وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين
وائي لاڙ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي سرائتي صنف آهي. جيڪا سنڌي شاعريءَ جي ٻہ صديون پراڻي دور کان شروع ٿي ۽ پنهنجي وچين ڪلاسيڪي دور ۾ اعلى مقام تي پهتي ۽ موضوعاتي انفراديت کڻي جديد دور ۾ لکجي رهي آهي. هن صنف لاءِ چيو ويندو آهي تہ اها ڳائڻ مان سرجي آهي ۽ هن جو بنياد ڇند يا عروض جي لفظي ڪاريگري بجاءِ تنبوري جي تنوار تي رچيل آهي.
پروفيسر محرم خان لکي ٿو، ” وائي ميان عنات رضويءَ جي وقت ۾ نسري نروار ٿي، ۽ بلال شاھہ ۽ لطيف سائينءَ جي دور ۾ وڃي اوج کي پھتي آهي، سندس اهو اوج خليفي نبي بخش ۽ قنبر علي شاھہ جي زماني تائين بہ پوريءَ طرح سان قائم رهيو آهي. سنڌي شاعريءَ جو اهو سڄوئي دور وائيءَ جي وجود تي ناز ڪندو پئي آيو، تان جو ڪافيءَ اچي اهو ميدان والاريو آهي.“ (1)
وائي سنڌي ۾ پھرين ڪنھن لکي؟ ان بابت ميون شاھہ عنات کان پھرين رڳو حوالا ۽ ذڪر ملن ٿا پر ميون شاھہ عنات جي ڇپيل ڪلام ۾ ڪيتريون ئي وايون ملن ٿيون، ان حوالي سان مليل تاريخ مطابق ميون شاھہ عنات وائيءَ جو پھريون شاعر آهي. ميون شاھہ عنات موسيقي سان دلچسپي رکندڙ ۽ رنگين طبع جو مالڪ هڪڙو عظيم فنڪار ۽ ماهر موسيقارهو ۽ اها موسيقي ئي کيس شاعريءَ طرف وٺي آئي هوندي. وائيءَ جو موجد ڪير بہ هجي پر ميون شاھہ ان کي سنواري سڌاري نروار ڪيو.
”وائي“ لفظ تي هڪ نظر:
سڀ کان پھرين لفظ ”وائي“ بابت موجود روايتن تي نظر ڦيرايون ٿا. ٻڌايل روايتن مطابق اهو لفظ هندي ٻولي جي لفظ ”واڻي“ يا ”ٻاڻي“ مان نڪتل آهي، ڪجهہ ٻين محققن جو خيال آهي تہ اهو پراڪرت لفظ ”وايا“ يا سنسڪرتي لفظ ”ورت“ يا تہ عربيءَ جي لفظ ”واءِ“ مان ورتو ويو آهي، جنھن جي معنى آهي ”ڳالهہ ٻولهہ”.
”وائي ڏکڻ سنڌ يعني لاڙ جو هڪ مقامي ۽ نج سنڌي لفظ آهي ۽ لغت جي اعتبار کان معنى اٿس: آواز ۽ سر، ڀڻڪو، بيان، گفتگو، زبان ۽ ڳالهہ ٻولهہ وغيرہ جنھن کي عام اصطلاح ۾ ٻولي بہ چئجي تہ ڳالهہ ٻولهہ ۽ گفتگو بہ سڏجي.“ (2)
اسين شاھہ جي ڪجهہ بيتن جون مصرعون وائيءَ لفظ جو مفهوم ڄاڻڻ لاءِ مثال طور آڻيون ٿا. جن مان اها سڌ ملي ٿي تہ شاھہ صاحب پڻ اهو لفظ عام معنى ۾ استعمال ڪيو آهي. جيئن:
راجا رتولن ۾، ورنائي وائي.
(سر سورٺ)
اڄ پڻ وايون ڪن وڻجارا وڃڻ جون.
(سر سامونڊي)
يا عام طور تي سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي تہ، ” وائي تہ ڪا چڱي ڪڍ!“ يا ” وايون بتال ٿي ويس“
مٿين ڳالھين مان واضع اشارو ملي ٿو تہ وائي ڪو غير سنڌي لفظ ناهي. پر اهو سنڌي شاعريءَ ۾ اڳي کان موجود آهي.
