هڪ تنهنجي لاء
منهنجي دوست، هڪ دفعي مون کي هيءَ ڪهاڻي ٻڌائي. هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي جڏهن آءٌ شاگرد جي حيثيت ۾، تعليم حاصل ڪري رهيو هوس. تڏهن آءٌ، اهڙين عورتن جي وچ ۾ رهندو هوس، جن بابت توهان سمجهي ويا هوندا ته، آءٌ ڇا چوڻ چاهيان ٿو. انهن عورتن ۾، هڪ بجليءَ جي کنڀي جيان ڊگهي هئي ۽ سڀ ماڻهو هن کي ٽريسيا جي نالي سان سڏيندا هئا. هوءَ بت ۾ ڀريل هئي ۽ هن جا ڀرون ڊگها ۽ ڪارا هئا. سندس ڊگهي منهن تي اکين جي مٿان ڊگها ۽ ڪارا ڀرون ڪهاڙيءَ جيان ڏيکائي ڏيندا هئا. هن جا ڪهاڙي نما ڀرون، ڳرو آواز، ڪوچبان جهڙي هلڻي ۽ مهاڻن جهڙيون ٿلهيون ڪرايون، مون کي ڏڪائي وجهنديون هيون. آءٌ بلڊنگ جي آخري منزل تي واقع فليٽ ۾ رهندو هوس ۽ هن جي جُهڳي، منهنجي فليٽ جي بلڪل سامهون هئي. جيستائين هوءَ پنهنجي جهڳيءَ ۾ موجود هوندي هئي، تيستائين، آءٌ ڊپ وچان پنهنجي فليٽ جو دروازو، بند رکندو هوس ته جيئن، هوءَ فليٽ اندر نه هلي اچي. پر ائين ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو هو. پر ڪڏهن ڪڏهن، جنهن کي منهنجي بدقسمتي ئي چئجي، منهنجي نه چاهيندي به هوءَ مون کي ڏاڪڻ تي، يا اڱڻ ۾ ملي ئي ويندي هئي. هوءَ مون کي ڏسي، مرڪندي هئي. هن جي مرڪ، مون کي سدائين وهه جا ڍڪ ۽ بي رحم لڳندي هئي. هن جون اکيون ڀوائتيون ۽ چهرو ڏائڻ جيان ڏيکائي ڏيندو هو. اهڙي موقعن تي، هوءَ مون سان ڳالهائيندي به هئي.
”ڪهڙا حال اٿئي؟ محترم شاگرد!“ ۽ مٿان وري سندس احمقاڻي کل، مون کي وڌيڪ کانئس نفرت ڏياريندي هئي. مون ڪئين دفعا، هن جي ناقابل برداشت حرڪتن سبب، فليٽ ڇڏڻ جو سوچيو پر هر دفعي، مون کي فيصلو تبديل ڪرڻو ٿي پيو، ان جا به کوڙ سبب هئا. هڪ ته منهنجو فليٽ سٺو هو، ٻيو ته فليٽ جنهن گهٽي ۾ واقع هو اتي هر وقت سانت رهندي هئي ۽ ساڳئي وقت، فليٽ جي هڪڙي دري اهڙي پاسي ٿي کلي، جتي، قدرت پنهنجي ڦوهه جوانيءَ سان مون کي محسور ڪرڻ لاءِ هر وقت موجود هوندي هئي.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي. صبح جو وقت هو، آءٌ پنهنجي ڪوچ تي ايئن ئي ليٽيو پيو هوس ۽ ڪاليج نه وڃڻ لاءِ، بهاني گهڙڻ تي سوچي رهيو هوس ته مون ڏٺو، ته در کليو ۽ ٽريسيا جو ڳرو آواز ڪمري ۾ گونجيو:
”سٺي صحت مبارڪ هجنئي، محترم شاگرد!“
”تون ڇا ٿي چاهين؟“ مون سوال ڪيو. مون ڏٺو، مون کي هوءَ مايوس مايوس نظر اچي رهي هئي... سندس چهري جو اهو رخ، سندس عام طبيعت کان، قطعي مختلف هو ۽ مون کي سمجهه ۾ نه آيو.
