ڪھاڻيون

گوري گهاگهر ۽ گوندر

هي ڪتاب 15 پرڏيهي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ترجميڪار ناميارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڀون سنڌي آهي. هو لکي ٿو:
”ترجمو تخليقي ادب ۾ اچي ٿو يا نه. ان بحث ۾ آءٌ پوڻ نه ٿو چاهيان. پر مان ڄاڻان ٿو ته ترجمو ڪرڻ لاءِ ڪهڙين ڀوڳنائن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. سڀ کان پهرين ڪهاڻين جي چونڊ، جنهن لاءِ انيڪ ڪهاڻيون پڙهڻيون پون ٿيون پوءِ اُنهن مان پنهنجي ماحول، حالتن ۽ مزاج سان ٺهڪي ايندڙ ڪهاڻين جي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي. اُن کان پوءِ ترجمي ڪرڻ مهل اهو به خيال رکڻو پوي ٿو ته جنهن ماحول مان اها ڪهاڻي کنئي وئي آهي اُن سان نا انصافي نه ٿئي ۽ ساڳئي وقت اُن کي پنهنجي ماحول ۾ اهڙي ريت سموئجي جيئن اوپرائپ جو احساس به نه ٿئي. هر ٻولي جي پنهنجي سونهن آهي ۽ اُن جي محاورن جي پنهنجي بيهڪ آهي، ترجمي ۾ خاص طور تي ٻولي ۽ محاورن جي بيهڪ کي پنهنجو روپ ڏيڻ جبل چوٽي سر ڪرڻ کان گهٽ ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته محسوس ٿيندو آهي ته ترجمو ڪرڻ پنهنجي تخليقي پورهئي کان به وڌيڪ ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1689
  • 582
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گوري گهاگهر ۽ گوندر

هوءَ ڪير هئي؟

[b]ڪرچ آرمين
[/b]
آءٌ بنا ڪنهن مقصد جي، ايئن ئي روڊ تي پسار ڪري رهيو هوس ته ڪنهن پويان سڏ ڪيو. ”روبن!“
مون پويان نهاريو. ڏٺم ته هڪ ڇوڪري، مون ڏانهن ڊوڙندي اچي رهي هئي. هوءَ قد جي پوري پني، ۽ عمر ۾ مون کان ٻه سال کن ننڍي ٿي لڳي. سندس انگ انگ ۾ جوڀن جي بهار جهلي ٿي ۽ سندس چهري تي، معصوم ٻار جيان مرڪ هئي. مون کي پڪ هئي ته مون هن کي اڳي به ڪٿي ڏٺو هو. پر ڪٿي؟ هوءَ ڪير هئي.؟؟
”ڇو روبن“ هن چلولائيءَ واري انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ٻارن جيان ڪتڪتائي ڪرڻ لڳي. آءٌ توکي ڪيتري عرصي کان ڳوليندي رهي آهيان! تون ان جو تصور به ڪري نٿو سگهين!“
”ها!“ مون وراڻيو ۽ ذهن تي گهڻو زور ڏنو ته من، سندس نالو ذهن تي تري اچي، منهنجي ڪوشش اجائي وئي.
”آءٌ گذريل پنجن ڏينهن کان هتي آهيان، هاڻ جڏهن واپس وڃي رهي آهيان، ته تون مليو آهين. پر ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ تون يقين ڪر، مون توکي ڏاڍو ڳوليو. تنهنجو ڏس تنهنجي منهنجي ڏيٺ وارين ڇوڪرين کان پڇيم، پر ڪنهن به تنهنجو ڏس پتو ڪو نه ڏنو.“
سندس ايتري پنهنجائپ ۽ پيار ڀريي لهجي مان ظاهر هو ته، مون کيس چڱيءَ پر سڃاتو ٿي. منهنجي ساڻس هڪ ڀيرو نه، پر ڪيترا ڀيرا ملاقات ٿي چڪي هئي. ايتري ڏيٺ هوندي به، آءٌ کيس ايترو جلدي ڪيئن وساري ويٺس؟ ايتري قدر جو مون کي، سندس نالو به ياد ناهي رهيو. منهنجي زندگي ۾ آيل ڇوڪرين ۾ هوءَ سڀني کان وڌيڪ سندر ۽ ڪامڻي هئي. پوءِ به منهنجي ذهن تان ميسارجي ڪيئن وئي؟
