نارنگيون
سياري جي هڪ جهڙالي شام جو آءٌ ريل جي سيڪنڊ ڪلاس دٻي ۾ ويٺو هوس ۽ ريل جي ڇٽڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس. حيرت جي ڳالهه اها هئي ته، دٻي ۾ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به مسافر ڪونه هو. پليٽ فارم خالي پيو هو ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي عزيز، مائٽ، يا دوست کان موڪلائڻ لاءِ ڪو نه آيو هو. پليٽ فارم تي مڪمل خاموشي ڇانيل هئي. پر ڪيڏي ڪيڏيءَ مهل ٻليءَ جي پونگڙي جو اُداس آواز ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. اهو سڀ ڪجهه منهنجي مزاج وٽان هو. سستي ۽ بيزاري، منهنجي وجود کي ڌنڌلي آسمان جيان وڪوڙي ويئي هئي. سستي به ايڏي جو ٿيلهي مان شام جي اخبار ڪڍڻ به ڪو نه ٿي پڳي.
ٿوري دير کان پوءِ سيٽي وڳي. آءٌ ڏاڍو ٿڪل هوس ۽ سيٽ کي ٽيڪ ڏيو، دريءَ جي شيشي مان ٻاهر نهاري، ريل جي ڇٽڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس. هاڻي ٻليءَ جو پونگڙو پنهنجي پوري قوت سان ميائو ميائو ڪري رهيو هو ۽ ان جي وچ ۾ رکي رکي گارڊ جي سيٽيءَ جو تيز ۽ چڀندڙ آواز پڻ اچي رهيو هو. مون کي پليٽ فارم ۽ ان تي موجود هر شئي کان نفرت هئي. هڪ ڇوڪري، جنهن جي عمر اٽڪل سورنهن سال هئي، سيڪنڊ ڪلاس گاڏي جو دروازو کولي، اندر ڌوڪي آئي ۽ ريل جهٽڪي سان آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو. پليٽ فارم ۽ اُن تي موجود سڀ قابل نفرت شيون، آهستي آهستي، منهنجي نظرن کان اوجهل ٿينديون ويون. مون انهيءَ عذاب مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ تي، سگريٽ دکايو ۽ ڇوڪريءَ تي اکيون کپائي ڇڏيون، جيڪا منهنجي سامهون ويٺي هئي.
هوءَ ٻهراڙيءَ جي ٻالي ڀولي ڇوڪري هئي ۽ منهنجي معيار ۽ مطالعي کان قطعي مختلف هئي. هن پنهنجي مٿي جي اڻڀن وارن کي ڳنڍيون ڏيئي پوپٽ جيان، گل ٺاهي ڇڏيو. هن جون سرديءَ سبب ڦاٽل ڳلون اڻ وڻندڙ لڳي رهيون ۽ ايتريون ته ڳاڙهيون هيون ڄڻ اُنهن کي ڪنهن هٿن سان مهٽي ائين ڪيو هجي. هن جي جهول ۾، هڪ وڏي هڙ رکيل هئي ۽ سندس پوتي ڪلهن تان هيٺ لڙڪي رهي هئي. هوءَ هڙ ۽ ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ کي پنهنجن سڪل ۽ گدلن هٿن ۾ ائين قابو ڪريو ويٺي هئي ڄڻ ته اُهي سندس آخري سهارو هئا. هن جي چهري ۾ جَهريون پيل هيون ۽ سندس ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل هئا. هن مون کي ذرو به متاثر نه ڪيو هو ۽ صفا ڄٽ ۽ جاهل ڇوري هئي جنهن کي، اها به خبر ڪو نه هئي ته ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ تي سيڪنڊ ڪلاس ۾ سفر نٿو ڪري سگهجي.
مون هن جي پريشان ڪندڙ وجود کي وسارڻ جي شعوري ڪوشش ڪندي، سگريٽ دکايو ۽ ٿيلهي مان اخبار ڪڍي، پڙهڻ شروع ڪئي. ريل گاڏيءَ جي تيز هلڻ سان، جهڪي روشنيءَ ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو ۽ تيز روشنيءَ ۾ اخبار جي سرخين مون ۾، انهن کي پڙهڻ جو اڻ ميو شوق پيدا ڪيو.
