سعديءَ جي آخري بهار
[/b]بهار اچي چڪي هئي.
هي انهن بهارن مان هئي. جيڪي، ڌرتيءَ کي نئون روپ ۽ نئون جوڀن ڏين ٿيون. ڏکن ۽ خوشين جو شاعر سعدي هن قسم جون سؤ بهارون ڏسي چڪو آهي
سعدي انهي ڏينهن ننڊ مان صبح جو سوير اٿيو. هو رونالبد نديءَ جي ڪناري تي جڙيل باغ ۾ ويو، ته جيئن هو بلبلن جا گيت، جن ۾ بهار جي سوڀيا ۽ سندرتا جو ذڪر هو، هڪ دفعو وري ٻڌي سگهي.
هن جون نظرون شيراز جي کيتن ڏانهن کڄي ويون. هن ڏٺو سڄو باغ، قدرت جي حسين گلاب جي گلن سان جهنجهيو پيو هو، جيڪي ڪوهيڙي جو گهونگهٽ اوڍيو، اسر جي گهري ننڊ ۾ ستل هئا.
سعدي موتئي جي گلن جي ڀرسان، ڇٻر تي ويهي رهيو. هن کن پل لاءِ گلاب جي مکڙيءَ کي هٿن ۾ لوڏيو ۽ دل ئي دل ۾ ڀڻڪيو: ”گلاب جي مکڙي صبح جي ٿڌڙي هير لاءِ پنهنجا چپ ائين کولي ٿي، جيئن ڪا ڪنواري سندري پنهنجي من گهرئي محبوب جي ڀاڪر ۾ مرڪي ڏي.“
جيتوڻيڪ سعدي هاڻي ٻڍو ٿي چڪو هو ته به هو ۽ سندس روح اڌ بند ڪنن ۽ اکين جي ذريعي، حيرت ۾ وجهندڙ واقعن ۽ دنيا جي روپ سروپ کي، اڄ به چڱيءَ پر محسوس ڪري سگهيو ٿي. اڄ به سندس روحاني ۽ مقدس شاعريءَ ۾، ڏورانهين خاموشي، ۽ گيتن جو پڙلاءُ، ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. زمرو خط پکي، جيڪو تارن جي بادشاهي ۾ ڪوهه ڪاف جبل جي چوٽيءَ تي پنهنجو آکيرو اڏيندو آهي، تنهن اڄ به ساڻس ڳالهايو ٿي.
چمڪدار اکين ۽ ڀورن پرن وارين بلبلن اڄ به سندس دلفريب رباعيون ڳايون ٿي، جن ۾ اڄ به اوتري پيار جي گرمي ۽ مستي محسوس ٿي ٿي.
اڳي جيان اڄ به انهن گيتن سعديءَ جي من ۾ اهو ئي مانڌاڻ ٿي پيدا ڪيو. اڄ به اهي رباعيون ۽ گيت، سندس دل ۾ پڙاڏي جيان گونجيا ٿي.
اڄ به صبح جي ٿڌڙي هير لڏندڙ ۽ لمندڙ گلن کي، ڪنواري دوشيزه جيان چمي ڏيئي مرجهايل گلن جا سلام ٿي ڏنا ۽ سعديءَ جو روح، پيار جي انهيءَ انوکي اظهار کي، اڄ به سمجهي سگهيو ٿي.
”هڪ پيار ڀري دل ئي قدرت جي ٻولي کي صحيح نموني سمجهي سگهي ٿي. دنيا سرسنگيت سان ڀريل آهي. ۽ سندس سونهن لافاني آهي.“ هن کي پنهنجا اهي لفظ ياد آيا، جيڪي هن گهڻو اڳ چيا هئا. جن کي بلبلن پنهنجي مٺڙي آواز ۽ حسين گلن پنهنجي من موهيندڙ خوشبوءَ جي ذريعي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي ڇڏيو هو.
ائين سوچيندي هن پنهنجيون اکيون پوري ڇڏيون ۽ هن کي ائين لڳو ڄڻ ساري سنسار جو عڪس سندس دل جي آئيني ۾ سمائجي چڪو آهي، هن کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ دنيا، سندس دل ۾ موٽي آئي آهي.
