انور ابڙو

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نويس انور ابڙو پهرين جنوري 1965ع تي ڳوٺ لالي جا ڀاڻ، تعلقي ڏوڪري (هاڻي تعلقو باقراڻي)، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪري مان انٽرميڊئيٽ (1985ع)، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، ڄامشورو (1991ع) مان بي اِي (ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ)، فيڊرل اردو يونيورسٽي آف آرٽس اينڊ سائنس، ڪراچي مان ايم. اي (صحافت) جون ڊگريون حاصل ڪيون. گڏوگڏ آغا خان يونيورسٽيءَ مان ڊپلوما اِن اسڪول مئنيجمينٽ ڪئي. انور ابڙي، 1995ع ۾ ڪجهه عرصو پاڪستان اسٽيل ملز ۾ انجنيئر طور ڪم ڪيو. ان بعد هن 1995ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ملازمت حاصل ڪئي، جتي هن 2012ع تائين مختلف عهدن تي ڪم ڪيو. 2012ع ۾ جڏهن سنڌ مدرسي کي يونيورسٽيءَ جو درجو مليو ته انور ابڙو پي آر ڊپارٽمينٽ ۾ اول پي آر او، ان بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو. سنڌ مدرسي ۾ هو ٽه ماهي رسالي ”سنڌ مدرسه ڪرانيڪل“ جو ايڊيٽر رهيو، جتي بهترين ڪارڪردگيءَ تي کيس ڪجهه اوارڊ به مليا. انور ابڙي جا ڪهاڻي، ناول ۽ ٻين موضوعن تي چوڏهن ڪتاب شايع ٿيل آهن. هن شاعريءَ سان گڏ ڪالم نگاري ۽ ترجمي نگاري به ڪئي آهي. سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ڪجهه ڊاڪيومينٽريز به لکيون ۽ انهن جي هدايتڪاري به ڏني. هو سنڌ جي اهم ادبي رسالن جو ايڊيٽر به رهيو آهي. صحافي ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ هن مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن لاءِ علمي، ادبي ۽ سماجي موضوعن تي ڪيترائي ليک لکيا آهن. هو ماهوار ’سنڌ سجاڳ‘ ڪراچي، ماهوار ’روح رهاڻ‘ ڪراچي، ’مڊويڪ‘ ميگزين، روزنامه ’جنگ‘ ڪراچي، روزاني ’پڪار‘ ڪراچي، ماهوار ’معمار‘ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، ماهوار ’سارس‘، ماهوار ’سوڀ‘ ڪراچي، هفتيوار ‘ڪاوش دنيا‘ ۽ ڪاوش ‘مڊويڪ مئگزين‘ ۾ اعزازي طور مختلف عهدن تي ڪم ڪري چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’خودڪشيءَ جو رومانس‘ (ڪهاڻيون: 2001ع)، ’رهنما‘ (ترجمو: 2004ع)، ’ڳورهاري عورت جا مسئلا ۽ حق: حقيقت ڇا آهي‘ (ترجمو: 2008ع)، ’ڀڳل رانديڪو‘ (ناول 2008ع)، ’ٻڌو، پڙهو ۽ رنگ ڀريو‘ (معاون ليکڪ: ٻارن لاءِ ابتدائي سنڌي قاعدو، 2009ع)، ’هڪ عظيم زرعي ڌوڪو‘ (ترجمو: 2009ع)، ’منهنجو چنڊ مارجي ويو‘ (ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري: 2009ع)، ’عورتون سياست ۾‘ (ترجمو: 2011)، ’اکر اکر تاريخ‘ (ترتيب)، ’اڌ صديءَ جو اوجاڳو‘ (ليک: 2013ع)، ’پهرين جنوري‘ (ڪهاڻيون: 2015ع)، ’هڪ مهمان ڇوڪري‘ (ناول: 2016ع)، ’عني ۽ مائو‘ (ٻاراڻيون ڪهاڻيون: 2016ع)، ’حسن علي آفندي: سنڌ مدرسته الاسلام جو باني‘ (ترجمو: 2016ع)، ’قلم جا وارث‘ (خاڪا ۽ علمي ادبي ۽ فڪري جائزو: 2017ع)، ’قائداعظم محمد علي جناح: تعليم، جدوجهد ۽ حاصلات‘ (ترجمو: 2018ع)، ’ننڍڙو چنڊُ‘ (ناول: 2018ع)، ’چوڌاري چمڪاٽ‘ (ٻارن لاءِ تقريرون ۽ خاڪا: 2018ع)، ’روشني ڪي مينار-حيدر بخش جتوئي‘ (اردو ۾)، ’ايڪهين صديءَ جو ادب‘ (مهاڳ، اڀياس، تبصرا ۽ رايا 2019ع)، ’وڏي ڀيڻ‘ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 2020ع) ۽ ’وبا کان چورايل پلَ‘ (ڪورونا تي لکيل ڪهاڻيون: 2021ع) شايع ٿي چڪا آهن. انور ابڙي مختلف ٽي. وي چئنلن لاءِ ڊراما، سيريل ۽ سولو پلي پڻ لکيا، جيڪي پي ٽي وي تان نشر ٿي چڪا آهن، جن ۾: ’ڪشالا‘ (سيريل)، ’سيج‘ (سيريل)، ’باک جي آس‘ (سولو پلي)، ’ڳوڙهن سندا گل‘ (سولو پلي)، ’عروج‘ (سولو پلي)، ’پهرين عيد‘ (سولو پلي) مشھور آهن. هن مختلف ٽي وي چئنلن لاءِ انٽرويو پڻ ڪيا. هو هن وقت ڪراچي ۾ رهي ٿو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي انور ابڙو جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


انور ابڙو جا ڪتاب

عَني ۽ مَائُو، ليکڪ : انور ابڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
عَني ۽ مَائُو
ليکڪ : انور ابڙو
چوڌاري چمڪاٽ، ليکڪ : انور ابڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
چوڌاري چمڪاٽ
ليکڪ : انور ابڙو
پھرين جنوري، مصنف : انور ابڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پھرين جنوري
مصنف : انور ابڙو
ننڍڙو چنڊ، مصنف : انور ابڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ننڍڙو چنڊ
مصنف : انور ابڙو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