وائي صنف بابت رايا:
محققن جو خيال آهي تہ شاھہ عنات رضويءَ کان اڳ ۾ وائيءَ جو ڪو نمونو نٿو ملي، سو چئي سگهجي ٿو تہ شاھہ عنات وائيءَ جو قالب گهڙيو ۽ شاھہ عبد اللطيف ڀٽائي ان ۾ روح ڦوڪيو.
شيخ اياز لکي ٿو، ” وائيءَ جو گهاڙيٽو بلا شاھہ جي پنجابي شاعريءَ تان ڀٽائيءَ ورتو هو، ۽ ڀٽائيءَ تان مون وٺي، ان ۾ نئين جان پيدا ڪئي.“ (3)
حسام الدين راشديءَ جو خيال آهي تہ شاھہ لطيف ”ڪافيءَ“ تي ”وائي“ نالو رکيو.
مخدوم طالب المولى جي چوڻ مطابق،” وائي، بيت، مدح يا قصيدي مان ٺهي آهي، ڇو تہ انهن ٽنھي صنفن جو گهاڙيٽو ساڳيو آهي.“ (4)
ميمڻ عبد المجيد سنڌي ان خيال جو آهي تہ وائي ۽ ڪافي هڪ ئي قسم جي شعر جا ٻہ نالا آهن، لاڙ ۾ ان کي وائي ۽ اتر سنڌ ۾ ان کي ڪافي سڏيو ويندو هجي.
مير عبدالحسين سانگيءَ چواڻي،” شاھہ لطيف وٽ جيڪي ٻہ هندستاني گويہ ”چنچل ۽ اٽل“ آيا، ۽ شاھہ جي ڪلام کي ترتيب ڏئي سرن ۽ داستانن ۾ ورهايو، انھن ئي ”واڻي“ نالو رکيو هجي تہ عجب نہ آهي، جو پوءِ ڦري ”وائي“ ٿي ويو هجي.“(5)
وائيءَ جو گهاڙيٽو:
وائيءَ جي پھرين بند کي ٿلهہ چئبو آهي ۽ باقي سٽون/مصرعون الڳ الڳ بند يا شعر سڏجن ٿيون، جن جو قافيو آخر ۾ اچي ٿو ۽ پوءِ وراڻي ايندي آهي. ٻن کان ويھن بندن جون وايون ملن ٿيون، هندي ڇند جي 18 وزنن تي لکي وئي آهي. بناوت جي لحاظ کان هيڪوڻي، ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي ٿيندي آهي. بيت وانگر ڇند وديا تي آڌاريل هجي ٿي. هر بند کان پوءِ ورجاءَ واري سٽ بار بار اچي مرڪزي خيال کي اثرائتو بڻائي ٿي. جنھن جي ڪري خيال ۾ وسعت ۽ رواني پڻ پيدا ٿئي ٿي، جنھن سان هن صنف جو حسن اڃا بہ نکري پوي ٿو. وائيءَ جي اوائلي شڪل ”گنان“ سان ملندڙ جلندڙ آهي. ميون شاھہ عنات جون ٿلهہ سان گڏ فقط هڪ مصرع/بند واريون وايون بہ ملن ٿيون تہ هڪ کان وڌيڪ بہ. وائي جي هر پھرين سٽ جي پوئين اڌ جو ورجاءُ ٿئي ٿو، پر اهو ضروري بہ ڪونھي شاھہ سائين جي سڀني واين ۾ ائين نہ آهي، وائي هڪ ڊگهو بيت آهي، جيڪو ٽن يا چار سٽن کان وڌيڪ بہ ٿئي ٿو. ڪاموڏ، حسيني ۽ سر سريراڳ جون وايون ڊگهيون آهن، جيڪي 12 کان 24 سٽن تي مشتمل آهن.
موجودهہ دور ۾ وائي ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي گهاڙيٽي تي عام جام لکي وڃي پئي ۽ اڪثر شاعر اٺ بندن تائين سرجن پيا.
گنان ۽ وائيءَ ۾ هڪ جھڙائي:
سومرا دور ۾ اسماعيلي فرقي جا مبلغ سنڌ ۾ آيا ۽ انھن تبليغ لاءِ هتي جي مقامي ٻولين ۾ شعر چيا ۽ ان ڪلام کي گنان سڏيو ويو، ان ڪلام کي گنان ان ڪري بہ سڏيو ويو جو شايد اهو ”گيان“ لفظ جي بدليل صورت ٿي سگهي ٿو. پير شھاب الدين ۽ سندس فرزند پير صدرالدين گنان چيا. گنان مسلسل نظم جيان آهي، هر بند ۾ دوهي جھڙو سٽاءُ اٿس، شروع ۾ هڪ وراڻي ٿئي ٿي جيڪا هر بند کان پوءِ دهرائجي ٿي. وائيءَ جي صنف بہ لڳ ڀڳ هن صنف جهڙي آهي، جيڪا واضع ثابتي آهي تہ وائيءَ کان پھرين بہ سنڌي شاعريءَ ۾ وائيءَ جھڙي صنف موجود هئي.
وائيءَ ۽ ڪافيءَ ۾ هڪ جھڙائي:
ڪافي لوڪ ادب جي صنف آهي، اوائلي شاعر حاجي جانڻ آهي. شيخ اياز لکي ٿو، ” پھريان ڪافي شاھہ حسين پنجابيءَ ۾ چئي، بعد ۾ نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد سنڌيءُ ۾ چئي.“ (6)
برهانپور ڪي سندهي اولياءَ جو مولف ڪافيءَ کي سنڌ جو مقبول راڳ سڏي ٿو. چيو ويندو آهي تہ ڪافي اهو چوي جيڪو اهلِ دل هجي. مصري شاھہ کي ڪافين جو بادشاھہ شاعر سڏين ٿا.
ميمڻ عبد المجيد جي راءِ مطابق تہ لاڙ ۾ ان صنف کي وائي ۽ اتر سنڌ ۾ ڪافي سڏيو ويو هوندو، يا ائين کڻي چئجي تہ لاڙ ۾ شاھہ عبد الطيف ان کي وائي سڏيو، اتر سنڌ ۾ صاحب ڏني فاروقيءَ ڪافي سڏيو هجي. ان ڳالهہ مان تصديق ٿئي ٿي تہ ٻنهي صنفن ۾ هڪ جھڙائي موجود آهي.
ڪتاب ”سرهاڻ“ ۾ وائيءَ کي ٺمري جي هئيت ۾ ڄاتو ويو آهي، اڪثر موسيقيءَ جي استادن ڪافيءَ لاءِ بہ ائين چيو آهي.(7)
وائيءَ جيان ڪافي بہ هيڪوڻي، ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي ٿيندي آهي.
وائيءَ ۽ ڪافيءَ ۾ نمايان فرق:
”جيئن چوندا آهن تہ هرڻ پنهنجي ذات ۽ ڦاڙهو پنهنجي ذات بلڪل اهڙيءَ طرح ئي ڪافي ٻي شيءِ ۽ وائي ٻي شيءِ آهي. اها ڳالهہ فقط حڪيم عبد الغفار شاھہ محسوس ڪئي آهي تہ ” متاخرين غلط فھميءَ ۾ اچي وائيءَ کي ڪافي سمجهي ويٺا آهن، ڇو تہ سنڌ ۾ شعر يا موسيقيءَ جو ايترو اضافي مواد موجود نہ هو، تنھن ڪري اهو امتياز نہ رهيو تہ وائي ڪھڙي شيءِ آهي ۽ ڪافي ڪھڙي چيز آهي.“ (8)
ڪافيءَ ۽ وائيءَ جي تقابلي جائزي لاءِ هتي ڪجهہ نمايان ڳالھيون ونڊجن ٿيون.
ڪافي ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ لوڪ ادب جي صنف آهي، جڏهن تہ وائي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ جي مقبول صنف آهي.
ڪافيءَ ۾ ڪوبہ وڌاءُ يا مبالغو ناهي ٿيندو ۽ وائيءَ ۾ مبالغي جي پڻ اجازت آهي.
ڪافي ديپڪ راڳ جي صنف پڻ آهي، ان لاءِ اهو بہ چيو ويندو آهي تہ ڪافي اهو لکي جيڪو ساز ۽ سوز جو صاحب هجي، جڏهن تہ وائيءَ لاءِ اهو شرط ناهي.
