عباس ڪوريجو

Author Name
عباس ڪوريجو سورھين سيپٽمبر 1983ع تي ڳوٺ ڪوريجا (محمد بخش ڪوريجو) تعلقي قمبر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ زميندار حاڪم علي ڪوريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيئڻ ابڙي مان،انٽرميڊيئيٽ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج قمبر مان ڪئي. جنهن بعد شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ماسٽرس (ايڪنامڪس ۾) ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي (سنڌي ادب ۾) فرسٽ ڪلاس،  فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي،جنهن تي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران سنڌي ادب ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ”گولڊ ميڊل“ ۽ ”سلور ميڊل“ ڏنا ويا. جڏهن تہ پاڻ ڪمپيوٽر سائنس ۾ به ماسٽرس ڪيائون. پيشي جي لحاظ کان پاڻ ھن وقت  دُبئي ۾ ذاتي ڪاروبار ڪندو آھي. 
عباس ڪوريجي اٺين درجي ۾ پھرين ڪھاڻي ”پاڇا“ لکي، جنهن بعد لاڳيتو لکندو پئي ويو ۽ سندس ڪھاڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، سندس ڪهاڻين جو پھريون مجموعو ”چنڊ پيرن ھيٺ “ نالي سان شايع ٿيو. 
عباس ڪوريجو کي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن جي مڃتا ۾ مختلف ادارن طرفان ايوارڊ به ڏنا ويا جن ۾ خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ”سال 2014ع جو بھترين ڪھاڻي ڪتاب“ ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت طرفان سال 2006ع ۾ ”بھترين سيڪريٽري شاخ قمبر“ جو ايوارڊ، 
مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي پاران ”نوجوانن سان مِلو“ جي سِري ھيٺ ايوارڊ، اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبي پاران ”پھرين پوزيشن“ ايوارڊ ۽ اين.ايس.ٽي پاران ”بھترين يونٽ منتظم“ ايوارڊ شامل آهن. ڪمپيوٽر جي شعبي ۾ خاص مھارت رکندڙ عباس ڪوريجي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جا فونٽ، سنڌيءَ ۾ ادبي ويبسائٽون، سنڌي ادب جي ڊجيٽلائيزشن جهڙيون خدمتون به سرانجام ڏنيون آهن. 
عباس ڪوريجو جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن. 

  1. چنڊ پيرن ھيٺ (ڪھاڻيون) 
  2. پنھنجي ڌرتي (ڪھاڻيون) 
  3. جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (تحقيق) 
  4. ادب ۽انتهاپسندي (مضمون)
  5. وڻ (ناول)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عباس ڪوريجو جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


عباس ڪوريجو جا ڪتاب

پنهنجي ڌرتي، ليکڪ : عباس ڪوريجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پنهنجي ڌرتي
ليکڪ : عباس ڪوريجو
جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع، ليکڪ : عباس ڪوريجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع
ليکڪ : عباس ڪوريجو
چنڊ پيرن هيٺ، ليکڪ : عباس ڪوريجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
چنڊ پيرن هيٺ
ليکڪ : عباس ڪوريجو
جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)، ليکڪ : عباس ڪوريجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)
ليکڪ : عباس ڪوريجو
ادب ۽ انتھاپسندي، مصنف : عباس ڪوريجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ادب ۽ انتھاپسندي
مصنف : عباس ڪوريجو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