ازلي اُڃ
[/b]
هن آهستي آهستي اکين جا ڇپر مٿي کنيا ۽ آس پاس نهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هو اڃا مڪمل طور هوش ۾ ڪو نه آيو هو. هن جي جسم ۾ ڄڻ ته ساهه ئي ڪو نه هو. هو ٻيلي مان ايندڙ ڌماڪن جو آواز ٻڌي نٿي سگهيو. هن جي آڏو برف ڄمڻ جا نظارا فلم جيئن ڦرڻ لڳا. هن پردي تي ڏٺا سڪل گاهه، سورج مکيءَ جا گل ۽ ڏانڊيون جن جي مٿان برف ڄمي پئي هئي، اها سياري جي اچڻ جي پهرين نشاني هئي.
سورج جا تيز ڪرڻا هن جي اکين سان ٽڪرايا ته، هن جا ستل سور جاڳي پيا. هن کي لوندڙيءَ ۽ مٿي ۾، سخت سور محسوس ٿيڻ لڳو. ڌنڌلا نظارا هاڻ هن جي اکين آڏو چٽي ۽ واضح شڪل وٺڻ لڳا. هن کي سامهون هڪ ٽڪنڊي جهڙو گهر نظر آيو، جنهن جي ويجهو جبل مان نڪرندڙ آبشار وهي رهيو هو ۽ سندس آواز ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ ڪا ساهه واري خلقت ساهه کڻي رهي هجي. کيس گهر جي ڀرسان ڪجهه وڻ به ڏسڻ ۾ آيا.
’وڻن جا پن اڇا ڇو هئا؟‘ هاڻي هو پوري طرح جاڳي چڪو هو. سندس ڪنن جا پردا هاڻي ماحول جي خاموشيءَ کي ٽوڙيندڙ آوازن کي، جهٽي سگهيا ٿي. کيس ڌيال پکيءَ جون رڙيون هاڻي پنهنجي ڪنن جي ويجهو محسوس ٿيون.
غيرارادي طور هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جلد ئي هو ڀڳل ڇت جيان، وري ڪري پيو. هن محسوس ڪيو ته ڄڻ سندس هڏا ٽڙڪي ڀڄي ڀري رهيا هجن. ان پيڙا کيس تسلي ڏياري ته، سندس دماغ ڪم ڪري رهيو هو ۽ هو واقعي زنده هو.
هن جي دماغ سوچڻ شروع ڪيو. کيس ياد آيو ته، سندس نالو ميخائل هو. هاڻ هو ٻيلي جي هل ۽ هنگامي ۾ به پنهنجو نالو ٻڌي سگهي ٿو.
سج اڀرڻ ڪري هاڻ هر ڏس ۾ روشني ئي روشني ڦهليل هئي. کيس هاڻ پڪ ٿي ته هو مڪمل هوش ۾ هو ۽ کانئس ڪير به حافظو کسي نٿي سگهيو. هاڻ هو پنهنجي وجود کي محسوس ڪري سگهيو ٿي. هو آسپاس جي نظارن کي چڱيءَ طرح ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهيو ٿي ۽ هو مشين گنن مان نڪرندڙ ڳورو ۽ گجندڙ آواز ٻڌي سگهيو ٿي، جيڪي بلڪل ويجهڙائيءَ کان اچي رهيا هئا.
هو ڳچ وقت کان هتي، هن حالت ۾ پيو هو. سندس ان عمل کي ڪيترا ڪلاڪ گذريا هوندا، جڏهن هن دشمن جي بارود جي ذخيري ۾ بم اڇليو هو. جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو هو ۽ ڌرتيءَ تي ڇانيل اونداهيءَ ۾ روشني ۽ دونهين جا بادل ڇانئجي ويا هئا. انهيءَ دونهين جي بادلن پويان سندن آڏو سندس ساٿين جا ناقابل شڪست چهرا تري آيا.
هن پنهنجي پوري قوت ميڙي، ريڙهيون پائڻ شروع ڪيون. هو اُڀريل سج طرف کسڪڻ لڳو. کيس پنهنجون ٽنگون ڪاٺ جيان سخت محسوس ٿي رهيون هيون. سخت سور سبب هو، ٿوري رڙهڻ کان پوءِ ٿڪجي ٿي پيو ۽ سائي گاهه ۽ وهندڙ آبشارن جي بستري تي گهڙي پل لاءِ آرام ٿي ڪيائين ۽ بندوق مان نڪرندڙ گولين جي ٺڪائن تي، طرف تبديل ٿي ڪيائين. هاڻ کيس پڪ ٿي ويئي هئي ته هو بچي ويندو.