ڪافي ديسي شاعريءَ جي صنف آهي، جنھن ۾ رسمن، رواجن، عشق محبت، وڇوڙي، وصل ۽ درد جون دانھون وغيرہ جھڙا موضوع هوندا آهن، جن کي وسعت ڏيڻ سان گيت جي شڪل ٺهي سگهي ٿي. جڏهن تہ مضمون جي لحاظ کان وائيءَ ۾ جدت ۽ انفراديت آهي. وائيءَ جو ڪوبہ موضوع طئہ ناهي. اها ڪهڙي بہ موضوع تي لکي سگهجي ٿي.
ڪافيءَ جي اڪثر وراڻي واري سٽ هر بند کان پوءِ تبديل ٿيندي ايندي آهي، جڏهن تہ وائيءَ ۾ اها ساڳي ئي رهندي آهي ۽ تبديل ناهي ٿيندي.
ڊاڪٽر عبدالجبار صاحب جن جي چوڻ مطابق ”وائي ۽ ڪافي ۾ فرق ئي وزن جي نظام جو آهي، وائيءَ لاءِ اها ڳالهہ ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي، هيءَ ڇند تي آڌاريل آهي، موسيقيءَ واري موزنيت ثانوي آهي.“
اسد جمال يوسفاڻي پنھنجي مضمون ”سنڌي ڪافي“ ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي صاحب جي راءِ جيئن جو تيئن هن طرح ڏني آهي،” تاريخي روايتن ۽ فني مطالعي کان پوءِ آءُ انهي نتيجي تي پھتو آهيان تہ: ”وائي ۽ ڪافي هڪ ئي شيءِ جا ٻہ نالا آهن.“(9)
وائيءَ جا دور:
هونئن تہ وائي مغلن جي دور کان ملي ٿي، جيڪو ان جي اوسر جو اوائلي دور پڻ آهي پر وائيءَ کي اسان ٽن دورن ۾ ورهائي سگهون ٿا.
پھريون دور: پھريون اوائلي دور جيڪو ٻہ صديون اڳ وارو آهي جڏهن سنڌ اڃا مغلن جي شھنشاهيت ۾ هئي، ان دور ۾ شاھہ عنات رضوي، وائيءَ کي ظاهري ويس پارايو پوءِ سندس اولاد مان محمد شريف رضوي پڻ ان تي طبع آزمائي ڪئي.
وچون دور: وائيءَ جو ٻيو دور شاھہ عبد الطيف ڀٽائيءَ وارو دور آهي. جنھن ۾ خليفي نبي بخش جون وايون مقبول آهن، شاھہ سائينءَ وائيءَ کي عرش تي پهچايو ان جو سبب اهو آهي تہ ميون شاھہ عنات بہ موسيقي سان دلچسپي رکندڙ گويو ۽ شاعر هيو تہ شاھہ سائين بہ تنبوري جي تان تي وائيءَ کي جهونگاري ان کي عرش تي رسايو. ميرن جي اوائلي دور ۾ قنبر علي شاھہ پڻ راڳ رنگ ذريعي وائيءَ کي مقبول ڪيو. ميرن جي زوال سان گڏ وائيءَ جو بہ زوال آيو ۽ ڪافي لکجڻ ۽ ڳائجڻ لڳي، انگريزن جي دور ۾ ڄڻ وائيءَ کي ملڪ بدر ڪيو ويو هو.
جديد دور: هي ٽيون دور آهي، جنھن ۾ اياز جو جنم ٿيو، جنھن سنڌي ڪلاسيڪي صنفن کي وري جيئاريو، بيت ۽ وائيءَ ۾ موضوعاتي تبديلي آندي ۽ رائج ڪيو.
وائيءَ جا قسم:
وائيءَ کي گهاڙيٽي جي لحاظ کان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
هيڪوڻي وائي:
هيڪوڻي وائيءَ جو مثال شاھہ جي وائيءَ مان وٺون ٿا، هن قسم جي وائيءَ ۾ وراڻي واري سٽ ناهي هوندي، پھرين سٽ ٿلهہ ۽ ٻيون ان جون هم قافيہ هونديون آهن. هن کي يڪي وائي بہ سڏجي ٿو.
سيڻن جيءَ سنڀار، جڏڙو جيءُ جيارئو.
پرين جيءَ پچار، جڏڙو جيءُ جيارئو.
ڪرم ڪريمن جي، اهُکيءَ وير اڪارئو.