”ڏس محترم شاگرد! مون کي تنهنجي مدد کپي: ڇا تون، منهنجي مدد ڪرڻ پسند ڪندين؟!“
آءٌ خاموش ويٺو رهيس ۽ پنهنجو پاڻ سوچڻ لڳس. ان کان اڳ جو آءٌ ڪجهه ڳالهايان، هن جو ڳرو آواز، منهنجون سوچون ٽوڙيندي منهنجي ڪنن تائين پهتو:
”آءٌ هڪ خط لکائڻ چاهيان ٿي. مون کي اهو ئي عرض ڪرڻو آهي.“ سندس چهري تي گهٻراهٽ ۽ آواز ۾ نرمي اچي چڪي هئي.
”اڙجي ويس“ مون سوچيو ڀلا ڪري به ڇا ٿي سگهيس! آءٌ اٿيس، پنو پين کنيم ۽ ٽيبل لڳ ڪرسيءِ تي ٿي ويٺس.
”هلي آ، منهنجي ڀرسان ٿي ويهه ۽ لکاءِ جيڪي لکائڻ چاهين ٿي.“
هوءَ منهنجي ڀرسان، ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي ۽ مون ڏانهن پريشان ۽ گنهگار نظرن سان نهارڻ لڳي.
”چڱو! ٻڌاءِ ڪنهن کي خط لکان؟“
”سيٽمنا شهر جي وارسا روڊ تي رهندڙ بولس ڪاميٽ کي.“
ها، لکاءِ،
”لک، منهنجا پيارا بولس... منهنجا محبوب... منهنجا وفادار عاشق، شل خدا توکي محفوظ ۽ خوش رکي. تنهنجي دل سون جيان سونهري آهي، پوءِ ڇو تو گهڻي وقت کان تنهنجي جدائيءَ ۾ اداس رهندڙ، ننڍڙي پياري گڏڙي ٽريسيا کي خط نه مڪو آهي.“
”ننڍڙي پياري گڏڙي!؟“ مون کان بي دڙڪ ٽهڪ نڪري ويو. پنجن فٽن کان به ڊگهي، پٿرن جهڙا ٿلها هٿ، ڳرو ۽ بيڊولو بدن، منهن اهڙو ڪارو ڄڻ، سڄي ڄمار چمنيءَ ۾ گهاري هجيس ۽ ڪڏهن به ڀلجي منهن نه ڌوتو هجيس ته به سڏائي ٿي پياري گڏي. خير!
مون پڇيو ”ڀلا اهو بولس وري ڪير آهي؟“
”بولس! محترم شاگرد،“ هن ائين وراڻيو ڄڻ مون هن نالي جي توهين ڪئي هجي.
”بولس منهنجو نوجوان دوست آهي.“
”نوجوان دوست؟“
”سائين تون گهڻو عجب ڇو ٿو کائين. ڇا مون جهڙي ننڍڙي معصوم ڇوڪريءَ جو نوجوان دوست ٿي نٿو سگهي؟“
هوءَ؟ ۽ ڇوڪري؟؟ ۽ معصوم؟؟؟ بهرحال
”ڇو نه! ڇو نه!“ مون چيو سڀ ڪجهه ممڪن آهي. بلڪل ٿي سگهي ٿو. ”ڀلا ٻڌاءِ اهو نوجوان تنهنجو گهڻي وقت کان دوست آهي؟“
”ڇهن سالن کان.“
”ٺيڪ آ. ٺيڪ آ“ مون چيو. ها هاڻي اڌ ۾ ڇڏيل خط اڳتي لکاءِ“
.......... ۽ آءٌ اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ٽريسيا مون کان ڪئين ڀيرا الائجي ڪيترا خط مختلف ائڊريسن تي بولس ڏانهن لکايا. انهيءَ اميد تي ته من ڪٿان مٺي موٽ ملي پر جواب نه اچڻو هو نه آيو.