اخبار جي ڪالمن ۾ روزمره جي زندگي جا واقعا ۽ عام خبرون هيون. جهڙوڪ: اقتدار جا جهيڙا. امن جو مسئلو، گهوٽ ڪنوار جا نبيرا، رشوت جا ڪيس، ٽيجهي جو اطلاع ۽ طلاق نامه وغيره. ريل گاڏي جيئن ئي سرنگهه ۾ داخل ٿي ته، مون کي لڳو ته ريل ڄڻ پوئتي هلي رهي هجي. مون ان جي تصديق لاءِ شعوري طور پنهنجون نظرون هڪ سيٽ کان ٻي سيٽ ڏانهن ڊوڙايون.
ڇوڪري ساڳيءَ طرح منهنجي اڳيان چپ چاپ ويٺي هئي. مون کي لڳو ته دنيا جون سڀ ڪوجهايون ۽ برايون انسان جي روپ ۾ اچي منجهس سمايون هيون. مون کي هن کان ڪراهت اچي رهي هئي. ريل، سرنگهه، ڇوڪري، اخبار.......... مون کي سڀني کان نفرت ٿي رهي هئي. سڀ ڪجهه ٿڪائيندڙ ۽ نفرت لائق ئي ته هو. سڀني ۾ بيهودگي ۽ ڪميڻائپ کان سواءِ ڀلا ٻيو ڇا هو؟ مون اخبار کي واپس ٿيلهي ۾ رکي، اکيون بند ڪري، هن کوکلي دنيا کان پري، ٻي دنيا ۾ کوئجڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي.
ڪيترائي منٽ گذري ويا. اوچتو ئي هڪ اڄاڻ ڊپ جي احساس وگهي، منهنجيون اکيون کلي ويون. مون ڏٺو ته هوءَ پنهنجي جڳهه تان اٿي، منهنجي ڀرسان اچي ويٺي هئي ۽ نهايت بي خبريءَ مان، دري کولڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. دريءَ جو ڳرو فريم کولڻ جي ڪوشش ۾، سندس جهريون پيل ڳلون اڃا به وڌيڪ ڳاڙهيون ٿي ويون هيون ۽ هن جي سهڪ، جو آواز، ريل گاڏيءَ جي گوڙ ۾ به، آسانيءَ سان ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. مون کي هن جي انهيءَ حالت تي، ڪجهه رحم آيو.
پر مون ڏٺو ته، هاڻ اسين ٻي سرنگهه جي ويجهو پهچي چڪا هئاسين. جبل اسان جي ويجهو اچي رهيا هئا ۽ ايئن لڳو ٿي ته اُهي اسان جي مٿان چڙهي ويندا. ڇوڪري لڳاتار دري کولڻ لاءِ، ننهن چوٽيءَ جو زور لائي رهي هئي. مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته، هن دري ڇو کولڻ چاهي ٿي؟ مون کي سندس اهو انگل، ناگوار گذريو، ۽ مون سخت غصي ۽ ڪاوڙ مان نهاريو. پر هوءَ ان کان بي نياز، پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان دري کولڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئي ۽ پوءِ...... ريل گرجندڙ آواز سان سرنگهه ۾ داخل ٿي ۽ ساڳئي وقت دري به زوردار ٺڪاءُ سان کلي پئي. دريءَ جي کلڻ سان ڪاراٺ ۽ هوا، زوڪاٽ ڪندي ڌوڪيندي اندر آئي. ڪاراٺ ۽ دونهين، منهنجي منهن کي ڪارو ڪري ڇڏيو. منهنجو ساهه منجهڻ لڳو ۽ مون کي کنگهه ورائي ويئي. جيڪڏهن مون کي کنگهه نه ورائي ها ته، آءٌ کيس انهيءَ حرڪت جي عيوض، اهڙي زوردار ڇنڀ پٽيان ها جو عمر ڀر ياد ڪري ها. پر هن جي صحت تي ڪو به اثر نه پيو. هن ڳچي ٻاهر ڪڍي، سڌو ان طرف نهارڻ شروع ڪيو، جنهن طرف ريل هلي رهي هئي. هن جا اڻڀا وار، هوا ۾ اڏامي رهيا هئا. جلد ئي گاڏيءَ ۾ ڦهليل ڪاراٺ ۽ دونهون گم ٿي ويو ۽ ڌرتيءَ جي سيني تي ڦٽل ساون کيتن مان ايندڙ، تازي هوا گاڏي ۾ داخل ٿيڻ لڳي.