صالحن جيئن سڏ ڪري، طالحن کي تارئو
اونهين تڙ عميق مان، پرين پوڄ پيارئو
سامهون ڪري سپرين، نرمل نور نهارئو
مرض مريضن تان، اشاري ساڻ اتارئو.
ڏيڍوڻي وائي:
گيت جي سريلي شاعر سرمد چانڊيي جي شيخ اياز تي لکيل وائيءَ جو نمونو جيڪو ڏيڍوڻي وائيءَ جي گهاڙيٽي تي مبني آهي. هن ۾ هڪ سٽ ۽ ان کان پوءِ ان جو وراڻو هوندو آهي جيڪو هر سٽ کان پوءِ دهرائجندو ايندو.
پائي ويٺي جهول ۾، ساريءَ سنڌ جو ساهہ
ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
هڪڙي هنج اياز ۽ ٻيءَ ۾ شاهن شاھہ
ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
اڳ کان اڳرو ٿي ويو، وانگين جو ويساهہ
ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
مٽيءَ جو ڇا مان آ، رهندو وقت گواهہ
ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
پيتو ڪنھن نہ پياڪ هو، امرتائين اٿاهہ
ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
ريس نہ ڪنھن جي ڀاڳ سان، هر ڪنھن پنهنجو چاهہ
ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
پاڻيءَ کان وڌ آهہ ڪو، پيارن منجھہ پساهہ
ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
ڪير هيو هن حال کان، عشق بنا آگاهہ
ڪيڏا ڀاڳ ڪراڙ جا.
ٻيڻي وائي:
شيخ اياز جي مشهور وائي جيڪا ٻيڻي وائيءَ جي گهاڙيٽي تي مبني آهي، هن ۾ ٻن سٽن جو شعر/بند ايندو آهي، ان کان پوءِ وراڻو ايندو آهي، هر بند کان پوءِ اهو وراڻو ورجائبو ايندو.
هو جي ڪالهہ تڏي
ڇپر منجهہ ڇڏي
ڪهہ ڄاڻان ڪاڏي ويا
هاءِ ويا هو قافلا
ڪهڙيءَ لوءِ لڏي
ڪهہ ڄاڻان ڪاڏي ويا
جن جا پيرا پوڄيا
منهنجي جيءَ جڏي
ڪهہ ڄاڻان ڪاڏي ويا
واڪا واڪا واءُ مان
ٿي اڄ سڃ سڏي
ڪهہ ڄاڻان ڪاڏي ويا.
وائيءَ جي موجودهہ حيثيت:
اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون تہ شيخ اياز موجودهہ دور ۾ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن جھڙوڪ بيت ۽ وائيءَ ۾ موضوعاتي تبديلي آندي ۽ ڀرپور لکيو ۽ نتيجي طور سندس هم عصر شاعرن پڻ ان تي پاڻ ملھايو موجوده دؤر ۾ سنڌي وائي کي سگهاري حيثيت حاصل رهي آهي.ڪيترن ئي سنڌي شاعرن هندي ڇند توڙي علم عروض تي وايون لکيون آهن، جھڙي طرح شاھہ سائين جي رسالي ۾ اٽڪل هر داستان جي آخر ۾ وائي ڏنل آهي ائين ئي جديد شاعرن جي شاعريءَ ۾ غزلن سان گڏ وائي پڻ شامل آهي، جيڪو وائيءَ جي مقبوليت جو پڪو ثبوت آهي.
موجوده دؤر ۾ شيخ اياز سٺيون وايون لکيون آهن، شيخ اياز وائيءَ کي هندي ڇند مان ڪڍي علم عروض تي پڻ لکيو پر وري هندي ڇند تي آڻي سونھن بخشي، اياز کان پوءِ ڪيترن ئي شاعرن عروض تي وايون لکيون. وائي لکندڙ شاعرن ۾ استاد بخاري، امداد حسيني، تنوير عباسي،فتاح ملڪ، سرڪش سنڌي، قمر شهباز، مير محمد پيرزادو، عبدالحڪيم ارشد، سرويچ سجاولي، انور پيرزادو،رشيد احمد لاشاري، سرمد چانڊيو، سعيد سومرو، محسن ڪڪڙائي، اياز گل ۽ ٻيا نالا شامل آهن جن جي قطار تمام ڊگهي آهي.
