ڪالم / مضمون

ادب ۽ انتھاپسندي

ھي ڪتاب تحقيقي، تنقيدي ۽ معلوماتي مضمونن تي ٻڌل آهي. عباس جي لکڻ جو انداز ڀلو هوندو آهي. هو گهڻي ڊيگهه بجاءِ معلومات، تفريح ۽ ڪم جي ڳالھہ تي وڃي پھچندو آهي. ڪتاب جو شروعاتي مضمون ئي دبئيءَ بابت آهي، جنھن جو موضوع آهي" دبئي: جتي خيال وڪامن ۽ خواب اگهامن ٿا". هڪ زبردست معلوماتي ۽ تجزياتي مضمون آهي. سندس ڪتاب ۾ وائيءَ بابت هڪ اهم مضمون "وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين" پڻ شامل آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي عوامي شاعر ڪشنچند تيرٿداس " بيوس" کتري بابت مضمون "جديد سنڌي شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ" پڻ شامل آھي. ھن دور جي اهم عنوان بابت شامل مضمون "ادب ۽ انتھاپسندي" پڻ پڙهڻ وٽان آهي، جنھن ۾ انتھاپسندي جي مختلف قسمن سان گڏ اديب جي ڪردار ۽ انتھاپسندي جي جمود کي ٽوڙڻ ۾ ادب جي ڪردار تي لکيو آهي.

  • 5.0/5.0
  • 32
  • 12
  • هڪ سال اڳ
  • 0
Title Cover of book ادب ۽ انتھاپسندي
سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عباس ڪوريجي جي لکيل مضمونن جو ڪتاب ” ادب ۽ انتھاپسندي“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
ھي ڪتاب تحقيقي، تنقيدي ۽ معلوماتي مضمونن تي ٻڌل آهي. عباس جي لکڻ جو انداز ڀلو هوندو آهي. هو گهڻي ڊيگهه بجاءِ معلومات، تفريح ۽ ڪم جي ڳالھ تي وڃي پھچندو آهي. ڪتاب جو شروعاتي مضمون ئي دبئيءَ بابت آهي، جنھن جو موضوع آهي" دبئي: جتي خيال وڪامن ۽ خواب اگهامن ٿا". هڪ زبردست معلوماتي ۽ تجزياتي مضمون آهي. سندس ڪتاب ۾ وائيءَ بابت هڪ اهم مضمون "وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين" پڻ شامل آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي عوامي شاعر ڪشنچند تيرٿداس " بيوس" کتري بابت مضمون "جديد سنڌي شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ" پڻ شامل آھي. ھن دور جي اهم عنوان بابت شامل مضمون "ادب ۽ انتھاپسندي" پڻ پڙهڻ وٽان آهي، جنھن ۾ انتھاپسندي جي مختلف قسمن سان گڏ اديب جي ڪردار ۽ انتھاپسندي جي جمود کي ٽوڙڻ ۾ ادب جي ڪردار تي لکيو آهي.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ڪنول پبليڪيشن ۽ عباس ڪوريجي جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ڪتاب جو مطالعو ڪريو
سنڌسلامت پاران

ارپنا

دبئي: جتي خيال وڪامن ۽ خواب اگھامن ٿا

وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين

جديد سنڌي شاعريءَجو ”وليم ورڊس ورٿ“

عقل ننڍڙو ٻار. . .

اچو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جا سهڪاري بڻجون!

28 ڊسمبر جا شهيد ڪتاب

“ابيات سنڌي” جي ترتيب ۽ تاليف

مرڪ، ڪائنات ۽ سنڌ

اونداهين جو انڪاري شاعر

دنيا ڪھاڻين تي قائم آھي

سوشل ميڊيا ۽ اسان جي تعليم

ادب ۽ انتهاپسندي

پي ايڇ ڊيءَ جو موضوع بڻجي ويل الطاف شيخ

خطري هيٺ آيل ٻوليون ۽ سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو

ڪلچريا ثقافت جو مثبت استعمال

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف عباس ڪوريجو
  • ڇپيو ويو 2022
  • ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 29/Jun/2023
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
  • لاٿو ويو 12 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون