيءَ طور موڪلي رهيا آهيون. هي اڃا ناتجربيڪار آهي. هن کي هڪ سٺو انسان ۽ سچو سپاهي بنائيندا ته اسين توهان جا تا ڄمار ٿورائتا رهنداسين.“
فقط... نگوين وان با ... هڪ غريب هاري.
خط جي هيٺان ڪوئلي ۽ اکروٽ جي تيل مان ٻوڙيل، ٻن آڳوٺن جا نشان به هئا.
گوريلا اڳواڻ ترنگ جي ويجهو آيو ”نوجوان تون شايد اسان جي جٿي ۾ شامل ڪيو وڃين. هاڻ ڪافي دير ٿي وئي آهي ۽ ها مون وٽ هڪ وڏي مڇرداني آهي. اچ انهيءَ ۾ اچي آرام ڪر.“ گوريلا اڳواڻ جي ان آڇ تي ترنگ مرڪي ڏنو.
***