جديد دؤر ۾ وائي جو موضوع صوفيانہ هئڻ سان گڏ جديد حالاتن ۽ سنڌي معاشري جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو. شيخ اياز ۽ استاد بخاري وائيءَ جا اهم شاعر آهن.
استاد بخاريءَ جي وائي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
ڏيندا ڏيهہ ميار، او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪھڙو کڻبو.
ڪوٽن ۾ قيد پائي قابو، ڪير ٻڌي ڪوڪار او يار.
قومن ۾ ڪنڌ ڪھڙو کڻبو.
هوشو وارو نعرو ماري، ماري پاڻ جيار، او يار.
قومن ۾ ڪنڌ ڪھڙو کڻبو.
نيٺ ننڊاکڙا پٽڙا ٻڌندا، جيجل جي للڪار، او يار.
قومن ۾ ڪنڌ ڪھڙو کڻبو.
شيخ اياز جي وائيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
مان نہ هوندس
شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
ڪنھن ڪتيءَ جي شاخ تي، جنھن وقت آکيرو اڏيندس
شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
گيت ڳائيندينءَ جڏهن منهنجا تہ تو وٽ آءُ ايندس.
شاعري تو وٽ ڇڏيندس
اوڙڪون ٿي رات ڀر رابيل مان تو لاءِ نيندس
شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
رات جي راڻي جڏهن ٽڙندي تڏهن هٻڪار ڏيندس
شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
آءُ تنهنجي زندگي هان، موت ۾ ڪيئن منھن مٽيندس
شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
اڄ جي نوجوان شاعرن مان سعيد سومري جي هي وائي ڇند 11/13 تي لکيل آهي هتي نموني طور ڏجي ٿي.
ٿي تون باک نھار
من ڪو چـــينُ ملي پوي!
سيءَ ـــ سياٽي سانت ۾،
ٿوري مــــڌُ پِــــيارِ
من ڪو چـــينُ ملي پوي!
اوجاڳن ــــ آڙاهہ تان،
مرڪي نيڻَ اُتار
من ڪو چـــينُ ملي پوي!
اُجرا خواب بسنت جا،
مُرڪي ياد ڏيار
من ڪو چـــينُ ملي پوي!
ڳڀا ڪري وجود جا،
پنهنجي سينڌ سنوار
من ڪو چـــينُ ملي پوي!
نفرت ڇڏي ڪروڌ اڄ،
نگريون نينهن نکار
من ڪو چـــينُ ملي پوي!
سعيد سومري جي علم عروض جي رڪنن فاعلن فاعلن تي آڌاريل وائي نموني طور پڻ ڏجي ٿي.
سجُ ۽ سجُ ـــ مُکي،
ڳُجهہ ـ ڳالھين هزار،
مرڪ مُک صُبح تي.
دڳ شوالي مٿان،
سونھن ــ ساڳي سُڪارَ
مرڪ مُک صُبح تي.
منجهہ موتيءَ ــ گهٽيءَ،
رلُ اُها ئي نھارَ.
مرڪ مُک صُبح تي.
سنڌُ، ساجنُ سدا،
قرب، ٿورا، قرارَ.
مرڪ مُک صُبح تي.
هيجُ ـــ هيڏو هڳاءُ،
ڪَهُہ ڦڪا ڦُل يارَ!
مرڪ مُک صُبح تي.
***
حوالا:
- مضمون، ”سنڌ جي قديم سرائتي صنف“ پروفيسر محرم خان، پرک 1977، صفحو 131
- ساڳيو، صفحو 122
- ڪتاب، ”شاعريءَ جو صنفون ۽ صنعتون“ ظفر عباسي، صفحو 351
- ڪتاب، ”ڪافي“ مخدوم طالب المولى، صفحو 52
- ڪتاب، ”ڪافي“ مخدوم طالب المولى، صفحو 52
- ڪتاب، ”شاعريءَ جو صنفون ۽ صنعتون“ ظفر عباسي، صفحو 353
- ڪتاب، ” سنڌ ادب جي تاريخ“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، صفحو 332
- مضمون، ”سنڌ جي قديم سرائتي صنف“ پروفيسر محرم خان، پرک1977، صفحو 120
- مضمون، ”سنڌي ڪافي“ اسد جمال يوسفاڻي، مهراڻ 1984، (مقالا نمبر )