ريل سرنگهه مان نڪري، جبلن جي وچ ۾ اڏيل ڳوٺ جي ويجهو لنگهي رهي هئي. هاڻ ڳوٺ جي ڦاٽڪ جي ڀرسان ڪکايون جهوپڙيون ۽ انهن جي ڀرسان گندگي، صاف ڏسڻ ۾ پي آئي. ان ڦاٽڪ جي ڀرسان ٽي ڇوڪرا بيٺا هئا، جن جا ڪپڙا ڦاٽل، وار اڻڀا ۽ ڳلون ڦٽل هيون.
اهي سڀ ننڍڙا هيا. ۽ ائين ٿي محسوس ٿيو ته مسلسل کلئي آسمان هيٺ بيهڻ ڪري، سندن قد ننڍڙو ٿي ويو هو. سندن ڪپڙن جو رنگ به سندن اداس ۽ ڏکويل ڳوٺ جهڙو هو. جيئن ئي ريل اتان گذري، هنن گهوريندڙ اکين سان، اندر نهارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجا هٿ مٿي کڻي هوا ۾ لوڏيا ۽ پنهنجا چپ ننڍڙن پکين وانگر کوليا، ته جيئن هو پنهنجي وڌ ۾ وڌ قوت سان خدا حافظ چئي سگهن.
ان وقت ڇوڪري، جنهن پنهنجو اڌ جسم دريءَ کان ٻاهر ڪڍي رکيو هو، پنهنجون ٻاهون ڊگهيون ڪيون ۽ پنهنجا هٿ لوڏي کانئن موڪلايو، ۽ پوءِ........ آسمان مان انهن ڇوڪرن جي ڀرسان، چار پنج آسماني رنگ جهڙيون نارنگيون ڪريون. اهو منظر، مون کي ڪجهه وقت لاءِ سوچن جي ساگر ۾ کڻي ويو.
مون کي هاڻي سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو. ڇوڪري جيڪا شايد گذر سفر جي ڳولا ۾، پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ڪيڏانهن وڃي رهي هئي، پنهنجي جهول ۾ پيل نارنگيون پنهنجي ڀائرن ڏانهن اڇلايون، جيڪي حيرت ۽ آسوندي اکين سان، پنهنجي ڀيڻ کي خدا حافظ چوڻ لاءِ، ڦاٽڪ تي آيا هئا.
نما شام جي وقت، غريب ڳوٺ جو اداس ڦاٽڪ جتي، ٽي معصوم ٻارڙا، جيڪي ننڍڙن پکين سمان هئا ۽ نارنگيون، جيڪي هنن جي وڏي ڀيڻ انهن ڏي اڇليون هيون...... اهو سمورو منظر اک ڇنڀ ۾ منهنجي نظرن کان اوجهل ٿي ويو. پر منهنجي دل تي سدائين لاءِ، هڪ نه مٽجندڙ ڏنڀ ڏئي ويو.
مون کي هاڻ محسوس ٿيو ته، مون ۾ زندگيءَ جو وهڪرو موٽي آيو هو. مون کي زندگي هاڻ ڏاڍي پياري لڳي رهي هئي. مون حيرت مان، نوجوان ڇوڪريءَ ڏانهن ائين نهاريو ڄڻ، هوءَ ڪنهن ٻي مٽيءَ مان ٺهيل هجي. هاڻ، هوءَ منهنجي سامهون، پنهنجي سيٽ تي واپس وڃي ويٺي هئي. ۽ پنهنجي ڦٽل ڳلن کي رئي سان ڍڪي، ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ ۽ هڙ کي، پنهنجن هٿن ۾ ائين مضبوط جهليو ويٺي هئي ڄڻ ته اهو ڪو قيمتي خزانو هجي.
انهيءَ وقت مون کان ٿڪاوٽ وسري وئي. ۽ مون کي پنهنجي هٿ ٺوڪي بيزاري، اَڪارت ۽ واهيات زندگيءَ تي سخت نفرت ٿيڻ لڳي.
***