هن جي اکين اڳيان، هينئر به هندستان جون خاموش نديون ڦرڻ لڳيون، جيڪي ڪنول جي ڪومل گلن سان سٿيون پيون هونديون هيون.
هن کي ياد آيا اهي هاٿي، جيڪي جهنگل ۾ بلڪل وائڙا وائڙا ۽ مايوس نظر ايندا هئا. هن جي ذهن تي تري آيا دهليءَ جا سونا محلات، جن ۾ رهندڙ سندرين کي وارن ۾ ڪرمچي گل لڳل هوندا هئا.
هن طوران جا طوفاني ميدان به ڏٺا هئا ۽ اهي ارڏا انسان پڻ، جيڪي چمڪندڙ تلوارن سان طوفان جي پرن تي، آسمان ۾ اڏامندا هئا.
هن جي ذهن جي پردي تي ڦري رهيا هئا بيابان، ۽ نٽهڻ اُس ۾ هرڻن پٺيان ڊوڙندڙ شڪاري، ۽ انهن مٿان لامارا ڏيندڙ سرڻيون.
هن ڊگها ۽ نه کٽندڙ قافلا پڻ ڏٺا هئا، جيڪي چڙا وڄائيندا، عبادت ڪندا ۽ ڳائيندا مڪي ڏانهن وڃي رهيا هئا.
هن جي دل تي تري آيا مصر جا مشهور احرام ۽ حيرت ۾ وجهندڙ عجب اسرار، هن کي ياد آيو نيرو ۽ اٿاهه ساگر، هن کي ياد آيون دمشق جون بخمل جيان نرم نازڪ دوشيزائون، جيڪي پنهنجي ريشمي بدن ۽ ڪومل ٻانهن سان، کيس ڀاڪر ۾ ايئن سمائينديون هيون جيئن ڳچيءَ ۾ هار.
سعدي هڪ ٿڌو ساه کنيو ۽ پنهنجي پوريل اکين کي پٽي مٿي نهاريو.
”افسوس منهنجا هڪ سئو سال، هڪ حسين ۽ پياري خواب جيان گذري ويا. زندگيءَ جا هڪ سئو سال، هڪ پل ۾ گذري ويا. ائين ڄڻ هو هڪ رات جو کيل يا تماشو هو. توهان جيڪي منهنجون ڪوتائون، مٺڙيون بلبلون، گلاب جون حسين پنکڙيون، ۽ نرم نازڪ دلفريب ۽ خوشي بخشيندڙ دوشيزائون آهيو، توهان سڀ منهنجيون انهيءَ عرصي دوران محبوبائون رهيون. توهان جو هن سڄي عرصي ۾ مون سان بيحد پيار ۽ ساٿ رهيو!“
صبح جي سج باغن، گلن، گاهن ۽ پهاڙن کي روشن ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن سج، ڪنهن اڻڄاڻ منزل ڏانهن روانو ٿي ويو ته رات، انهن سڀني جي مٿان هيرن جڙيل چادر پکيڙي ڇڏي.