هو سڄو ڏينهن ۽ رات ريڙهيون پائيندو رهيو. هاڻ هو نديءَ جي ڪناري تي پهتو ۽ ندي تري، وري رڙهڻ شروع ڪيائين. ٽئين ڏينهن جي صبح جو هو جبل جي اوٽ ۾ قائم ڪيل ڪئمپ ۾ پهتو.
”مون کي ڪمانڊر سان ملايو.“ ايترو چوندي هو وري بيهوش ٿي ويو. سپاهين تمام سخت ڪوشش کان پوءِ هن جا چپ کوليا ۽ ووڊڪا جا ڪجهه ڦڙا سندس وات ۾ نايا، جيڪي سندس نڙيءَ کان ٿيندا هيٺ هليا ويا. دل کي ڀائيندڙ سڳنڌ، سندس جسم ۾ ملي ويئي. زخمي سپاهي وري ان دنيا ۾ موٽي آيو، جيڪا ٿوري دير اڳ سندس اکين اڳيان گم ٿي ويئي هئي. سپاهين مانيءَ ٽڪرو سندس وات ۾ وڌو. هن ان کي چٻاڙيندي محسوس ڪيو ته، هو ڪيترو نه نٻل ٿي چڪو هو.
هڪ دفعو وري سندس اکين آڏو ڄاتل سڃاتل چهرا ڦرڻ لڳا، پر اهي حقيقي هئا نه ڪي خيالي، جيڪي سندس ٿڪل دماغ پهرين سوچيا ٿي.
”تيخون!“ هن بي اختيار زور سان ڳالهايو. ايئن ڪندي هو سڄو ڳاڙهو ٿي ويو. هڪ گرم هٿ سندس پيشانيءَ کي ڇهي رهيو هو. هاڻي هو خواب ڪو نه ڏسي رهيو هو. اهو سچ پچ ته ڪمانڊر جو هٿ هو.
”آرام ڪر منهنجا پٽ!“
اهو ساڳيو ئي پيار ڀريو آواز ڪمانڊر جو هو، جنهن ٽي ڏينهن اڳ چيو هو: ”وڃ اسان کي تو ۾ مڪمل ڀروسو آهي.“ هن ڪمانڊر کي چوندي ٻڌو ”هن کي ٻيو به وودڪا جو گلاس پياريو.“
ميخائل هڪ ئي ڌڪ سان سڄو گلاس پي ويو ۽ خالي گلاس هڪ سپاهيءَ کي ڏنو، جيڪو ڪمانڊر جي ڀرسان بيٺو هو.
”اسان سمجهيو ته تون مري چڪو آهين.“ ڪمانڊر اهو چوندي مرڪي ڏنو. ”ايتري قدر جو اسان تنهنجي سوڳ ۾ تعزيتي گڏجاڻي به ڪري ڇڏي. پر توکي جيئرو ڏسي اسان کي ڪيتري خوشي ٿي آهي، ان جو تون اندازو به نٿو ڪري سگهين!“
ميخائيل حيرت مان ڪمانڊر ۽ سپاهين ڏانهن نهاريو ۽ سندس ڳالهايل لفظن، ۽ حيرت ۾ وجهندڙ مرڪن کي محسوس ڪرڻ لڳو. هاڻ هن کي هر شيءِ پياري لڳي رهي هئي. سپاهي، ٻيلي جي سرءُ ۽ ان جي بهار ۽ جنگ جو دونهون..
”مرڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟ آءٌ زنده رهڻ چاهيان ٿو.“
”سچ ٿو چوين.“ ڪمانڊر وراڻيو.
ميخائل جو دماغ هاڻي صحيح ڪم ڪري رهيو هو. هرڪو منظر ۽ واقعو هن جي ذهن تي صاف ۽ چٽو ٺهڻ لڳو.