”سائين توهان منهنجي لاءِ خط لکي وڏا وڙ ڪيا آهن.“ ٽريسيا جي آواز ۾ نرمي هئي. ”شايد آءٌ توهان لائق ڪا خدمت ڪري سگهان؟“
”مهرباني“
”شايد، سائين اوهان جون قميصون سيبو ٽوپو گهرن ٿيون؟“
مون کي سندس ڪپڙن واري آڇ چڙ ڏيارڻ لاءِ ڪافي هئي. کيس سخت لفظن ۾ ٽوڪيم ”مون کي تنهنجي خدمتن جي ضرورت ناهي. سمجهيئي؟“
۽ هوءَ واپس پنهنجي جهڳيءَ ڏانهن هلي ويئي. هڪ هفتو يا ٻه هفتا مس گذريا هوندا، آءٌ انهيءَ شام دريءَ جي ڀرسان بيٺو هوس. ۽ سوچي رهيو هوس ته اهڙو ڪو ڪارائتو ڪم ذهن تي تري اچي ته جيئن آءٌ سستي ڇڏي اٿي کڙو ٿيان. آءٌ انهيءَ شام ڏاڍو اداس هوس. پر موسم بيڪار هئڻ سبب، مون ٻاهر به نڪرڻ نٿي چاهيو. شايد اهو ئي سبب هو جو مون وقت کي ڪٽڻ لاءِ پاڻ تي سوچڻ شروع ڪيو. منهنجو اهو عمل به ڏاڍو بور هو. پر الائجي ڇو ان جي باوجود به مون ان مهل، ٻيو ڪجهه ڪرڻ به نٿي چاهيو ۽ پوءِ اوچتو در کليو. ”خدا شل رحم ڪري!“ ڪوئي اندر داخل ٿيو.
”محترم شاگرد مون کي پڪ آهي ته هينئر واندو ئي هوندين.“ اهو ٽريسيا جو آواز هو.
”ها،“ مون چيو، ”ڪهڙو ڪم اٿئي؟“
”سائين منهنجو عرض آهي ته مون کي هڪ خط لکي ڏيو.“ ”ڏاڍو سٺو. بولس ڏانهن لکي ڏيان نه؟“
”نه. هن دفعي بولس جي طرفان مون (ٽريسيا) ڏي خط لکي ڏي.“
”ڇا؟“ مون گرم ٿيندي چيو ”تنهنجو دماغ ته خراب نه آهي؟“
”منهنجي حرڪت کي تون جيئن احمقانه سمجهين ٿو: تيئن ناهي محترم شاگرد.“ ٽريسيا جي لهجي ۾ گهٻراهٽ هئي.
”آءٌ توکان معافيءَ جي طلبگار آهيان. هو منهنجو دوست آهي. نه فقط دوست پر محسن ۽ سهارو پڻ آهي. جيئن مون (ٽريسيا) کي هڪڙي مٺڙي پياري دل آهي تيئن بولس کي به هڪڙي مٺڙي مٺڙي دل آهي. جيئن آءٌ هن کي ياد ڪريان ٿي تيئن هن کي به منهنجي ياد ستائيندي هوندي. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ چوان ٿي ته بولس جي پاران (ٽريسيا) ڏانهن خط لک.“
مون ڏٺو هن جو چهرو اداس هو. هن جون آڱريون ڏڪي رهيون هيون. پهريائين ته آءٌ منجهي پيس پر پوءِ جلد ئي معاملي کي سمجهي ويس.
”مائي ڳالهه ٻڌ!“ مون مٿس واضح ڪندي چيو: ”نه ته ڪنهن بولس جو وجود آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٽريسيا جو. تون مون سان ڪوڙ ڳالهائي رهي آهين. تون مون کي گهڻو وقت پريشان نٿي ڪري سگهين. منهنجو ڪو به ارادو ڪونهي تنهنجي محبوب تي فضول وقت وڃائڻ جو- سمجهيئي؟“
۽ مون ڏٺو هوءَ اوچتو ڏڪي وئي ۽ مون کان پري ٿي بيٺي. هوءَ سواءِ جاءِ ڇڏڻ جي پيرن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ لڳي ۽ اندر ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳي. جنهن مان ائين ٿي لڳو ته هن ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر چئي نٿي سگهي. آءٌ غور سان ڏسڻ لڳس ته آخر معاملو ڪٿي ٿو ختم ٿئي. مون کي جلدئي محسوس ٿيو ته، مون کيس خط نه لکي ڏئي سندس دل رنجائي آهي. مون کي پنهنجي رويي تي گهڻو ڏک محسوس ٿيو.