جيئن ئي هن نيري آسمان ۽ سج جي سونهري روشنيءَ ۾، اڏامندڙ پکين ڏانهن نهاريو، هو خيالن جي اونهي ساگر ۾ هليو ويو. هن انهن ڏي عجب ۽ حسرت ڀرين نگاهن سان نهاريو ۽ بي اختيار چئي ڏنائين:
”بيشڪ دنيا عجيب ۽ پراسرار آهي. هڪ سندر ۽ دلچسپ ڪهاڻي آهي. هن جي سونهن لافاني ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي.“
هن دنيا جي عجب اسرارن تي وري ڳالهايو. ”دنيا کي آئون هر روز ڏسان ٿو. ۽ هر روز اها مون کي نئين ڀاسي ٿي. ۽ ايئن لڳي ٿو ڄڻ آءٌ دنيا کي، پهريون دفعو ڏسي رهيو هجان. دنيا، جيتوڻيڪ کليل ڪتاب آهي، پر تڏهن به حيرت ۾ وجهندڙ آهي. دنيا جيتوڻيڪ پراڻي آهي، ته به نئين ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سدائين جوان جماڻ ۽ لافاني جوڀن سان ڀرپور. منجهس لافاني حسن آهي. جنهن جو، ڪنهن سان به مقابلو نٿو ڪري سگهجي.“
سعدي دنيا تي هڪ دفعو وري نظر وڌي، هن کي ان جا گهڻا ڪارج ۽ عجب ڪرشما نظر آيا. هن جي ذهن تي تري آيا ٻه ڪبوتر، جيڪي ڳاڙهي مرجان جهڙن پيرن سان، چراگاهه تي چڳي رهيا هئا ۽ گهوگهو ڪري رهيا هئا ۽ سعدي ٻيهر ڏاڍيان ڳالهائڻ شروع ڪيو:
”دنيا سندر آهي ۽ موهي ٿي ۽ اُن ۾ موجود هر شئي، نظر نه ايندڙ جادوگرياڻيءَ جي هٿ ۾ جهليل جادوئي لٺ جي تابع آهي ۽ ان جادوگرياڻيءَ، جادوئي لٺ جي ذريعي سڄي دنيا کي، حسين پرين ۽ خوبصورت دوشيزائن جي آکاڻي ۾ منتقل ڪيو آهي.“
پر! سعديءَ جي خيالن ڦيرو کاڌو. ”دنيا تباهيءَ ڏانهن وڃي ٿي، ٽڪرا ٽڪرا ٿئي ٿي، ۽ تبديل ٿيندي رهي ٿي، پر جيڪي ڪجهه، وري تخليق ٿئي ٿو ۽ هن شاندار دنيا ۾ ٻيهر تعمير ٿئي ٿو، ڇا اهو هن عجيب اپسرائن جي عجيب آکاڻيءَ جو ورجاءُ ناهي؟ اها ڪهڙي قوت آهي، جيڪا هرڻ جي دل، پيار ۾ ماندي ٿي ڪري ۽ کيس اُڀن پهاڙن تي چڙهي، انهن سان سڱ ٽڪرائڻ تي مجبور ٿي ڪري؟ اهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو گلاب جي گلن کي خوشبو ورهائڻ لاءِ اڀاري ٿو؟ اهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو ماڻهوءَ کي اڻڄاتل دائري مان ڪڍي ٿو ۽ کيس رت ۽ گوشت حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڪ ٿو ڪري ته جيئن هو سوچي سگهي ۽ پريشان زندگي نه گهاري؟؟؟“
سعديءَ جي سوچ ۾ اڃا ولولو آيو. ”اهو ڪهڙو اُڌمو آهي جيڪو ماڻهوءَ کي سندس خواهشن جي تڪميل لاءِ اڳتي آڻي ٿو ۽ منجهس جيئڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿو ۽ کيس موت کان نفرت ٿو ڏياري.“
”او پيارا! منهنجا محبوب!! تون هڪ اهڙي قوت آهين، جنهن تي فتح پائي نه ٿي سگهجي. او خوبصورت وحشي!! آءٌ توکي ازل کان سڃاڻان ٿو، پر اڄ تائين تنهنجو انت نه لهي سگهيو آهيان ۽ نه ئي سروپ ماڻي سگهيو آهيان.“
سعديءَ کي اندر جي انسان ٻڌايو ته هيءَ ان جي آخري بهار هئي.
هن جي آخري بهار!
باغ جو دروازو کليو. صبح جي ٿڌڙي هير سان گڏ سعديءَ جي محبوبا، جيڪا اڪثر وٽس ايندي هئي، اندر داخل ٿي.
هن جي شرابي چپن ۽ اگهاڙين سفيد ٻانهن هميشه سؤ ساله شاعر جي بي آرام ۽ اونداهي راتين کي روشن ڪيو هو.
سعدي کيس هميشه پنهنجي ڦوهه جواني، ۽ اٿاهه مرڪندڙ دل سان چاهيو هو. هن کيس گلستان جي لافاني ڪوتا ۾ محفوظ ڪيو هو.
نزهت هن ڏانهن گلاب جي گلن سان ڀريل هٿ وڌايا، ۽ کيس خوشبودار گلن جيترو پيار ڏنو.
