اڻ کٽ قافلا
[/b]
ڪنهن زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي، ريلن، بسن ۽ هوائي جهازن کان به، گهڻا اٺ هوندا هئا. ماڻهو اٺن تي، هڪ ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ، هڪڙي شهر کان ٻئي شهر، هڪڙي ملڪ کان ٻئي ملڪ، ڏي سفر ڪندا هئا. ماڻهو اٺن وسيلي رڻ لتاڙيندا هئا ۽ سپاهي اٺن تي چڙهي جنگ جي ميدان ۾، دشمن جي سامهون ٿيندا هئا.
انهن ڏينهن ۾، اٺن جو وڻج واپار اُتم ليکيو ويندو هو. پڙين ۾ اٺن جو وڏو وڪرو ٿيندو هو. ۽ ماڻهو وڏي شوق مان اُٺ خريد ڪندا هئا. اٺ هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ آندا ويندا هئا ۽ ماڻهو انهن جي اڏامندڙ مٽيءَ ۾ ويڙهه وڏي چاهه سان ڏسندا هئا.
وقت گذرڻ سان گڏ اُٺن جو ملهه ۽ مان گهٽجڻ لڳو. اُٺ گڏهه کان به سستو وڪامڻ لڳو. جلد ئي اٺ ان جي ٻوري ۽ صوفن جي ٽوڪري جي عيوضي ۾ ملڻ لڳو. ايئن اٺ جي اگهه ڪرڻ تي ڪنهن کي به تعجب نه ٿيو.
هن وقت ۾ اُٺ بيڪار جانور آهي ۽ هاڻ اهو فقط سرڪس يا چڙيا گهر ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو. هن دور جي ٻار کي جيڪڏهن اٺ ڏيکاريو وڃي ته کيس اٺ جو ٿوهو غيرمعمولي ۽ عجيب لڳندو ۽ هو ضرور ان کي ڪنهن پربت جهڙي هاٿي، يا ڪنهن سرندڙ عجيب مخلوق جو هڏو سمجهندو.
ڪيترين صدين کان وسريل ۽ انساني شعور مان ميساريل اُٺ، هڪ ڏينهن پراڻي نائري جي حسين گاديءَ واري شهر مان گذرڻ لڳا.
انهن جي اوچتي ظهور هڪ عجيب ڪيفيت ۽ وڏو هل هنگامو برپا ڪيو. ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم، اُٺن کي گهيري ويو ۽ ميڙ ۾ موجود هر ماڻهو خوشيءَ ۽ حيرت وچان کين ڏسڻ لڳو.
”اڙي هي ته اٺ آهن!“ ماڻهن جي ميڙ مان هڪڙي ايترو تڪڙو چيو ڄڻ ته کيس ڊپ هجي ته، ڪٿي اهي اٺ ٻي ڪنهن مخلوق ۾ تبديل نه ٿي وڃن. ”ڏسو هنن جي پٺيءَ ۾ ڪٻ آهي!“ ٻئي ايئن ڳالهايو ڄڻ ته پراڻي زماني ۾ اٺن جو ٿوهو سڌو هوندو هو. ”ڀائو هي ته جهڙا وحشي مرون!“ ٽئين ٽيڪا ٽپڻي ڪئي، هن ايستائين ساڳيا لفظ پي دهرايا جيستائين سندس ڀر ۾ موجود ماڻهن ۽ خود کيس پنهنجن چيل لفظن تي وشواس نه ٿيو.
چوٿين اکين ڏٺي شاهد جي حوالي سان ٻڌايو: ڪنهن اٺ کان پڇيو ته تنهنجي ڳچي وِنگي ڇو آهي؟ تنهن تي اٺ وراڻيو: ”رڳو ڳچي ڇو، دلبر! آءٌ ته سڄو ئي ڪٻو آهيان.“
”مزو ته نه ڦٽاءِ“ ميڙ مان آواز اڀريا. لڳو ٿي ته ميڙ جي حيرت ۽ خوشي ختم ٿيڻ واري ئي نه هئي.