”محترم شاگرد!“ هن اوچتو ڳالهايو ۽ اهو چوندي هن هٿ لوڏيو ۽ دروازي ڏانهن وڌي ۽ ٻاهر نڪري ويئي.
مون کي پنهنجي رويي تي ڏاڍو ڏک ٿيو. مون محسوس ڪيو ته ڪيئن به، مون کي ائين نه ڪرڻ گهربو هو. هوءَ هلي ويئي پر منهنجو ضمير جهنجهوڙي ويئي ۽ منهنجو سڪون به پاڻ سان کڻي ويئي. مون کي لڳو ته مون عورت جو اپمان ڪيو آهي. بلڪه پنهنجو به اپمان ڪيو آهي. مون فيصلو ڪيو ته آءٌ سندس گهر ويندس ۽ کيس ٻيهر پنهنجي گهر اچڻ جي دعوت ڏيندس ۽ هوءَ جيڪي ڪجهه لکائيندي سڀ لکندس.
آءٌ سندس گهر ۾ داخل ٿيس. مون چؤگرد نهاريو. ڏٺم ته هوءَ ٽيبل جي ڀرسان گوڏن ۾ منهن پايو ويٺي هئي.
”منهنجي ڳالهه ٻڌ!“ مون چيو.
آءٌ جڏهن به پنهنجين ڳالهين ۾ اهو جملو استعمال ڪندو آهيان ته ان ۾ پنهنجي حماقت لڳندي اٿم ۽ ڏاڍو شڪي ٿيندو آهيان. بهرحال.
”منهنجي ڳالهه ٻڌ!“ مون چيو.
هوءَ پنهنجي سيٽ تان اٿي. چمڪندڙ اکين سان مون ڏانهن وڌي ۽ منهنجي ڪلهن تي ٻيئي هٿ رکندي هوريان ڳالهائڻ شروع ڪيو. يا شايد پنهنجي مخصوص ڳري آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”محترم شاگرد! ڏس!! اهو صحيح آهي ته بولس نالي ڪنهن نوجوان جو وجود ڪونهي ۽ اهو به صحيح آهي ته نه ئي ڪنهن ٽريسيا جو وجود آهي پر ڇا تون خط جا ٻه اکر لکندي لهي پوندين. تون سٺو ڇوڪرو آهين ۽ ڪيڏو نه سٺو لڳين جو تون منهنجي لاءِ خط جا ٻه اکر لکي سگهين.“
”مون کي معاف ڪر! آءٌ اڳ ئي پنهنجي ڪيئي تي ڏاڍو شرمسار آهيان. پر اهو ڇا آهي؟ ڇا واقعي بولس جو ڪو وجود ناهي. جيئن تون چوين ٿي؟“
”ها ڪو به وجود ڪونهي.“ هن وراڻيو.
”۽ ٽريسيا؟“ مون سوال ڪيو.
”۽ نه ئي ڪنهن ٽريسيا جو.“ هن جواب ڏنو.
”آءٌ ئي ٽريسيا آهيان.“
مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. مون هن تي اکيون کپائي ڇڏيون ۽ سوچڻ لڳس ته اسان ٻنهي مان ڪنهن جو به دماغ ٺڪاڻي تي نه آهي. هوءَ ٻيهر ٽيبل ڏانهن ويئي ۽ ڪا شيءِ هٿ ۾ کڻي واپس موٽي ۽ نهايت عاجزيءَ مان مخاطب ٿي چوڻ لڳي.
”جيڪڏهن توکي بولس ڏانهن خط لکڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ته هان هي وٺ تنهنجا لکيل خط آءٌ پاڻهي ٻين کان خط لکائينديس.“
مون ڏٺو هن جي هٿ ۾ منهنجا بولس ڏانهن لکيل خط هئا.
”ٻڌ ٽريسيا!“ مون خفا ٿيندي چيو ”آخر هن سڄي ڊرامي کيڏڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا لاءِ تون ٻيهر خط لکائڻ چاهين ٿي. جڏهن ته تو اڳيان لکيل خط به هيلتائين پوسٽ نه ڪيا آهن؟“
”ڪيڏانهن موڪليان.؟“
”بولس ڏانهن،“ مون وراڻيو.