شاعر اداس نظر اچي رهيو هو. اداسي ۽ پيڙا، سندس هيڊن چپن تي پڌري هئي.
”او شاعر! تون اداس ڇو آهين. او فاني دنيا جا مرڪندڙ رهواسي! تون ڇو دکي آهين.“
سعدي خاموش رهيو.
”آءٌ تنهنجي خاموشي ۽ گهنڀيرتا کي پيار ڪريان ٿي، او سعدي؛ تنهنجي اداسيءَ ۾ خاموشي ۽ ڏاهپ سمايل آهي. ڇا تنهنجي پوتر زبان اهو چيو ناهي ته املهه موتي ۽ هيرا زخمن مان جنم وٺن ٿا؟ مون کي تنهنجا چيل لفظ اڄ به ياد آهن ته لوبان جيترو وڌيڪ سڙي ٿو، اوتري ئي سندس سڳنڌ چوڏس ڦهلي ٿي ۽ دل کي وڻي ٿي.“
سعدي پنهنجي محبوبا ڏانهن هيڊي مرڪ مرڪندي گهوري نهاريو.
”ڏس مون توکي پنهنجي باغ مان گلاب جا بخمل جهڙا نرم، نازڪ ۽ ڪومل گل پٽي ڏنا.“
هن سعديءَ مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۽ شاعر جي اداس چهري کي لسين ۽ روشن آڱرين سان ڇهيو.
”او آڪاش جي اپسرا! تون مون کي جيڪي گلاب جا گل ڏيندي رهي آهين، انهن کان وڌيڪ سندر گل دنيا ۾ ناهن ۽ انهن جي سڳنڌ ڪڏهن به جهڪي نٿي ٿئي. ۽ اهي ڪڏهن به ڪومائجن نٿا.“
ها! اهو سعدي جيڪو گلن جي پياري ۽ وڻندڙ خوشبوءِ جو واس پنهنجي اندر ۾ اوتي ٿو، اهو انهن جي ننڍڙي زندگي تي ڀلا ڇو سوچي.؟ جڏهن گلن جي خوشبو تنهنجي هر ساهه ۾ رچي ويندي ۽ ان جو توتي غلبو ٿي ويندو، ته توکي اهو ياد به نه رهندو ته، گل ته گهڻو اڳ ڪومائجي چڪا آهن.“ نزهت شاعر جي چيل رباعي پنهنجي چانديءَ جهڙي آواز ۾ دهرائي. جيئن ئي هن پنهنجا واسينگن جهڙا وار، سعديءَ جي چهري تي ڦهلائي ڇڏيا، ته باغ مان وڻندڙ ۽ خوشبودار هير لڳڻ شروع ٿي، جيئن ئي سعديءَ پنهنجا ڏڪندڙ هٿ، نزهت جي وارن ۾ گهمايا ته آسمان مان انڊلٺ جهڙا کنڀ ڦڙڪڻ لڳا. اهي کنڀ زمرو خط پکيءَ جا هئا، جيڪو آڪاش ۾ اڏامي رهيو هو.
۽ سعدي پنهنجي روح جي اٿاهه ساگر ۾ ٽُٻي هنئي. دنيا هڪ خوبصورت پرستان جي آکاڻيءَ جيان، سندسن اکين اڳيان ڦرڻ لڳي، ان کان پوءِ هن پنهنجي پياري دوشيزه جي روشن چهري، ۽ شفاف مرڪ تي نظر وڌي. سندس اکين مان ٽمندڙ لڙڪن سندس پراڻي دل کي ڀسم ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ هن پنهنجي محبوبا جو هٿ پنهنجي چپن جي ويجهو آندو ۽ کيس چمي ڏيئي پنهنجي تڙپندڙ ۽ ڦٿڪندڙ دل جي ويجهو زور سان هٿن ۾ دٻائي رکيو.
”او ديوي! منهنجي شاعري! گلستان جي آخري صفحي تي پنهنجي ڪومل هٿن سان منهنجا هي آخري لفظ لک!“
”اسين پنهنجين خواهشن لاءِ پيدا نه ٿيا آهيون، اسين عجب اسرار ۾ جيون گهاريون ٿا ۽ رنج ۽ پيڙا ۾ مرون ٿا.“
***