”آءٌ فتح جي آخري ڏينهن تائين، جڏهن نازين کي مڪمل طرح شڪست ايندي، زنده رهڻ چاهيان ٿو. سوڀ اکين سان ڏسڻ کان پوءِ، مرڻ ۾ ڪو به هرج نه آهي ۽ نه ئي ان جو مون کي ڪو ڏک رهندو.“
ڪمانڊر کلي ڏنو. هن سپاهين ڏانهن نهاريو ۽ وڏي واڪي چيو: ”ڪمانڊر منهنجو گواهه رهجانءِ! ميخائل سوڀ جي سج اڀرڻ کان پوءِ مرڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ڪندو.
اهو آڪٽوبر 1941ع جو وقت هو. ڌرتي ماءُ بندوقن مان نڪرندڙ گولين جي ٺڪائن سبب، ڌٻي ۽ ڏڪي رهي هئي.
ڏينهن ۽ هفتا گذري ويا. ڌرتي رت سان رنڱجي چڪي هئي. ڪمانڊر جنگ ۾ مري چڪو هو. ان جي ڊويزن جا بهادر فوجي ۽ ميخائل جا دوست سپاهي مارجي چڪا هئا ۽ سندن نالا، تاريخ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ محفوظ ٿي چڪا هئا. برفاني سيارو گذري چڪو هو. هاڻي برف ڳري رهي هئي ۽ گذريل سال جو وهيل رت، ڌرتيءَ تان ڌوئي رهي هئي.
هڪ ڀيرو وري بهار آئي. کيت ۽ ميدان چهچ ساوا نظر اچي رهيا هئا. شهيدن جي قبرن تي بهار جو پهريون سائو گاهه ڦٽو هو. بهار وئي ته اونهارو اچي ويو.
ڏکڻ ڏي نازي فوج ڊان ندي پار ڪري، وولگا ۽ ڪائوڪس ڏانهن وڌي رهي هئي.
وري ٻي سرءُ آئي، وري ٻيو سيارو آيو. ايئن نظر اچي رهيو هو ڄڻ جنگ ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.
ميخائل پنهنجو پاڻ سان سچو هو. ۽ هو هميشه جنگ ۾ سرگرم ۽ گرم خون سان رهيو. ڪئين دفعا هن سوچيو ته جيڪي سپاهي، هن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهي رهيا هئا، اهي دراصل بندوق جي دونهين ۽ توبن جي گوڙ ۽ گهمسان جا ڄاول هئا ۽ انهن جي ان کان سواءِ ٻي ڪابه زندگي هئي ئي ڪانه.
هاڻ جنگ ۾ تيزي اچي وئي هئي. انقلابي فوج دشمن تي ڀرپور حملو ڪيو، جنهن کي دشمن جي طاقت روڪي نه سگهي. ميخائل ۽ سندس دستو اڳتي وڌندو رهيو. هن جي آڏو سوين هزارين چهرا ايندا ويندا رهيا. هو انهن سڀن کي سڃاڻندو هو. ڀورا وار، ڪتابي چهرا، ڪوئلي جهڙا ڪارا ڀرون ۽ گهريون اکيون.
ميخائل چاهيو هو ته هو سدائين پنهنجن ساٿين ۾ رهندو ۽ کانئن ڪڏهن به جدا نه ٿيندو، پر پوءِ کيس هڪ ڏينهن لڳو ته موت دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي آهي.
ميخائل ۽ سندس ٻن ساٿين کي دشمن جي ڪئمپ ۾ جاسوسيءَ لاءِ موڪليو ويو. هو پورو هفتو ٻيلي ۾ ڀٽڪندا رهيا. ڏينهن جو هو گهاٽن وڻن ۾ لڪي پناهه وٺندا هئا ۽ رات جو سفر ڪندا هئا. سندن هڪ ساٿي زخمي ٿي چڪو هو. هنن ٻنهي کي پنڌ ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ساٿيءَ کي به کڻڻو ٿي پيو. رات جي اونداهيءَ ۾ ڪيڏي مهل بمن ۽ راڪيٽن جي بماريءَ سبب روشني ڦهلجي ٿي ويئي. دشمن جي ڪئمپ جي ويجهو هنن هڪ گهچڻ ۾ ڊاٻو ڪيو. ٿڌي پاڻيءَ سبب سندن پير ڄمي چڪا هئا. هو ڇاتيءَ تائين گپ ۾ اندر رهيا، ته جيئن رات جو دشمن طرفان وسندڙ گولن کان بچي سگهن.
زخمي سپاهيءَ جو خون ميخائل جي ڪلهي کان ٿيندو هيٺ ڳڙيو. هن پنهنجي دوست کي ڌرتي ماءُ جي حوالي ڪيو ۽ پوءِ موت جو پٽو ڪراس ڪيو.
اهو هڪ ڏينهن اڳ جو واقعو هو. اڄ فقط ٻن ڄڻن ساوا گاهه لتاڙيندي، ٻيلو ڪراس ڪيو. ٻيلي مان روح کي ڀانئيندڙ سڳنڌ اچي رهي هئي. ميخائل پنهنجي ساٿيءَ جي ڪلهي تي ٻانهن رکي، پنهنجي زخمي ٽنگ کي ساهي ڏني. سندن پيرن هيٺان سائو سائو گاهه هو ۽ مٿي آسمان بلڪل نيرو ۽ صاف نظر اچي رهيو هو. سندس ساٿيءَ کي اوچتو ڪجهه ياد پيو ۽ پوءِ سندس آواز فضا ۾ گونجڻ لڳو: ”ياد ڪر تو حملي لاءِ ڪيڏي نه تڙپ ۽ خواهش ڏيکاري هئي. تو چيو ڪين هو ته آءٌ ان ڏينهن کي ڏسڻ لاءِ زنده آهيان ۽ ان لاءِ آءٌ مرڻ ۾ عار محسوس نه ڪندس. ڇا تو اهي لفظ ڪمانڊر کي ڪين چيا هئا؟ ڇا ايئن نه آهي؟ ته آءٌ توکي ٻڌايان ٿو ته اهو وقت اچي ويو آهي.“
”تنهنجو مطلب ته موت اچي ويو اهي؟ اڃا جنگ ۾ جڏهن اڌوري سوڀ مس حاصل ٿي هجي، ڪير مرڻ چاهيندو؟ تنهنجي خيال ۾ آءٌ پنهنجي وطن کي آزاد ڏسي نه سگهندس؟ نه ايئن بلڪل ڪو نه ٿيندو، پر جڏهن اسان پنهنجي وطن لاءِ آزادي حاصل ڪري سوڀارا ٿي موٽون ته پوءِ مون کي ڪو به ڏک نه ٿيندو ته، ڪا بندوق مان نڪرندڙ گولي، منهنجو خاتمو آڻي. امن ۽ آزاديءَ ۾ مرڻ جو مون کي ڪو به افسوس نه ٿيندو.“
جنگ ختم ٿيڻ جو ڪو به امڪان نظر نٿي آيو. بهار جلدئي گذري ويئي. ڪڻڪ جي ٻوڙن جا ڪک ڳرا ٿي پيا هئا. هي جنگ جو چوٿون اونهارو هو. رستن جي مٽي، سپاهين جي چهرن، بندوقن، ٽئنڪن، فوجي گاڏين، لاشن ۽ ٻيلي جي وڻن ۽ گاهن تي ڄمي تهه ٿي ويئي هئي. ڌرتي ڌماڪن سبب آبشارن جيان ڦاٽي پيئي هئي. هر شيءِ بارش جي تيز وهڪري وانگر وهي پيئي هئي. ڌرتي درد وچان ڪنجهي ۽ ڪرڪي رهي هئي. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ويڙهه سبب ڌرتيءَ تي نين قبرن جو واڌارو ٿيو هو. گرمي سهپ جڳي نه هئي. مٿان بارش به واڄٽ وڄائي ڇڏيا هئا ۽ پوءِ سرءُ جي موسم آئي. پن ڇڻڻ لڳا ۽ جنگ ۾ به تيزي اچي ويئي.
هڪ ڏينهن ميخائل پهاڙ جي چوٽيءَ تان دشمن جي ٺڪاڻي جو نشانو چٽي رهيو هو. اهي سڀ ڪوششون، نازين جي نئين حملي جي جواب ۾ ڪيون پئي ويون. نازي سندس مورچي ڏانهن وڌي رهيا هئا. ميخائل جيتوڻيڪ سوچيو ته اهو سودو کيس مهانگو پوندو ته به، هن فائرنگ جو حڪم ڏنو.
”تون خوش قسمت آهين، جو توکي ڪو نقصان نه رسيو“ انهيءَ ڏينهن سڄي دنيا جي اخبارن ۾ هيءَ خبر عام هئي. انقلابي فوج سرحد لڳ پهچي ويئي.