”چيم ڪو نه ته انهيءَ نالي سان ڪنهن به ماڻهوءَ جو وجود ڪونهي.“
مون کي سندس اها ڳالهه بنهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي ۽ مون کي چڙ ڏيارڻ ۽ رواني ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. جيئن ئي آءٌ روانو ٿيڻ تي هوس هن جو آواز منهنجي ڪنن تائين پهتو.
”حقيقت ڇا آهي؟“ ٽريسيا جي آواز ۾ ڪمزورن واري هيڻائي هئي. ”آءٌ توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اهو سچ آهي ته بولس نالي ڪنهن به نوجوان جو وجود ڪونهي.“ اهو چوندي هن پنهنجون ٻانهون ڊگهيريون، ڄڻ ته هن کي خود به اهو سمجهه ۾ نه اچي رهيو هجي ته، آخر ڇو اهڙي ماڻهوءَ جو وجود ڪونهي. ”پر مون چاهيو آهي ته، هن جو وجود هئڻ گهربو هو ۽ بلڪل هئڻ گهرجي...“ هن جو آواز جيئن پوءِ تيئن جهيڻو ٿيندو ويو. ”ڇا آءٌ باقي مخلوق وانگر انسان نه آهيان؟ ها، ها، آءٌ ڄاڻان ٿي چڱي پر ڄاڻان ٿي. جيتوڻيڪ...... بولس ڏانهن خط لکائڻ ۾ ڪنهن کي به نقصان نه پهتو آهي پر پوءِ به آءٌ ڏسان پيئي.......“
”معاف ڪجانءِ...... ڪنهن کي؟“
”يقينن بولس کي“
”پوءِ هن جو ته ڪو به وجود ڪونهي.“
”افسوس! صد افسوس!! پر ڇا ٿي پيو جو هو ڪونهي؟ هن جو ڪو به وجود ڪونهي؟ پر هن جو وجود ٿي سگهي ٿو!
آءٌ جو هن کي خط لکان ٿي ته ائين ئي لڳي ٿو ڄڻ هو موجود آهي. ۽ ٽريسيا.......... جيڪا آءٌ آهيان. هو مون کي جواب لکي ٿو. ۽ پوءِ آءٌ هن کي ٻيهر خط لکان ٿي.........“
اها ڳجهارت آخر مون ڀڃي ورتي ۽ مون پاڻ کي حد درجي جو نيچ انسان محسوس ڪيو. مون کي پنهنجي حرڪت تي ڏاڍو شرم محسوس ٿيو. مون کي هاڻ محسوس ٿيو ته، مون کان ٽن چئن وکن جي پنڌ تي، هڪ اهڙي مخلوق به رهي ٿي، جنهن جو هن دنيا ۾ ڪو به ڪونهي، جيڪو هن کي پيار ڏي. ۽ اُن مخلوق جيئڻ ڪاڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي مطمئن رکڻ ۽ تسلي ڏيڻ لاءِ پنهنجو دل گهريو دلبر خود ايجاد ڪري ورتو آهي.
هوءَ مسلسل ڳالهائيندي رهي، ڄڻ ته ڪو درياهه اٿلي پيو هو.
”ڏس سائين تو مون کي بولس ڏانهن خط لکي ڏنو ۽ مون اهو خط، ٻي ڪنهن کي ڏنو ۽ ان اهو خط، مون کي پڙهي ٻڌايو ۽ جڏهن هن اهو خط پڙهيو ته، مون هن کي ڌيان سان ٻڌو ۽ مون کي ائين لڳو ته بولس موجود آهي ۽ مون تو کي عرض ڪيو ته، مون کي ٻيو خط لکي ڏي. جيڪو بولس جي طرفان ٽريسيا ڏانهن هجي. مون کي چڱي پر يقين آهي ته بولس هن دنيا ۾ موجود آهي ۽ اهو تصور منهنجي ڊگهي ۽ دکي زندگيءَ کي، سونهن ۽ سڪون بخشي ٿو.“
مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ مون پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪئي. انهيءَ ڏينهن کان، مون هر هفتي ۾ ٻه خط لکڻ شروع ڪري ڏنا. هڪ خط ٽريسيا جو بولس ڏانهن، ۽ ٻيو بولس جو ٽريسيا کي جواب. آءٌ انهن خطن ۾، ٽريسيا جي معصوم جذبن ۽ سامايل سپنن کي، سٻاجهڙي ٻوليءَ جي سندر لفظن ۾، بيان ڪندو هوس....... هوءَ اهي لفظ غور سان ٻڌندي هئي...... ۽ روئندي هئي. ڳري آواز هئڻ جي لحاظ کان آءٌ چوندس ته هوءَ شينهن جيان گجندي هئي. ۽ منهنجي خطن لکڻ جي موٽ ۾ هوءَ منهنجي قميصن جا بٽڻ ٽاڪيندي هئي ۽ جوراب ۽ ٻين ڪپڙن کي چتيون هڻي ڏيندي هئي....... ۽ شايد هن قصي جي شروع ٿيڻ جي ٽن مهينن کان پوءِ، هن کي ڪنهن سبب جي ڪري، جيل ۾ وڌو ويو ۽ انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هن وقت هوءَ مري چڪي آهي.
منهنجي دوست سگريٽ جو ڦلو ائشٽري ۾ ڦٽي ڪيو. اُداس ۽ گهري سوچ سان آسمان ڏي نهاريو ۽ نتيجي تي پهتو.
ٺيڪ آهي هڪڙن انسانن، پاڻ کي سکي بنائڻ ۽ لطف اندوز ڪرڻ لاءِ بهتر طريقا ڳولي ڪڍيا آهن. ان جي عيوض ٻين انسانن کي، کين خوشيون ۽ سک ڏيڻ لاءِ بکون ۽ ڏک ڪاٽڻا ٿا پون. اسان پنهنجي وڏماڻهپي ۽ قابليت تي، ناز ٿا ڪريون ۽ اسان جي خودغرضي ۽ پيٽ ڀرڻ جي لاڙي جي نتيجي ۾، ٻين انسانن کي ڪشتو کڻڻو ٿو پوي ۽ مٿان وري سڄي دنيا کي اهو ڏيکارڻ ته اسان خود ڪفيل آهيون. سمجهه ۾ نٿو اچي. اسان جون اهي سموريون حرڪتون خوبصورت بيوقوفيون نه پر ظالمانه سازشون آهن. اسان جنهن کي اڇوت ڪلاس چئون ٿا. مان پڇان ٿو اڇوت ڪلاس ڪهڙو آهي! آءٌ ڄاڻڻ چاهيان ٿو ڇا انهي ڪلاس جي ماڻهن کي، پهريائين ساڳيا هڏا، ساڳيا عضوا ساڳيو رت، ۽ ساڳيون تنتون نه آهن؟ اسان کي گذريل ڏينهن کان اڄوڪي ڏينهن ۽ اڳين نسل کان اڄوڪي نسل ذريعي، انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏنو وڃي ٿو. ۽ شيطان سڀ ڄاڻي ٿو ته اصل حقيقت ڇا آهي. اسين انسانيت جي واعظ جي ڪري بگڙي چڪا آهيون. اسين جيڪي پاڻ کي، اوچي طبقي جا فرد سڏايون ٿا. حقيقت ۾ اسين ئي ڪريل ۽ اڇوت ڪلاس آهيون ۽ جيئن مون کي لڳي ٿو ته اسين خود غرضي ۽ خود ڪفيليءَ جي، گهري کڏ ۾ ڪري چڪا آهيون. ۽ اسان خود پنهنجي احساس برتريءَ جي بيماري جو، شڪار ٿي چڪا آهيون پر ان جي باوجود به، اها حقيقت ايتري ئي پراڻي آهي جيترا جبل ۽ ماٿريون ايتري پراڻي جو ان بابت ڳالهائيندي به شرم ٿو اچي. جيتوڻيڪ ايتري پراڻي آهي پر ها.... ان جو وجود ڀلا ڪٿي آهي؟
***