”پنهنجي خبر ڪر“ سندريءَ پڇيو. ”تو اهو وقت ڪيئن گذاريو؟ هاڻ ڇا پيو ڪرين؟؟ ڪجهه سڌريو به آهين يا اڃا اهڙو ئي شرارتي، چريو چرٻٽ ۽ ڀوڪ بصر آهين.؟؟؟ جاني مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، جو منهنجي روانگيءَ ۾ ٻه ڪلاڪ هئڻ سبب آءٌ توسان گهڻو وقت نٿي گهاري سگهان.“
هوءَ ائين ڳالهائي رهي هئي، ڄڻ اسان جي پاڻ ۾ ڪا صدين جي ڏيٺ ويٺ هجي. سندس ايتري پنهنجائپ مون ۾ بي اختيار کيس چمي ڏيڻ ۽ ڀاڪر ۾ وٺڻ جي خواهش پيدا ڪئي. ڇا آءٌ ڪنهن وقت ۾، کيس پيار نه ڪندو هوس.؟ ۽ شايد ان کان پوءِ جي عرصي ۾ آءٌ کيس ٻيهر پيار ڏئي نه سگهيس. هوءَ هڪ اهڙي مومل هئي، جنهن جي عشق ۾ توهان کي هر حالت ۾ راڻي بنجڻ جو شوق پيدا ٿي سگهيو ٿي ۽ مون کي سندس نالي تائين جي به خبر نه هئي. آءٌ انهيءَ دوشيزه جو، جنهن مون کي ايترو پيار ڪيو ٿي، ڀلا ڪيئن نالو پڇي سگهيس ٿي. مون نٿي چاهيو ته هوءَ منهنجي ڪنهن به حرڪت سبب ڪاوڙجي وڃي يا سندس ڪومل جذبن کي گهاءُ رسي.
ڀلا مون کي سندس نالي پڇڻ مان ورندو به ڇا؟ ڪجهه به نه، ته پوءِ بهتر ائين ٿيندو ته جيئن صورتحال آهي تيئن ئي رهڻ ڏجي. ٿي سگهي ٿو ته ڳالهين وچ ۾، هوءَ اُهو ڪجهه ڳالهائي، جنهن مان سندس نالي ۽ ڏس پتي جي سڌ پئجي وڃي. پر هن سڄي گفتگو دوران پنهنجي متعلق ڪجهه به نه ڳالهايو. هن کي فقط ۽ فقط مون ۾ دلچسپي هئي ۽ هوءَ فقط اهو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ اتاولي هئي، جيڪو مون ڳالهائڻ چاهيو ٿي.
”روبن! ڪجهه ته ڳالهاءِ. تون ايترو جلدي ڇو بدلجي ويو آهين؟ اڳوڻن ڏينهن ۾ تون ڏاڍي يخي هڻندو هئين. مون کي تنهنجو اهو انداز ڏاڍو پسند هو. ڇا تون منهنجي لاءِ اهو ساڳيو چريو چرٻٽ ۽ يخي باز ٿيڻ پسند نه ڪندين؟“ ”اوهه!“ هن ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو ڳالهائڻ بند ڪيو. ٿوري دير رکي هن وري ڳالهايو.
”ڇا مون توکي کوٽي ته نه ڪيو. متان توکي ڪيڏانهن وڃڻو هجي.“
”نه، نه....“ مون تڙتڪڙ ۾ وراڻيو.
”مون کي معاف ڪجان جو آءٌ ههڙي نموني توتي چٽي ٿي آهيان، پرين! آءٌ ڪڏهن به ائين نه ڪريان ها، جيڪڏهن تنهنجي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها. مون سان هٿ ۾ هٿ ڏي. ڀلا ايڏيون تڪڙيون ۽ وڏيون وکون ڇو ٿو کڻين؟ ڪهڙي تڪڙ پئي اٿئي؟ جاني! مون سان گڏ گڏ هل.“
مون ساڻس پير پير سان ملائي هلڻ شروع ڪيو، پر ٿوري ئي دير ۾ محسوس ڪيم ته، مون اهو ٺيڪ نه ڪيو. جيتوڻيڪ منهنجو ڪو به پيڇو نه ڪري رهيو هو، پر پوءِ به آءٌ ڏاڍو شڪي ٿيس.
مون ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي، پر مون ڇا چوڻ چاهيو ٿي؟ مون کي جيڪڏهن سندس پسند، ناپسند جي ٿوري به ڄاڻ هجي يا اها خبر هجي ته آءٌ جنهن سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو اها ڪير آهي ته به آءٌ ڪجهه ڳالهائي سگهان، پر مون کي ته هن بابت ذري به ڄاڻ ڪانهي.