”تون موت کي هڪ دفعو وري ٺڳڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين.“ سندس ساٿيءَ اهو چوندي مرڪي ڏنو. ٻئي هڪٻئي جي ڀرسان هڪ آلي گپ واري کڏ ۾ ليٽيا پيا هئا. مٿان هلڪي ڦڙڦڙ پئجي رهي هئي. ميخائل پنهنجو هٿ پنهنجي ڀرسان ليٽيل ساٿيءَ ڏانهن وڌايو، ۽ وڏي واڪي رڙ ڪئي: ”منهنجا دوست! آءٌ آخري سوڀ تائين جيئڻ جي اميد رکان ٿو ۽ ان کان اڳ موت مون کي ماري نٿو سگهي.“
هڪ ٻي سرءُ گذري وئي. هڪ ٻيو سيارو لنگهي ويو ۽ هاڻي وري بهار آئي هئي. ميخائل جي ريجمنٽ دشمن جي ڳوٺن ۽ شهرن مان لنگهي رهي هئي. اوپري ڌرتيءَ جي مٽي، هنن جي بوٽن سان چهٽي پيئي هئي. اوپري آسمان هنن جي مٿان هو. گلاب جا گل کلي ۽ مرڪي رهيا هئا، پر بندوقون رڙي رهيون هيون. دنيا جون نظرون جنگ ۾ کتل هيون. ميخائل جنگ جي ميدان ۾، مسلسل وڙهي رهيو هو. سندس جسم جي هر زخم ۾ باهه ٻري رهي هئي.
هڪ دفعو وري موت هن جي چئوڦير پنهنجو ڄار ڦهلايو. سرجن سندس آپريشن ڪئي. هڪ دفعو وري هن لاءِ دنيا جي هر شيءِ، ويسر جي ساگر ۾ ٻڏڻ لڳي. دنيا سوڀ جو ڏينهن ملهائڻ جي تيارين ۾ هئي، ۽ هيڏانهن ميخائل موت سان آمهون سامهون هو. مئي جو سج اسپتال جي درين پٺيان ٻڏي رهيو هو.
”ڇا تون منهنجو پلنگ دريءَ جي ويجهو گسڪائي آڻيندين؟“ ميخائل چيو.
هن جو بسترو دريءَ ڀرسان آندو ويو. زخمي ميخائل دريءَ جي ٻاهران، کليل ميدانن ڏانهن نهارڻ لڳو. انهيءَ شام ميخائل آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ ڇٽندڙ گولين جا ٺڪاءَ ٻڌا ۽ سوڀ جي خوشيءَ ۾ ٻرندڙ ڏياٽيون ڏٺيون، جيڪي نئين آسمان کي روشن ڪري رهيون هيون.
اباڻي ڌرتي ۽ ان جا ساوا جبل، ۽ سدا وهندڙ درياهه هن کان ڪوهين ڏور هئا. سندس ٻالڪپڻي مٿس مرڪي ڏنو ۽ هن تي پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ ڪهاڻيون، جادوئي اثر ڪرڻ لڳيون. هن جي ڌرتي، جتان هن جنگ جي شروعات ڪئي هئي، کانئس ڪيترو نه پري هئي. هن کي ياد آيا پنهنجي ڪمانڊر جا لفظ: ”تون هڪ ڏينهن ضرور سوڀ اکيئين ڏسندين.“
..........”تون موت کي هڪ دفعو وري شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين. تون جلد ئي صحتمند ٿي اٿندين. مون کي ان ۾ يقين آهي، ڇاڪاڻ جو جڏهن جيجل ماءُ آزاد هجي ته تون قطعي مرڻ پسند نه ڪندين. ڪيئن نه؟“
ميخائل مرڪي ڏنو. ”تون سچ ٿو چوين ڪمانڊر، موت ڪا سٺي شيءِ به نه آهي، جو پسند ڪجي. اسان کي اڃان ته پنهنجي گهر موٽڻو آهي. اسان کي زندگيءَ ۾ اڃان گهڻو ڪجهه ڏسڻو پيو آهي ۽ اڃان ته جيجل ڌرتيءَ ڪاڻ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ ها انهيءَ لاءِ، آءٌ زنده رهڻ چاهيان ٿو.“
”تون هڪڙو ئي ناهين منهنجا دوست! زنده رهڻ لاءِ ته، اسين سڀ وڙهون پيا.“
هاڻي مئي 1945ع جو وقت اچي ويو هو
***