اُٺ آهستي آهستي وڏي رعب تاب ۽ پنهنجي نرالي چال ۽ انداز سان ميڙ اندر هلي رهيا هئا. سندن ڳچيءَ ۾ پاتل چڙن مان ٽڻ ٽڻ جا سريلا آواز فضا ۾ موسيقيءَ جون لهرون اُڀاري رهيا هئا. ڏامر سج جي تپش سبب رجهي رهيو هو. نٽهڻ اس ۾ اٺن جو اهو قافلو ڪنهن مشرقي گيت جيان ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ ڀاسيو ٿي.
گهٽين، شهر جي وچ ۾ گڏجي چوُراهو ٺاهي ڇڏيو هو ۽ ايئن گهٽين جو پاڻ ۾ سدائين لاءِ هڪ رشتو قائم ٿي ويو هو. جيئن ئي ڳاڙهي بتي ٻري ته پيادا روڊ ٽپڻ لڳا ۽ سائي بتي ٻري ته ڪارون زوڪاٽ ڪنديون گذرڻ لڳيون ۽ پوءِ وري واري واري سان ڳاڙهيون ۽ سايون بتيون هڪ ٻئي جي پويان اکيون ڇنڀڻ لڳيون ۽ اٺن جو قافلو ان لِڪلڪوٽيءَ کان بي خبر چڙا وڄائيندو روڊ پار ڪرڻ لڳو.
گائڪ اٺن جي قافلي کي پنجينءَ ماڙ تان ڏٺو. ۽ کانئس حيرت وچان اوچتو ئي اوچتو رڙ نڪري ويئي. جيئن ئي هن هيٺ لهڻ لاءِ ڊوڙڻ شروع ڪيو ته هن گهر جي دروازن جي زور سان بند ٿيڻ، ۽ پيرن جي ٽاپ ٽاپ جا آواز ٻڌا.
هرڪو جلديءَ ۾ هو ۽ کين ڊپ هو ته، ڪٿي اهڙو خوبصورت نظارو سندن اکين کان اوجهل نه ٿي وڃي.
ٻار گهرن مان ٻاهر نڪتا ۽ هڪ ٻئي کان اڳيان نڪرڻ جي چڪر ۾ هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيڻ لڳا. اهو موڪلن جو وقت هو. اسڪول بند هئا ۽ شاگردن سڄي شهر کي کڻي مٿي تي کنيو هو.
گهڙيءَ پل لاءِ قافلو رڪجي ويو هو. سڀني کان اڳيون اُٺ ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ اڳتي چرڻ کان نابري واري بيٺو. هو مالڪ جي لاپرواهي، يا شايد گذريل ڪجهه ڪلاڪن کان ٿيندڙ حرڪتن، يا ڪنهن ٻئي جي ڀڙڪائڻ تي صفا اڙي هڻي بيهي رهيو. پر ان جي ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڇو بيهي رهيو؟
اٺن جي ڊگهي قطار هاڻي ويهي رهي. ٽريفڪ جام ٿي ويئي ان وقت گرمي به سهپ کان ٻاهر هئي. ماڻهو ۽ اٺ هڪ ٻئي کي گهوري نهارڻ لڳا. ڪائي شيءِ چمڪي ۽ اٺن جي اکين ۾ پيهي ويئي. ماڻهن هڪ ڀيرو وري بازي کٽي ورتي.
اٺ چڙا وڄائيندا شهر مان لنگهي رهيا هئا. اڃايل ۽ منجهيل خيالن، ماڻهن ۽ اٺن ٻنهي کي پريشان ڪري ٿي ڇڏيو. هونءَ گهٽين ۾ رهندڙ هر گهر جا نوجوان توڙي ٻڍا، اٺن جي پويان پويان ميڙ سان ڊوڙڻ لڳا ۽ انهن جي پويان وري لڳا ٻارڙا.
ماڻهو اٺن جي پويان ڊوڙي رهيا هئا. انهن ۾ ڪابه ڪمي ڪانه ٿي آئي، بس رڳو شڪليون مٽبيون رهيون ٿي. جيئن سرءُ جي مند ۾ وڻن مان پن ڇڄي ٽڙي پکڙجي ويندا آهن، تيئن ماڻهو به ميڙ ۾ ايندا ويا ۽ گهٽين ۽ پاڙن ۾ گم ٿيندا ويا.