هوءَ چوي ٿي ته ڪجهه نه ڪجهه ڳالهاءِ. ٺيڪ آهي، پر آءٌ ڇا ڳالهايان؟ آءٌ ته کيس سڃاڻان به ڪو نه ٿو. آءٌ انهيءَ مسئلي تي اڃا سوچي رهيو هوس ته هوءَ بيهي رهي.
مون کي سامهون واري گهر ۾ وڃڻو آهي. تون منهنجو اتي انتظار ڪر. مان جلدي واپس ٿي اچان. ڏس! جاني هليو متان وڃين.“
هوءَ گيٽ مان داخل ٿي، اندر ويئي. اهو گيٽ باغ ۾ کليو ٿي ۽ باغ جي ڀرسان ڪافي گهر هئا. مون کي خبر نه پيئي ته هوءَ ڪهڙي گهر ۾ ويئي. نه ته جيڪر آءٌ ٻئي ڏينهن ان گهر ڌڻيءَ کان پڇان ها ته اها ڇوڪري، جيڪا هڪ ڏينهن اڳ اوهان وٽ آئي هئي، سا ڪير هئي؟
ڏهه منٽ گذري ويا، پر هوءَ نه وري. شايد هن کي مون بابت قائم ڪيل تصور جي اصل ڄاڻ پئجي چڪي هئي. يا شايد شراب جي نشي ۾ ڌت هوءَ ڀلجي مون کي پنهنجو محبوب سمجهي ويٺي هئي؟ پر هن جي ڳالهائڻ مان لڳو ٿي ته هوءَ نشي جي حالت ۾ ڪونه هئي. هن جي ڳالهائڻ جي انداز ۽ چهري تي اڀرندڙ تاثر ۾ صداقت صاف نظر اچي رهي هئي.
ويهه منٽ گذري ويا، پر هوءَ نه موٽي. آءٌ پاڻ کي يقين ڏيارڻ لڳس ته، هوءَ ان قسم جي ڇوڪري ڪانه هئي، جنهن بابت مون هن اوچتي ملاقات ۾ تصور ڪيو هو. مون کي شايد ڀل ٿي هئي مون ان گيٽ تي آخري نظر وڌي، جنهن مان لنگهي هوءَ اندر گم ٿي ويئي هئي ۽ آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيم. مون کي اها سڌ ئي نه رهي ته آءٌ ڪيڏانهن وڃي رهيو هوس. آءٌ ان طرف مڙيس، جتان آيو هوس. شايد آءٌ حقيقت ڏانهن موٽي رهيو هوس.
”روبن!“ مون پويان نهاريو. ساڳي سندري مون ڏانهن ڊوڙندي اچي رهي هئي.
”هون!ته تون مون کان لڪي ڀڄڻ ٿو چاهين. ايئن نه؟“
”نه! نه!!“ ايئن وراڻيم ڄڻ ته مون کان ڪو ڏوهه ٿيو هجي يا مون ساڻس ڪو دوکو ڪيو هجي.
”آءٌ ويس ٿوروئي ٿي بس ايئن ئي پسار ڪندي پاڻ کي وندرائي رهيو هوس.“ سندس پيار ۾ ڪيڏي نه سچائي هئي!
”روبن! منهنجي ڪري توکي گهڻو انتظار ڪرڻو پيو. انهيءَ لاءِ معاف ڪجانءِ ۽ ها..... مون کي تمام گهڻي دير ٿي ويئي آهي ان ڪري آءٌ تنهنجي لاءِ ڪجهه خريد به نه ڪري سگهي آهيان.“
اسان هڪ پاسي ٿي بيهي رهياسين. هن ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي، پر بس اچڻ سبب چئي نه سگهي.
”ڏس! منهنجي بس به اچي ويئي. مون کي هٿ لوڏي الوداع نه چئجانءِ، جيڪڏهن مون کي ڪنهن توسان ڏسي ورتو ته دڙڪا ڏيندو. ڪيڏي نه بدنصيبي آهي، جو گذريل پنجن ڏينهن ۾ آءٌ گهڻي ڳولا جي باوجود توکي پائي نه سگهيس ۽ وري جي مليو آهين ته اهڙي وقت ۾، جڏهن منهنجي اُسهڻ جو وقت ڀرجي آيو آهي. پيارا روبن! پنهنجي صحت جو ضرور خيال رکجانءِ.“
بس جي پائيدان تي پير رکڻ کان اڳ هن پوئتي نهاريو ۽ رڙ ڪري چيو ”جاني خط ضرور لکجانءِ! ائڊريس جي ته توکي خبر ئي آهي. جي تو پهرين خط نه لکيو ته آءٌ توکي زندگيءَ ڀر خط نه لکنديس.“
آءٌ ذري گهٽ ڪرڻ تي هوس، جو بس جو دروازو بند ٿيو ۽ بس هلڻ شروع ڪيو. اها منهنجي ننڍڙي ڪائنات جي پراسرار ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي هئي، جنهن جو آءٌ اڄ تائين انت پائي نه سگهيو آهيان.
