استاد پيرل قمبر

عوامي شاعر استاد پيرل قنبر جو اصل نالو پير محمد سومرو ھو. ھن امام بخش سومري جي گهر ۾، 17 جولاءِ 1933ع تي ڳوٺ بٺي لڳ مبارڪ ڪلھوڙي، تعلقي ميرو خان ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قنبر- شھدادڪوٽ) ۾ جنم ورتائين. ابتدائي تعليم ۽ فائينل (سنڌي) جو امتحان قنبر مان پاس ڪري، پرائمري استاد ٿيو. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ گاجي کھاوڙ، جانيءَ جي بند، ڳورڙ واھہ، بوھڙ ۽ قنبر جي پرائمري اسڪولن ۾ پڙهائي ۽ 1978ع ۾ رٽائر ڪيائين. 1950ع ۾ جڏهن قنبر ۾ پرائمري استاد ھو، تڏهن مجازي عشق جي چوٽ کيس پير محمد مان پيرل قنبر بنائي، شاعر بنائي ڇڏيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ قنبر کي خيرباد چئي شھدادڪوٽ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين، پر قنبر سان ساڳيو نينھن جو ناتو قائم رکيائين. سنڌ جا ڪيترا شاعر گل، بيوس بشير، قمر الدين قمر، زبيدہ ميتلو، مينھل عباسي، قادن عباسي، ناشاد رشيد، محرم مستوئي، منظور مگسي، تاجل فقير ۽ ٻيا سندس شاگرد ھئا. استاد پيرل پنھنجي زندگيءَ ۾ ’بزم پيرل قنبر‘ جو بنياد وڌو، جيڪا ھن وقت ’پيرل قنبر ادبي سنگت‘ طور ڪم ڪري رهي آھي.
استاد پيرل سنڌيءَ کان سواءِ سرائيڪي، اردو ۽ ھنديءَ ۾ بہ شاعري ڪئي. شاعريءَ جي سڀني صنفن تي لکيائين. ھن سنڌي فلمن جھڙوڪ: سورٺ، ھاري، پرائي زمين، سوڍا پٽ سنڌ جا، غيرت جو سوال وغيرہ جا گيت بہ لکيا. ھن اسٽيج ڊراما، ڳجهارتون ۽ ھمرچا بہ لکيا. سندس ڪلام ريڊيو ۽ ٽي. وي تان بہ ڳاتو ويو آھي. سڄي عمر شادي نہ ڪيائين. 24 ڊسمبر 1994ع تي وفات ڪيائين، ’ڪڙڪ مقام شھدادڪوٽ‘ ۾ دفن آھي. ھر سال سندس شاگرد، سندس ورسي ڌام ڌوم سان ملھائيندا آھن.

  • جنم: 1933-07-17
  • ورسي: 1994-12-24
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image