ميڙ ۾ هڪ گلابي ڪپڙا پهريل ڇوڪري به هئي. جا تيز تيز ڊوڙي رهي هئي ته جيئن، پوئتان رهجي نه وڃي. هوءَ ڊوڙي ٿي ۽ بيٺي ٿي ۽ ڊوڙي ٿي، سندس اکين ۾ عجيب حيرت ۽ چمڪ هئي.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ گائڪ پڇيو.
”اَئنا“ هن بنا نهارڻ جي جواب ڏنو ۽ ڪجهه دير رکي چيائين ”۽ تنهنجو؟“
”گائڪ.“
هو ٻئي ڊوڙي رهيا هئا.
”تنهنجي عمر ڪيتري ٿيندي؟“ گائڪ سوال ڪيو.
”تيرنهن سال.“ هن جواب ڏنو پر اکيون قافلي ۾ ئي کتل هيس. ”تنهنجي؟“ هن پڇيو.
ڇوڪرو چوڏهن سالن جو هو پر هن کيس پنهنجي عمر تيرنهن سال ئي ٻڌائي. هن جيتوڻيڪ ڪوڙ ڳالهائڻ نٿي چاهيو پر هن ائين ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن ڇوڪريءَ جو ساٿ ڇڏڻ به نه ٿي چاهيو.
اٺن ۽ ڪارن موٽرن کي آخر شاهي روڊ تي بيهڻو پيو ته جيئن جنازو گذري سگهي. جيڪڏهن سيارو هجي ها ته ماڻهو احترام سان پير اگهاڙا ڪن ها، پر هي ته اونهارو هو. گرم، ساڙيندڙ اونهارو.
هڪ اوٺار کان شايد پنهنجي اٺ جي کل مان ٺاهيل ٽوپي، لاهڻ وسري وئي. هو شايد ڪافي وقت کان پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ جا گيت، ان جو مذهب ۽ رسم رواج وساري ويٺو هو.
بينڊ تان مارچ دوران غمگين ۽ اداس ڌن وڄي رهي هئي. ڪارن ۽ موٽرن جو لشڪر اداس هارن وڄائي رهيو هو. ميڙ ۾ موجود ڪيترائي ماڻهو روئي رهيا هئا، پار ڪڍي رهيا هئا.
ٿوري دير لاءِ هرڪو پاڻ کي يتيم بي يارو مددگار ۽ گنهگار سمجهڻ لڳو هو.
”جاگرافيءَ بابت تنهنجي ڇا راءِ آهي؟“
”ڪافي دلچسپ مضمون آهي.“ آئنا جواب ڏيندي مرڪي ڏنو. هو هڪ ٻئي کي ايترو پسند اچي ويا جو هنن جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ جو شوق وڌي ويو.
”مون کي قافلي جي اڳيان هلندڙ اٺ سڀني کان وڌيڪ پسند آهي. آئنا چيو.“
”آءٌ به ان کي پسند ڪريان ٿو.“ ٻنهي ساڳين ئي شين کي پسند ڪيو پي. کين خبر هئي ته ائين ڇو هو!
”هل ته ان اٺ کي ڀاڪر پايون!“ آئنا چيو.
”هل ته اسين پاڻ کي ان اٺ جي پيرن ۾ اڇليون.“ گائڪ چيو. پر هنن ائين ڪو نه ڪيو ۽ ائين ڪرڻ ماڻهن جو ڪم به نه هو.
”تون تصور به نٿي ڪري سگهين آءٌ ان اوٺار تي ڪيترو رشڪ ڪريان ٿو.“
”آءٌ پڻ“ آئنا ورندي ڏني.
”هو جڏهن به چاهي پنهنجي اٺ کي چمي ڏئي سگهي ٿو. ان تي سواري ڪري سگهي ٿو ۽ جي چاهي ته کيس دنيا جي آخري ڇيڙي تائين وٺي وڃي سگهي ٿو.“
”ها، ها جيڪي به چاهي ڪري سگهي ٿو.“
”هي پهريون دفعو آهي جو مون ههڙو خوبصورت اٺ ڏٺو آهي.“ آئنا چيو ۽ ٿڌو ساهه کنيو.
”مون به هن کان اڳ اهڙو خوبصورت اٺ ناهي ڏٺو. نه سرڪس ۾ نه ئي جانورن جي باغ ۾.“ گائڪ چيو.