سندري رواني ٿي ويئي. مون کي هوءَ ان کان پوءِ وري ڪڏهن ڪٿي به نه ملي ۽ نه ئي هن بابت ڪا خبر به پيئي. پر هوءَ منهنجي لاشعور ۾ سدائين لاءِ محفوظ ٿي ويئي. هن کي آءٌ هيلتائين به وساري نه سگهيو آهيان. جيتوڻيڪ هن جي مون کي ڪابه ڄاڻ ڪونهي ته هينئر ڪٿي آهي.
ڪافي سال گذري چڪا آهن. سچو پيار منهنجي جيون ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هيلتائين آءٌ گهڻين عورتن جي صحبت ۾ رهيو آهيان، پر گهڙيءَ کن لاءِ آءٌ خود حيرت ۾ پئجيو وڃان ۽ مون کي اها سندري اڄ به انهن سڀني عورتن ۾ اُتم ڀاسي ٿي. اها ڪامڻي، جنهن بابت آءٌ ڪجهه به نٿو ڄاڻان، مون کي اڄ به انهن عورتن کان مٿانهين ٿي ڀاسي، جن سان منهنجي ڏيٺ ويٺ آهي.
شايد منهنجي زندگيءَ جو اهو سڀ کان اُتم پيار آهي. جيتوڻيڪ آءٌ کيس صفا ڪونه سڃاڻان، پر هڪ ڳالهه هينئر به بنهه صاف آهي ته:
آءٌ اڃان تائين به ان سندريءَ جي تلاش ۽ اوسيئڙي ۾ آهيان، جيڪا منهنجو انتظار ڪندي هئي ۽ مون کي ڳوليندي وتندي هئي.
تون ڪٿي آهين؟ مهرباني ڪري تون مون کان انهيءَ ڪري ناراض نه ٿي، جو مون توکي خط ناهي لکيو. مون کي تنهنجي ائڊرس ياد ناهي. مون کي تنهنجو نالو وسري ويو آهي. سچ پچ ته مون کي تون وسري ويئي آهين. جيتوڻيڪ آءٌ انهيءَ کي پنهنجي توهين ٿو سمجهان، پر اها حقيقت به ته آهي. ۽ ها...... جڏهن ته تون ڄاڻين ٿي ته مان چريو چرٻٽ ۽ ڀوڪ بصر جو به آهيان. مون کي ڀوڪ بصر ۽ چريو چرٻٽ سمجهي معاف ڪر جو مون تو جهڙيءَ سندريءَ کي وساري ڇڏيو ۽ ها توکي وسارڻ جي سزا آءٌ خاموشيءَ سان ڀوڳي رهيو آهيان ۽ آءٌ پنهنجي زندگيءَ جي باقي عرصي ۾ توکي وساري نه سگهندس. مون کي تنهنجو سدائين اوسيئڙو رهندو ۽ ڇا اها گهٽ سزا آهي؟
تون مون تي مهربان هئينءَ، تنهنجو مون سان سچو پيار هو ۽ آءٌ وڏي واڪي چوان ٿو: ”هاڻي يا مستقبل ۾ ڪهڙيون به حالتون رهن، تون ايئن ئي منهنجي دل تي ڇانيل رهنديئينءَ. تون منهنجي هر ساهه ۾ سمايل رهنديئينءَ. منهنجي من مندر ۾ سدائين تنهنجو واسو رهندو ۽ ٻڌ، تون جيڪڏهن اوچتو ڪنهن گهٽيءَ ۾ يا ڪنهن رستي تي مون کي ڏسي وٺين ته، مون کي پنهنجي نالي (روبن) سان سڏ ڪجانءِ ۽ ان وقت آءٌ خاموشي اختيار نه ڪندس. ان وقت آءٌ توکي هزارين دلچسپ ۽ نيون نيون ڳالهيون ٻڌائيندس، پر سڀ کان پهرين، آءٌ توکان هڪڙو سوال ضرور ڪندس:
”پر........ تون ڪير آهين؟ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

***