ٿوري دير لاءِ هر ڪنهن هڪ ٻئي کي وساري ڇڏيو ۽ پنهنجي پنهنجي دنيا جي مستيءَ ۾ گم ٿي ويا.
ان کان پوءِ گائڪ اڳئين اٺ جي ڀر سان ويو، هن پيار مان مٿس هٿ ڦيرايو ۽ ڇڪ ڏيئي ان جي وارن جو ڇڳو پٽيو.
اوٺار هن جي حرڪتن کي ڏسي ورتو. هن اڻمٽ گهري نگاهه سان هن ڏانهن نهاريو. گائڪ ڏڪي ويو ۽ سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. وارن جو ڇڳو جنهن لاءِ کيس ايڏي تڪليف ڪرڻي پئي هئي، هن لاءِ ڪنهن خزاني کان گهٽ نه هو. هن ان خزاني جو اڌ آئنا کي ڏنو. اڌ ڇڳو ڏيڻ مهل هو ايئن ڪنبي رهيو هو ۽ سندس ساهه ائين سُڪي ويو هو، ڄڻ ته هو وارن جو اڌ ڇڳو نه پر، پنهنجي دل جو اڌ ڏيئي رهيو هجي ۽ آئنا اڌ ڇڳو، جيڪو هن لاءِ به خزاني کان گهٽ ڪين هو، حاصل ڪندي ائين ڪنبي رهي هئي ۽ سڄو ساهه ائين سڪي ويو هوس ڄڻ ته اهو وارن جو اڌ ڇڳو نه پر سندس دل جو اڌ حصو هجي.
ٻڍا ۽ جواڻ وٽن ڊوڙي آيا ۽ انهيءَ اڌواڌ دل مان ذري حاصل ڪرڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا ۽ اهڙيءَ ريت، انهن پنهنجي اڌواڌ دل هزارن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏي. ايتري قدر جو هنن وٽ هاڻ فقط هڪ هڪ وار وڃي بچيو هو.
اوچتو ئي اوچتو ٻه پوڙهيون عورتون سندن ويجهو آيون، جيڪي باقي بچيل وار وٺي روانيون ٿي ويون.
گائڪ ۽ آئنا گهٻرائجي هڪ ٻئي کي گهوري ڏسڻ لڳا ۽ هي جيڪي ڪجهه مٿن وهيو واپريو سو کين حقيقي ۽ خواب جيان غير حقيقي ڀاسڻ لڳو.
ٽڻ... ٽڻ... ٽڻ اٺ چڙا وڄائيندا ڏور وڃي رهيا هئا. ميڙ هاڻي وکري رهيو هو. سج الهي رهيو هو. چونڪن ۽ گهٽين تي مٽيءَ جون ڄڻ چادرون وڇائجي ويون هيون. گهرن ۽ وڻن تي گهم ڇائنجي ويئي هئي ۽ هي شام به گذريل سوَن شامن جيان لڙي رهي هئي.
”آءٌ اٺن جي وارن جي بدلي هزار روبل ڏئي سگهان ٿي.“ آئنا چيو.
”آءٌ اٺ جي وارن جي عيوض هر شيءِ ڏيئي سگهان ٿو.“ ائين چوندي گائڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.
”ڪير آهي جيڪو ائين ڪندو؟!“ ائين چوندي آئنا به ٿڌو شوڪارو ڀريو.
هو ٻئي اداس ۽ پريشان هئا. ڇاڪاڻ جو هنن وٽ ڪابه اهڙي قيمتي شيءِ ڪا نه هئي، جنهن جي بدلي اهي اٺ جا وار حاصل ڪري سگهن.
هڪ فوجي دستو گهٽيءَ ۾ مارچ ڪري رهيو هو. اهو نظارو پڻ دلچسپ ۽ وندرائيندڙ هو. اٺ وڃي چڪا هئا ۽ ٻارڙا گهٽيءَ ۾ لڳل تختي: ”ممنوع علائقو“ جي سامهون بيٺا هئا.
سپاهي مارچ ڪري رهيا هئا ۽ جوڀن سان ڀرپور ترانو ڳائي رهيا هئا. ڇوڪري انهن ڏانهن گل اڇلايا. گل انهن تائين نه رسيا پر رستي جي ڀرسان ئي ڪري پيا. سپاهين گلن جي وکري وڃڻ تي مرڪي ڏنو ۽ مارچ ڪندي لانگهائو ٿيا. سڀني کان پوئينءَ قطار ۾ مارچ ڪندڙ هڪ سپاهي، جنهن جون اکيون نيريون هيون ۽ ڦوهه جوان هو، جهڪيو ۽ گلن کي چونڊي انهن جي خوشبوءِ ساهه جي ذريعي اندر اوتي ۽ اڳتي نڪري ويل سپاهين سان ٻيهر شامل ٿيڻ لاءِ ڊوڙيو.
هاڻ هو ممنوع علائقو لنگهي آيا هئا.
”سپاهي ڪيڏانهن هليا ويا!؟“ آئنا حيرت وچان پڇيو.
اٺ ڪيڏانهن گم ٿي ويا؟“ گائڪ حيرت وچان چيو.
هن کان اڳ هنن ڪڏهن به پاڻ کي ايڏو اداس محسوس نه ڪيو هو. هنن اٺن کي پيار ڪيو ٿي ۽ ڄاتو ٿي ته اٺن به ساڻن پيار ڪيو ٿي ۽ چاهيو ٿي ته اهي سدائين هتي رهن.
پر کانئن شايد ڪا غلطي ٿي ويئي هئي.
”اٺ ڪهڙو رستو وٺي ويا؟“ ٻارڙن واٽهڙن کان پڇيو ۽ ڏسيل پاسي ڊوڙڻ لڳا.
”ڇا اهي شهر ڇڏي بيابان ۾ وڃن ته اتي ملي ويندا؟“
سج ڪافي وقت ٿيو جو لهي چڪو هو. سندن مٿان رڳو آسمان ڇانيل هو ۽ چوڏس خاموشي ئي خاموشي ڦهليل هئي.
ٻار تازي کيڙيل کيت مان گذريا. هن کان اڳ هنن ههڙي خوشبوءِ دار کليل ڌرتي نه ڏٺي هئي. هي ڌرتي کين ڪونڊين ۾ ڦٽل گلن ۽ شهر جي محلاتن ۽ چوُسولن کان بلڪل مختلف لڳي. هنن کي ٽِواٽي تي هڪ پير مرد ويٺل نظر آيو. اهو اندازو لڳائڻ مشڪل هو ته سندس عمر ڪيتري هئي. گائڪ هوريان هوريان سندس ويجهو آيو ۽ کانئس سوال ڪيائين: ”ڇا توهان هتان اٺ ويندي ڏٺا.“
”ها!“ پير مرد وراڻيو
”هو ڪهڙو رستو وٺي ويا؟“
”پهريون رستو توهان کي جلدي انهن تايئن پهچائيندو! ٻيو رستو دير لڳائيندو!! ٽيون رستو اوهان کي ڀلائيندو ۽ ڪٿي ڪو نه پهچائيندو!! پير مرد وراڻيو.
”ٽنهي رستن مان پهريون رستو ڪهڙو آهي؟“
پير مرد ڪو به جواب نه ڏنو ڄڻ گهري ننڊ کيس هنج ۾ ليٽائي ڇڏيو هجي.
ٻارن اکيون پوري هڪڙو رستو وٺي هلڻ شروع ڪيو. کين اها ڄاڻ ڪو نه هئي ته ڪو ورتل رستو کين اٺن ڏانهن وٺي ويندو يا رلائي ڇڏيندو. هلندي هلندي هو ساڻا ٿي پيا ۽ بيهي آس پاس نهارڻ لڳا. هنن پري کان جبل، انهن مان ڦٽي نڪرندڙ آبشار ۽ انهن تي بيٺل ساوا ساوا وڻ ۽ ٻوٽا ڏٺا ۽ هنن انهن جي اوٽ ۾ ڏٺا....
”اڙي اُٺ!!“
هو خوشيءَ وچان وحشين جيان رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ بي سرت ٿي اڳتي ڊوڙيا. اڃان هنن ٿورڙا ئي قدم کنيا هوندا جو هڪدم بيهي رهيا: ”اڙي هي ته اٺ ته ڪو نه آهن هي ته نائري جي قديم ڌرتيءَ جا جهونا ۽ قديم پهاڙ آهن. جيڪي ڊگهي قافلي جيان هڪ ڇيڙي کان ٻئي تائين ڦهليل آهن
***